بک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انسان جي زندگيءَ جو دارومدار کاڌي تي آهي، ڇاڪاڻ ته، جسم جي سڀني عضون ۽ انهن جي گهرڙن کي پنهنجي زندگي قائم رکڻ ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ توانائي جي ضرورت هوندي آهي. اها توانائي اسين کاڌي مان حاصل ڪندا آهيون، کاڌي لاءِ اسان کي بک لڳڻ مان مراد آهي ته، اسان کي وڌيڪ ٻارڻ جي ضرورت آهي. بک لڳڻ لاءِ قدرت اسان جي جسم ۾ هڪ پاڻمرادو سرشتو بنايو آهي، جنهن جي ڪري اسان کي بک لڳي ٿي. بک جو احساس کاڌي جي ضرورت مطابق ٿيندو آهي. اسان جي دماغ ۾ هڪ بک مرڪز هوندو آهي ۽ ان جي ڪنٽرول لاءِ هڪ سيري مرڪز“ آهي، جڏهن جسم ۾ کاڌي جون شيون گهٽجي وڃن ته، بک مرڪز چرپر ۾ اچي اسان کي بک جو احساس ڏياريندو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه کائڻ ڏانهن دل چوندي آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ هي مرڪز معدي ۽ آنڊن کي متحرڪ به ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جڏهن اسان بکيا هوندا آهيون ته، معدي مان گرڙ گرڙ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن ضرورت مطابق کاڌو ملي ويندو آهي ته، سيري مرڪز چرپر ۾ اچي بک مرڪز کي سست ڪري ڇڏيندو آهي ۽ بک ختم ٿي ويندي آهي، انهن ٻنهي مرڪزن کي عملي چرپر ۾ آڻڻ جو دارومدار ڪيترين ئي شين تي آهي.

جسم ۾ ٿيڻ واري توانائي جي تبديلي بک مرڪز تي اثرانداز ٿئي ٿي، توهان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته، جيڪڏهن گهڻي دير کان کاڌو نه کاڌو هجي ۽ جسم ۾ کاڌي جي گهٽتائي ٿي وڃي ته، ان جو احساس شديد ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن وقفي وقفي سان ڪجهه کائندا رهون ۽ جسم ۾ ڪجهه کاڌو هر وقت موجود هجي ته، تيز بک محسوس ناهي ٿيندي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته، جڏهن به رت ۾ گلوڪوز جو مقدار گهٽجي وڃي ته بک لڳندي آهي. اهڙيءَ طرح رت ۾ (Free fatty acid) جي گهٽتائي ٿي وڃي ته، به بک وڌيڪ لڳندي آهي ۽ جڏهن جسم گرم هجي ته بک گهٽ لڳندي آهي. سيءَ جي مند ۾ بک وڌيڪ لڳندي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته، سيءَ جي ڪري جسم کي مناسب ڪوساڻ قائم رکڻ لاءِ وڌيڪ توانائي گهربل هوندي آهي ۽ اها توانائي کاڌي مان حاصل ڪئي ويندي آهي.

روزآني جي بک جو سرشتو ڪجهه عادت تي به دارومدار رکي ٿو. اسين عادت مطابق پنهنجي مقرر ڪيل وقتن تي جسم ۾ کاڌي جي گهٽتائي هجي يا نه هجي، بک محسوس ڪندا آهيون ۽ کاڌو کائڻ کان پوءِ اسان جي معدي ۾ کاڌي جو ذخيرو ٿي وڃن جي ڪري دماغ کي بک ختم ڪرڻ جو نياپو ملي ويندو ۽ پيٽ ۾ بک جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.[1]

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Science_n_Tech/Book2/Book_page1.html ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا]