بھار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بھار جي موسم جا رنگين گل

بهار يا بسنت(انگريزي: Spring ) بهار ڦوٽهڙي جي خوشگوار موسم جو نالو آهي.هيء موسم نہ گرم ٿيندي آهي نه وري ٿڌي۔ هن موسم ۾ گل ٽڙندا آهن ۽ وڻن تي نوان پن ايندا آهن.اھا سال جي چئن موسمن مان ھڪ آھي جيڪا سياري کانپوءِ ۽ اونھاري کان اول ايندي آهي. ان کي بسنت جي رت يا موسم پڻ چوندا آهن. مختلف علائقن ۾ بھار مختلف وقتن تي شروع ٿيندي آھي. آمريڪا ۽يوناٽيڊ ڪنگڊم ۾ بھار جا مھينا مارچ، اپريل ۽ مئي ھوندا آھن.,[1][2] جڏھن ته نيوزيلنڊ[3] ۽ آسٽريليا[4] ۾ بھار جي مند پھرين سيپٽمبر تي شروع ٿيندي آھي ۽ ٽيھ نومبر تي ختم ٿيندي آھي.

اسٽاڪھوم ۾ ولو جو وڻ بھار جي موسم ۾
بھار

شاعري ۾ استعمال[سنواريو]

شاعريءَ ۾زندگيءَ جي رنگيني ۽ خوشگوار پهلوءَ جي نمائندگي ڪندو آهي. بهار لفظ غزل جي شاعريءَ ۾ميٽر (Meter) طور ڪتب ايندو آهي، جنهن سان عام طور تي شعر جي ڊيگهه سمجهي سگهبي آهي. يعني شعر جون ٻئي سٽون هر حالت ۾ پاڻ ۾ ”بهار“ (هم وزن) هجن. [5].

حوالا[سنواريو]

  1. "Spring". Glossary of Meteorology. حاصل ڪيل 5 March 2018. 
  2. "Met Office: Spring". حاصل ڪيل 5 March 2018. 
  3. "Do you want the dates of our seasons changed?". New Zealand weatherwatch. حاصل ڪيل 2014-05-09. 
  4. "Australian Bureau of Meterology - Climate Glossary - Seasons". Australian Bureau of Meterology. bom.gov.au. حاصل ڪيل 2018-03-30. 
  5. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي