دنگيء درخت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دنگيءَ درخت (مرهٽي: گورک چنچ) ھڪ وڏو وڻ آهي، جنهن جي هڪ هڪ ٽاري ۾ پنج پنج پن ٿيندا آهن، هن جا گل ڪنول جئان ۽ ڦريون دنگين وانگي ٿلهيون ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون. دهلي، گجرات ۽ ڪارو منڊل جي ساحلي علائقن ۾ ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

رنگ: گل اڇا. ذائقو: ڦريون کٽيون، مزاج: سرد. مقدار: ڇوڏن جو سفوف ٽي ماسا.

هن جي پنن جي لپري سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. ڇوڏا نوبتي بخار هٽائين ٿا. هن جي ڦرين جو شربت بخارن جي وڌيل حرارت گهٽائڻ ۽ دل کي فرحت ڏيارڻ لاءِ مستعمل آهي. بمبئي ۾ هن جي ڦرين جي ڳر ڏهي ۾ ملائي دستن ۽ پيچن لاءِ کارائيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.