تحريڪ اصلاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تحريڪ اصلاح (Movement for Reformation) مذهبي اصلاح يا سڌاري جي تحريڪ هئي، جنهن جي شروعات مارٽن لوٿر ڪنگ (1546- 1438ع)، جرمنيءَ کان شروع ڪئي. مارٽن لوٿر جو مقصد عيسائيت جي عقيدن جي اصلاح هو. جنهن ۾ هو ڪامياب بہ ويو، پر کانئس پوءِ عيسائيت ٻن وڏن فرقن پروٽيسٽنٽ ۽ رومن ڪيٿولڪ ۾ ورهائجي ويئي. فڪري لحاظ کان عيسائين جي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو انقلاب هو. ڪليسا جو اثر گهڻو گهٽجي ويو، جيڪا عيسائي زندگيءَ تي ڀرپور اختيار رکندي هئي. اهو عقيدو جنهن هيٺ روحن جي ڇوٽڪاري جو مدار پادريءَ جي سفارش تي هو ۽ ان لاءِ پادري باقاعدي”معافي نامہ“ لکي وڪڻندا هئا. اهو پراٽيسٽنٽزم جو بنياد بڻيو. يعني انسان جي ڇوٽڪاري جو مدار ايمان ۽ عمل کي چيو ويو. ان کان اڳ بائيبل مقدس کي صرف پادري پڙهندا هئا، پر لوٿر ان کي جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو تہ جيئن هر ماڻهو بائيبل کي پڙهي سگهي. مختلف ماڻهن جي بائيبل تائين رسائي ٿي تہ هنن جا ذهن کليا ۽ پاڻ کي ذهني طور آزاد محسوس ڪيائون. هن تحريڪ جو انگريزي ادب تي گهرو اثر رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.