جيمس ينگ سمپسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيمز ينگ سمپپن

دنيا جي مشهور ڊاڪٽر سر جيمس ينگ سمپسن، 7 جون 1811ع تي اسڪاٽ لئنڊ جي ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن عملي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آپريشن کان اڳ بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪلوروفارم استعمال ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري، انسان ذات کي درد کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ عورتن جي بيمارين جا علاج ڳولي لڌا آهن.

ٻاروتڻ[سنواريو]

هن جو ٻاروتڻ سادگيءَ سان گذريو. سندس خاندان ۽ آس پاس جا ماڻهو بيمارين کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ وهمن جي ور چڙهي جانورن جي قرباني ڪندا هئا. هو عام طرح جانورن ۾ وبـائـي بيـمـاريـون پکـڙجـڻ جـي صـورت ۾ جيئريون ڳئون پوري ڇڏيندا هئا. علم نه هئڻ ۽ ڪمزور عقيدي موجب اهو رواج عام هو. انهن ڳالهين جو مٿس ڳوڙهو اثر پيو ۽ هن ۾ حقيقت کي پروڙڻ جا گڻ پيدا ٿيا. هيءُ اسڪول اندر هوشيار ٻار ليکبو هو.

والدين[سنواريو]

سندس والدين مالي طور ڪمزور هئا، ان ڪري هيءُ اسڪول کان واپسيءَ تي پنهنجي والد سان ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو. چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ کيس ’ايڊنبرا يونيورسٽي‘ ۾ پڙهڻ ڇڏيو ويو، جتي هن ڊاڪٽريءَ جي تعليم ورتي ۽ 21 سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين.

کوجنائون[سنواريو]

سندس اعليٰ قابليت ۽ تحقيق ۾ دلچسپيءَ ڏسي يونيورسٽيءَ ۾ کيس نوڪري ملي وئي ۽ هيءُ پنهنجي استاد ٿامسن جو نائب مقرر ٿيو. 1839ع تي هيءُ ’ايڊنبرا يونيورسٽيءَ‘ ۾ پروفيسر جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿيو. ان وقت ماڻهن اندر مذهبي وسوسا سائنسي علاج جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ هئا، پر هن ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا انساني ڀلائيءَ جو ڪم جاري رکيو ۽ تجربا ڪندو رهندو هو. هن خاص طور آپريشن کان اڳ مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ دوا جي تلاش ڪئي ۽ سمورو ڏينهن تجربيگاهه ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ هر شام جو مخصوص ڊاڪٽر دوستن کي گهرائي ساڻن ان موضوع تي بحث مباحثو ڪندو هو. نيٺ هن ’ڪلورو فارم‘ ۾ ماڻهوءَ کي بيهوش ڪري سگهڻ وارو جزو ڳولي لڌو ۽ پوءِ هن ان کي آپريشن کان اڳ مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي ڪارنامي تي انگلينڊ ۾ کيس عزت جي نگاهه ڏٺو ويو. 1847ع ۾ راڻي وڪٽوريا کيس پنهنجو ذاتي ڊاڪٽر مقرر ڪيو. راڻي وڪٽوريا جي ويم وقت به هن ڪلوروفارم استعمال ڪيو. ساڳئي سال ’پئرس اڪيڊمي آف ميڊيسن‘ پاران کيس خطاب ڏنو ويو. 1856ع ۾ فرانس جي ’سائنس اڪيڊميءَ‘ کيس ٻه هزار فرانڪ انعام ڏنو. هن رَڳن کي ملائڻ جو نئون طريقو به ڳولي لڌو. 1866ع ۾ کيس اعليٰ خدمتن جي موٽ ۾ شهر جو ’امير بيرن‘ بنايو ويو. هيءُ اسڪاٽ لئنڊ جو پهريون پروفيسر ڊاڪٽر هو.

حادثا ۽ وفات[سنواريو]

هن جي حياتيءَ ۾ سندس پٽ ۽ ڌيءَ وفات ڪري ويا، جنهن ڏک جي گهري ڪيفيت مٿس مرڻ گهڙيءَ تائين طاري رهي. ان کان پوءِ هيءُ ناچاڪ رهڻ لڳو ۽ نيٺ 6 مئي 1870ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011