دادا جشن واسواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دادا جشن واسواڻي
Dada Vaswani, Dada Jashan
دادا جشن واسواڻي
مذھب هندوازم
فرقو غير لساني
ذاتي وضاحت
قومیت هندوستاني
جنم دادا جشن پھلاج راء واسواڻي2 آگسٽ 1918(1918-08-02)[1]حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندوستان[2]
موت 12 جُولاءِ 2018 (عمر 99 سال)[3]پونا، مهاراشٽر, انڊيا

دادا جشن واسواڻي جو پورو نالو دادا جشن پھلاج راء واسواڻي (انگريزي ٻولي: Dada J.P. Vaswani) ھيو. پاڻ ناميارو روحاني عالم ھيو. 2 آگسٽ 1918ع تي حيدرآباد ۾ شري پھلاج راء جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس امڙ جو نالو ڪرشنا ديوي ھو. ھي بچپن کان ذھين ھيو۽ 13 سالن جي ڄمار ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ھن ايم ايس سي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج ۾ فيلو جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏيڻ لڳو. ايم ايس سي دوران ھن وي.رامن سائنسدان جي ايڪسري تي وڌيڪ کوجنا ڪئي. صوفياڻي طبيعت ھئڻ ڪري 1950 کان وٺي "ساڌو ٽي.ايل واسواڻي"(ٿانور داس ليلارام واسواڻي) جي صحبت ۾ رھيو ۽ ان کان روحانيت جو گيان حاصل ڪيائين.ورهاڱي کان پوءِ تاريخ 16 نومبر 1948 ڌاري پنھنجي خاندان سميت هندوستان لڏي ويو جتي پھرين بمبئي ۾ رھيو پوء 1949 ۾ پوني لڏي ويو. پوني شهر ۾ پنهنجو سينٽر قائم ڪيائين جتان روحاني ۽ سماجي سرگرميون ڪندو رهيو.دادا جشن واسواڻي ڏيڍ سئو کن ڪتاب به لکيا.ھي لطيف جو پارکو ۽سنڌ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھيو پاڻ برک ليکڪ ھيو سندس ھڪ مقالي دي اسٽوري آف دي سمپل مين تي آمريڪا جي انٽرنيشنل اڪيڊمي کيس ايم فل جي اعزازي ڊگري ڏني. ساڌو واسواڻيءَ جي حڪم تي سينٽ ميران ڪاليج جو پرنسپال ٿيو جتي رنگ ۽نسل کان مٿاھون ٿي انسان دوستي جو درس ڏنائين.

1961 ۾ ڀارت ۾ آيل ٻوڏ ۾ متاثر ٿيلن جي ھن ڏاڍي مدد ڪئي. شاعري ۾ ھن جو تخلص انجلي پن ھيو.پوني ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي ٽرسٽ جو سنڀاليندڙ ھيو. 2005 ۾ 56 سالن بعد سنڌ جي ياترا ڪيائين ۽ سن ياترا کي ڪرشن ڪماري سان گڏجي وطن جي وڻن ڏي جو عنوان ڏيندي ڪتابي صورت ڏنائين.مشھور ڪھاڻيڪار ريٽا شهاڻيءَ ھن جي زندگيءَ تي ھڪ ڪتاب جڏھن پرين ڪري ٿو پنڌ جي عنوان سان لکي 2008 ۾ ڇپايو. دادا جا شاعري تي ڪافي ڪتاب لکيا جن مان نوري گرنٿ ھڪ ذخيم ڪتاب آهي. پاڻ سڄي دنيا ۾ سنڌيت جي سفير طور سڃاتو ويندو هيو. 12 جُولاءِ 2018 پوني ۾ وفات ڪيائين.[5]

خدمتون[سنواريو]

ھن حيدرآباد شھر ۾ ميرا موومينٽ ايجوڪيشن نالي ادارو قائم ڪيو جنھن تحت ھيرآباد، حيدرآباد ۾ سينٽ ميران اسڪول قائم ٿيو.ھن جو ميران يونيورسٽي جو خواب ورھاڱي سبب پورو ٿي نہ سگھيو.1962 ۾ ھن پوني ۾ ميران ڪاليج فار گرلس کوليو.[5]

ڪتاب[سنواريو]

  • نوري گرنٿ
  • نوري ٻاڻي
  • پشپ مالھا
  • گيتامڻي(سنڌيءَ۾)
  • سھاڳڻ
  • سنتن ساکي
  • روح رباب
  • گوتم ڪٿا
  • سکمني صاحب (ترجمي سان)
  • نوري پشپا نجلي (نوري گرنٿ مان چونڊ:1973)
  • سنڌ جو محبوب (شاھ لطيف: اپريل 1958)
  • گيانيو شور
  • سوامي رام تيرٿ
  • پلٽو پيارو
  • پياري جي پياس۾
  • رگھوناٿ
  • ٽي تصويرون
  • امر جوتي
  • تصويرون (يادگيريون)
  • گرمھما I ۽ II
  • تڪا تمھارو
  • دين درويش
  • صدقي سونھارا
  • سنت سورداس
  • پياري جي پکن ۾
  • ست پرک جي ساکي
  • گلشن گلزار
  • نماڻي نماڻو
  • شيرين
  • ڳوٺاڻا
  • مارئي
  • پاڳل ھرناٿ
  • رشين جي روشني۾شريمت ڀڳوت گيتا
  • شري جپ صاحب:سکيا۽ سار (ٽي جلد)
  • پشپا مالھاVIII 1985
  • پشپا نجلي 1984
  • نوري ۽ انجليءَ جا گيت
  • پشپا انجلي 1964
  • لاھوتي لنگھي ويا (1966)
  • ڳوڙھن جي مالھا-I
  • ڳوڙھن جي مالھا -II
  • سانت جي پردي ۾ (1969)
  • ڳوڙھن جي مالھا 3
  • ڦٽيل دل جا ڦول(1975)
  • نوري۽ انجليءَ جا گيت (ھن ڪتاب ۾ دادا ٽي ايل واسواڻي نوري ۽ جشن واسواڻي انجلي) جا گيت آھن
  • سنتسماگم
  • مکڙيون
  • منھنجيسرڻ آء
  • سھاڳڻ شانتي (1985)
  • اڄ جو ويچار
  • الله جا عاشق(2003)
  • The story of simple man
  • Peace or perish (2007)
  • I am a Sindhi (2008

۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن[5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Dada Vaswani Master". Speakingtree.in. حاصل ڪيل 6 June 2017. 
  2. "Dada J. P. Vaswani". Sindhishaan. حاصل ڪيل 12 July 2018. 
  3. "Spiritual leader Dada J P Vaswani passes away - Times of India". The Times of India. https://timesofindia.indiatimes.com/city/pune/spiritual-leader-dada-j-p-vaswani-passes-away/articleshow/64958339.cms. Retrieved 12 July 2018. 
  4. "Shaper Of Souls". Outlookindia.com. حاصل ڪيل 6 June 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 {روزاني سوڀ، ڪراچي، 13 جولائي 2018}