دراوڙي تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دراوڙي تحريڪ يا ڊرئويڊين مُوومينٽ (Dravidian Movement) تحت ڏاکڻي هندستان ۾ اُٿيل هن تحريڪ ۾ انصاف پارٽي، سيلف ريسپيڪٽ ليگ، پروگريسو تحريڪ وغيره ”دراوڙي تنظيم“ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ ثقافتي شعور اڀارڻ ڪرڻ ۾ مخصوص مڪاني ثقافت ۽ روايتن جي استعمال تي زور ڏنو. جيتوڻيڪ هن تحريڪ ستر جي ڏهاڪي ۾ تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪ ۾ DMK يعني Dravida Munnetra Kazhagram جي جهنڊي هيٺ مشهور تامل اڳواڻ ’پرياڙي اِي ايڇ رامسوامچي‘ جي اڳواڻيءَ ۾ زور ورتو، پر اصل ۾ ويهين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن (1925ع) کان ئي هن تحريڪ جو ارتقائي سفر شروع ٿي چڪو هو. تحريڪ جو اصل مقصد هندوستان جي هيٺاهين طبقي وارين جاتين (ذاتين) جي حقن جي حفاظت ۽ نسلي يا طبقاتي متڀيد جو خاتمو ڪرڻ هو. AIADMK جي صورت ۾ 1972ع ۾ جُدا ٿيل ڌڙي پڻ اِن سوچ جي حوالي سان ڳڻپ جوڳي اڳڀرائي ڪئي.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد