خودمختيار بادشاهت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مطلق العنانيت (انگريزي ٻولي: Absolute Monarchy) هڪ سياسي نظريو/حُڪومتي سرشتوآهي، جنهن ۾ حاڪم يا حڪومت جو اختيار رسمي يا قانوني حدبندين کان آجو هوندو آهي ۽ کيس لامحدود اختيار حاصل هوندا آهن. انِ سرشتي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ جي يورپي بادشاهين جي دور ۾ اُن وقت مقبوليت حاصل ڪئي، جڏهن يورپي بادشاهن ڪليسا، قانون ساز ادارن ۽ سماجي اشرافيہ کي نظرانداز ڪيو. هي نظريو جمهوري اصولن جي خلاف آهي. اُن ۾ طاقت ۽ اختيار جو سرچشمو بادشاھ يا حاڪم پاڻ هوندو آهي. ان نظريي جا مکيہ سياسي مفڪر انگلينڊ جو ٿامس هابس 1588-1679 ۽ فرانسيسي فيلسوف جين بودن 1824-1898ع هئا. ان نظريي جي جهلڪ اڄڪلھ جي جديد سياسي وهنوارن ۾ به نظر اچي ٿي، جڏهن ڪو آمر ڪنهن ملڪ ۾ فوجي راڄ مڙهي ٿو. هيءُ نظريو جمهوري نظام جي بلڪل ابتڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت؛ مرتب: انعام شيخ؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.