تخلص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”تخلص“ (Pen Name) عربي جي لفظ ”خلاصه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنا آهي، مختصر يا ننڍو. اصطلاحي معنا موجب، ”تخلص“ (Takhalus) شاعر جو ننڍو نالو هوندو آهي، جيڪو هو سڃاڻپ لاءِ شعر يا نظم جي آخري بند يا آخري سٽ ۾ ڪم آڻيندو آهي. .[1] مطلب ته ”تخلص“ هڪ شاعراڻو نالو آهي، جيڪو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. سنڌي اديب ۽ شاعر پنهنجي لکڻين ۾ تخلص ڪتب آڻيندا آهن. مثال طور شيخ اياز (مبارڪ علي شيخ)، استاد بخاري (احمد شاهه بخاري)، تنوير عباسي (نور نبي)، امر جليل (قاضي عبدالجليل)، تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد