ساھ جي نالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ساھ جي نالي
Trachea

ساھ جي نظام ۾ ساھ جي نالي يا ٽرڪيا ڏيکاريل
تفصيل
شريان ھيٺين ٿائرائيڊ شريان جون ساھ جي نالي واريون شاخون
نس براڪيوسيفالڪ نس, ايزائگوس نس ھيميازائگوس نس
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي Trachea
ائناٽامي جا محاورا A06.3.01.001
ائناٽامي جو بنيادي ماڊل 7394
ائناٽامي جا محاورا


ساھ جي نالييا ٽريڪيا(انگريزي: Trachea ) اٽڪل 12 سينٽي ميٽر ڊگھي نالي آهي جيڪا اڳتي هلي ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي انھن شاخن کي برونڪائي Bronchi سڏجي ٿو.ان مان ھڪ کاٻي ڦڦڙ ڏانھن ۽ ٻي ساڄي ڦڦڙ ڏانھن وڃي ٿي.ڦڦڙن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اھي ھوا جون ننڍيون شاخون وڌيڪ ننڍين شاخن ۾ ورهائجي سڄي ڦڦڙ ۾ ڦھلجي وڃن ٿيون جن کي برونڪئول Bronchioles سڏبو آهي. برانڪول جي منھن تي ھوا جي ڳوٿري ھوندي آھي.جنھن کي ايلويئولي Alveoli سڏبو آهي.انھن ڳوٿرين ۾ ئي ھوا اچي جمع ٿيندي آهي۽ انھن ڳوٿرين سان وڪوڙيل رت جي نالين رستي، ڊفيوزن Diffusion جي عمل تحت آڪسيجن ڳوٿريءَ مان نڪري رت ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ رت مان نڪري ڳوٿرين۾ جمع ٿي ويندي آهي.جتان واپس ساڳئي رستي جسم مان خارج ٿي ويندي آهي.