جوڌپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوڌپور Jodhpur
जोधपुर
ميٽروپولس
مهراڻ ڳڙهه‎ قلعو, جوڌپور
Country ڀارت India
رياست راجسٿان
ڊسٽرڪٽ جوڌپور[1]
Settled 1459
قيام Rao Rao Jodha
نالو پيو Rao Jodha
حڪومت
 • Mayor, Municipal Corporation گهنشيام اوجها
 • Collector & DM Sh. Bishnu Charan Mallick, ڀارتي انتظامي سروس (IAS)
 • پوليس ڪمشنر جوڌپور اشوڪ راٺوڙ, IPS
پکيڙ[2]
 • ميٽروپولس 78.6 ڪ.م2 (30.3 ميل2)
 • ميٽرو 289.5 ڪ.م2 (111.8 ميل2)
بلندي 231 ميل (758 ft)
آبادي (2016 Census)[4]
 • ميٽروپولس 1,033,918

جوڌپور (Jodhpur ) هندستان جي رياست راجستان جو هڪ شهر آهي، جنهن جو بنياد 1459ع ۾ راٺوڙ قبيلي جي سردار راءِ جوڌا وڌو. هيءُ راجستان رياست جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي.[6]

تاريخ[سنواريو]

هيءُ شهر راجستان مرڪز ۾ هجڻ ڪري ’نيرو‘ شهر شروع کان ئي روڊ ذريعي دهليءَ ۽ گجرات سان ڳنڍيل رهيو. مرڪز ۾ هجڻ ڪري هن وڏو فائدو اهو ٿيو ته هتي جي ماڻهن کي آفيم، کجور، ڪافي، ڪوپر، ريشمي ڪپڙن وغيره جي واپار ۾ وڏو فائدو ٿيو. مغل سلطنت دوران هيءُ شهر خودمختيار رياست جي صورت ۾ رهيو. ان عرصي دوران هتي وڏا وڏا جنرل ٿيا، جن ۾ مهاراجا جسونت سنگهه به شامل آهي. جوڌپور جي ماڻهن اڏاوتي فن ۾ جدت آندي ۽ پوري ملڪ ۾ مشهور ٿيا. 1679ع ۾ اورنگزيب هن شهر تي قبضو ڪيو پر 1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ کان پوءِ مغل شهنشاهيت جو زوال اچڻ شروع ٿيو، پر جوڌپور جي رهواسين هن صورتحال مان فائدو نه ورتو ۽ هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ مصروف رهيا. هنن جي ان ويڙهه مرهٽن لاءِ قبضي جو دروازو کولي ڇڏيو، جنهنڪري مرهٽن هن رياست کي استحڪام ڏيڻ بجاءِ تباهه ڪري ڇڏيو. 50 سالن جي جنگين، جهيڙن ۽ معاهدن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن تي 1818ع ۾ برطانيا قبضو ڪري ورتو. برطانوي حڪومت جي دور ۾ جوڌپور شهر ايراضيءَ جي لحاظ کان راجپوتانا جي وڏي رياست هو. هتان جا مارواڙي واپار جي لحاظ کان پوري هندستان ۾ وڏو رتبو رکندا هئا. 1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته جوڌپور راجستان جو ٻيو وڏو شهر بڻجي ويو. ورهاڱي وقت جوڌپور جي حڪمران جسونت سنگهه نٿي چاهيو ته هيءَ رياست هندستان سان گڏجي، پر سردار ولڀ ڀائي پٽيل، جيڪو ان وقت ڪانگريس جو مرڪزي اڳواڻ هو، جوڌپور کي هندستان سان گڏائي ڇڏيو. State Reorganization Act 1956 تحت جوڌپور کي راجـسـتان جو حصو بڻايو ويو.[6]

جاگرافي[سنواريو]

هتي راجستاني، مارواڙي، هندي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. 2010ع جي آدمشماري مطابق هن شهر جي آبادي 652، 006، 1 آهي. هن شهر جي پکيڙ 50. 95 ڪلوميٽر (37 چورس ڪلوميٽر) آهي. هيءُ شهر سمنڊ جي سطح کان 231 ميٽر (758 فوٽ) مٿي آهي. هيءُ شهر ويڪرائي ڦاڪ 26017N7301E ۾ واقع آهي. 1949ع تائين هيءُ شهر ساڳئي نالي سان مارواڙ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.[6]

وڻج واپار[سنواريو]

هيءُ شهر واپاري مرڪز آهي، جتي هٿ جي هنر، چمڙي، هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺهيل شين ۽ ڌاتوءَ جي سامان وغيره جو واپار ٿئي ٿو.[6]

سياحت[سنواريو]

جوڌپور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا قلعا ۽ پراڻا مندر ٺهيل آهن. هيءُ مشهور سياحتي ماڳ به آهي، جتي هر وقت سياحن جي رش رهي ٿي. هيءُ روشن سج وارو شهر (سوريه نگري) به سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي روشني تمام گهڻي هوندي آهي. ان کان سواءِ گهرن جي اڪثريت نيري رنگ جي هجڻ ڪري هي (Blue City) پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن شهر جي چؤطرف پٿر جي ديوار ڏنل آهي. هتان جي مشهور جاين ۾ ڏهر نگر قلعو، جسونت ٿڙا، اوسيان مندر، مندور، ڪلياڻ ڍنڍ ۽ باغ، بلشمند ڍنڍ، سردار سمنڊ ڍنڍ ۽ محل، ڌاوا ٻيلو، کچن، اويسان ۽ ٻيا شامل آهن. هتي ڪيترائي ڏڻ وغيره ملهايا وڃن ٿا. جن ۾ مارواڙ تهوار، مهاوير جيانتي، بابا رامديو وغيره جا ڏينهن شامل آهن. مهراڻ ڳڙهه قلعو، جبل جي هڪ ٽڪريءَ چڙيا ٽونڪ تي اڏيل آهي.[6]

ادارا[سنواريو]

هتي راجستان هاءِ ڪورٽ جي نالي سان عدالت پڻ قائم آهي. تعليمي ادارن ۾ ‘NLU’, ‘IIT’, ‘M.B.M.Engg College’ ۽ ‘AIIMS’ شامل آهن. هتي ريلوي، هوائي ۽ روڊ رستي جي سفر جون سهولتون موجود آهن.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. "Jodhpur.nic.in". 
  2. "Jodhpur District Census 2011 Handbook: VILLAGE AND TOWN WISE PRIMARY CENSUS ABSTRACT (PCA)" (PDF). Censusofindia.gov.in. صفحو. 33. حاصل ڪيل 19 April 2016. 
  3. {url=https://citypopulation.de/world/Agglomerations.html}
  4. http://www.censusindia.gov.in/2011-prov-results/prov_data_products__rajasthan.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named JP
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.