ترڪيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ترڪيب (Synthesis) عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڳانڍاپو يا واسطو‘. اصطلاحي محاوري موجب جملي ۾ استعمال ٿيل لفظن جي گرامر موجب جوڙجڪ جي پرک/سڃاڻپ کي ترڪيب چئبو آهي.[1]

گرامر جي اصول ۽ قانون مطابق جملي ۾ ڪم آيل هجن انهن ما هر هڪ لفظ سان جيڪو لاڳاپو هجي، انهيءَ لاڳاپي کي ترڪيب چئبو آهي.

سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ اسم، ضمير، فعل ۽ حرف جر جي ترڪيب ڪڍي ويندي آهي.

  1. اسم جي باري ۾ سندس قسم، جنس، عدد ۽ حالت ڏيکاري ويندي آهي.
  2. ضمير جي حالت ۾ ضمير جو قسم، عدد، جنس ۽ حالت ڏيکاري ويندي آهي.
  3. فعل جي باري سندس زمان ۽ سندس فاعل ۽ مفعول ڏيکاريو ويندو آهي.
  4. حرف جر جي باري ۾ انهيءَ جو قسم ۽ ڇا سان لاڳو اٿس يا ڇا ڏيکاري ٿو.


حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.