بهاماس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Commonwealth of The Bahamas

Flag of The Bahamas
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Forward, Upward, Onward, Together"
ترانو: "March On, Bahamaland"

Location of The Bahamas
جو مقامThe Bahamas
گادي جو هنڌ نيسا
25°4′N 77°20′W / 25.067°N 77.333°W / 25.067; -77.333
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون انگريزي
مقامي ٻولي ڪريئول
نسلي گروھ (2016) 92.7% آفريڪي
4.7% يورپي
2.1% گڊرا يا گڏيل نسل
1.9% باقي ٻيا [1][2]
مقامي آبادي بھامين يا بھاميائي
حڪومت وحداني پارلياماني
آئيني بادشاهت[3][4]
• بھاماس جو شاھي سربراهه
ايلزبيٿ II
مارگريٽ پنڊلنگ
ھيوبرٽ منيس
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف اسيمبلي
آزادي
10 جولاءِ 1973[5]
پکيڙ
• جملي
13٬878 km2 (5٬358 sq mi) (155th)
• پاڻي (%)
28%
آبادي
• 2016 اندازو
391,232[6] (177th)
• 2010 مردم شماري
351,461
•  گھاٽائي
25.21 /km2 (65.3 /sq mi) (181st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.792 ارب ڊالر[7]
• في سيڪڙو
$26,005[7]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.529 ارب ڊالر [7]

بھاماس(انگريزي: The Bahamas) Listeni/bəˈhɑːməz/ جنھن جو سرڪاري نالو بھاماس جي دولت مشترڪه آھي.[10] ھي ملڪ اينٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ 700 کان وڌيڪَ ٻيٽن(انگريزي: islands)، ٻيٽن نما ھموار زميني مٿاڇرن(انگريزي: cay) ۽ ننڍڙن ٻيٽن(انگريزي: islets) تي مشتمل آهي. اھو ڪيوبا، ھيٽي، ھسپانيولا ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ جي اتر ۾ ، ترڪس ۽ ڪئيڪس ٻيٽن جي اتر اولهه ۾ ۽ فلوريڊا جي اوڀر ۾ واقع آھن. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ نيسا(انگريزي: Nassau) آھي جيڪو نيو پراويڊنس ٻيٽ تي واقع آهي.


تاريخ[سنواريو]

ڪولمبس جي آمد[11]

1492 ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس سڀ کان پھريان ھن نئين دنيا جي بھاماس جي ڌرتيءَ تي قدم رکيو ۽ ان وقت ھتي ليوڪين(انگريزي: Lucayan) قبيلي جا ماڻهو رھندا ھئا جيڪي ايراواڪين ٻولي ڳالهائيندڙ ٽائنو نسل سان تعلق رکندڙ ھيا. اسپيني ماڻھن ھن ملڪ کي ڪالوني نہ بڻايو پر ھتان جي رھاڪن کي غلام بڻائي ھسپانيولا موڪلي انھن جو وڪرو شروع ڪيو. سن 1530 کان 1648 تائين برموڊا واري انگريزن واري ڪالوني مان انگريز جڏهن اليوٿيرا ٻيٽ تي تي آباد ٿيا تہ موجوده بھاماس جا ٻيٽ تقريبن آبادي کان خالي ٿي چڪا ھئا. 1718 ۾ بھاماس برطانيا جي ڪالوني ٿي چڪي هئي. آمريڪا جي آزادي جي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ برطانيا ھزارين وفادار آمريڪي ماڻھن کي ھتي منتقل ڪيو جن پنھنجا غلام پڻ آندا ۽ اتي انھن کان گرانٽ ۾ مليل زمينن تي پوکيءَ جو ڪم ورتو.

جاگرافي[سنواريو]

نيسا جو سامونڊي ڪنارو
گريٽ اسحاق ڪي جو لائيٽ هائوس

ھي ملڪ ڄڻ تہ ٻيٽن جو زنجير آھي جيڪو اتر اينٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪيوبا جي اتر اوڀر ۾ جاگرافيائي بيھڪ 24 15 N, 76 00 W تي واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ 13,880 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 10,010 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 3,870 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. دنيا م پکيڙ ۾ 161 نمبر تي آهي. ملڪ جي ڪابہ خشڪي واري سرحد ڪانھي پر ان جي بحري سرحد 3,542 ڪلوميٽر آهي. سندس بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل، مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آھي. ان جي ٻيٽن جي بناوٽ ٽڪرين وانگر آهي. سڀ کان بلند ترين مقام مائونٽ الويرنيا آھي جيڪو ڪيٽ نالي ٻيٽ تي واقع آهي جنھن جي بلندي 64 ڪلوميٽر آهي[12]
.

بھاماس جي سيٽلائيٽ تصوير 2009 ۾

آبهوا[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبھوا سمنڊ واري ٽراپيڪل آھي.سامونڊي نار(انگريزي: Gulf) جي گرم پاڻي سان ماڊريٽ يا موافق رھندي آھي[12]
.

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

لوڻ، اراگونائٽ، عمارتي ڪاٺ ۽ پوکي واري زمين ھن ملڪ جي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۾ شامل آهن[12]
.

زراعت[سنواريو]

ھتان جي زرعي زمين ڪل زمين جو 1.4 سيڪڙو آهي جنھن مان پوکي جي لائق 0.8 سيڪڙو آهي. مستقل فصل ڪل زرعي زمين جو 0.4 سيڪڙو آھن. مستقل چراگاھون 0.2 سيڪڙو ۽ ٻيلا زرعي زمين جو 51.4 سيڪڙو آھن. آبپاشي نظام 2012 ۾ صرف 10 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل ھيس[12]
.

بھاماس جا ماڻهو[سنواريو]

مقامي اسڪول ۾ بھاميائي ٻار

2017 ۾ ھتان جي آبادي 329,988 ھئي ۽ دنيا ۾ 179 نمبر تي ھيو. ماڻھن کي بھامين يا بھاميئن يا بھاميائي چوندا آهن جن ۾ 90.6 سيڪڙو ڪارا، 4.7 سيڪڙو گورا، 1.9 سيڪڙو. ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. ٻي ٻولي ڪريئول اٿن.ملڪ جي آبادي جو 66 سيڪڙو نيو پراويڊنس ٻيٽ تي رھندڙ آھي جتي ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پڻ واقع آهي.ملڪ جا 69.9 ماڻھو پروٽسٽنٽ مذھب سان تعلق رکن ٿا جن ۾ 34.9 بئپٽسٽ پڻ شامل آهن. 13.7 سيڪڙو اينگليڪن، 8.9 سيڪڙو پينٽيڪوسٽل، 4.4 سيڪڙو سيونٿ ڊي آف ايڊوينٽسٽ، 3.6 سيڪڙو ميٿڊالسٽ، 1.9 چرچ آف گاڊ، 12 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آھن[12]
.

نالو[سنواريو]

ملڪ جو نالو بھاماس آھي . سرڪاري نالو بھاماس جي دولت مشترڪه اٿس. بھاماس نالو اسپيني ٻولي جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي : بھا ۽ مار جن جي معني آھي اونھو سمنڊ. بھاماس جي ٻيٽن جي ڪنارن تي پاڻي اونھو ھجڻ ڪري سندس اھو نالو پئجي ويو[12]
.

سياسي نظام[سنواريو]

بھاماس جي ضلعي تقسيم

ھن ملڪ جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي جيڪا آئيني بادشاهت جي نگراني ۾ دولت مشترڪه تحت ھلندڙ آھي. ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ نيسا آھي.ھن ملڪ جي انتظامي تقسيم ضلعن ۾ ٿيل آهي. ملڪ 31 ضلعن ۾ ورھايل آھي ۽ ھر ضلعو خود ٻيٽ يا ٻيٽن تي مشتمل آهي جن جا نالا آهن: بيري وارا ٻيٽ، بمني، بليڪ پوائنٽ، ڪيٽ آئلينڊ، سينٽرل اباڪو، سينٽرل ائنڊروس، سينٽرل اليوٿيرا، سٽي آف فري پورٽ، ڪروڪڊ ائلينڊ ۽ لانگ ڪي، ايسٽ گرينڊ بھاما، اڪسيوما، گرينڊ ڪي، ھاربر آئلينڊ، ھوپ ٽائون، اناگئا، لانگ آئلينڊ، منگروو ڪي، مئياگوانا، مورس آئلينڊ، نارٿ اباڪو، نارٿ ائنڊروس، نارٿ اليوٿيرا، رئگڊ آئلينڊ، رم ڪي، سين سيلويڊور، سائوٿ اباڪو، سائوٿ ائنڊروس، سائوٿ اليوٿيرا، اسپينش ويلس ۽ ويسٽ گرئنڊ بھاما[12]
ملڪ 10 جولاءِ 1973 ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي ورتي.ساڳي تاريخ تي ملڪ جو موجوده آئين بہ لاڳو ٿيو. ھن ملڪ جو نظام ڪامن لا سسٽم تي بيٺل آھي. ملڪ اڃان بين الاقوامي عدالت جي نظام ۾ شامل ناھي ٿيو.ملڪ جو رياستي سربراھ ھن وقت برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II آھي جنھن جي نمائندگي سندس نامزد ڪيل گورنر جنرل ڪندو آھي.ملڪ جي حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي.

نيسا ۾ بھاماس جي پارليامينٽ

ملڪ جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جن مان ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن جا 16 ميمبر آھن جن جي مقرري گورنر جنرل وزيراعظم ۽ حزب اختلاف جي سربراهه جي مشوري سان ڪندو آهي. ٻيون ايوان ھائوس آف اسيمبلي آھي جنھن جا 39 ميمبر آھن جن جي سڌي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي آهي[12].

حوالا[سنواريو]

  1. Bahamas, The آرڪائيو ڪيا ويا 2010-04-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. CIA World Factbook.
  2. Bahamas Department of Statistics آرڪائيو ڪيا ويا 2015-12-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., PDF document retrieved 20 April 2014.
  3. "•GENERAL SITUATION AND TRENDS". Pan American Health Organization. 
  4. "Mission to Long Island in the Bahamas". Evangelical Association of the Caribbean. http://www.caribbeanevangelical.org/newsevents/oldarticles.htm?id=82. 
  5. "1973: Bahamas' sun sets on British Empire". BBC News. 9 July 1973. http://news.bbc.co.uk/onthisday/hi/dates/stories/july/9/newsid_2498000/2498835.stm. Retrieved 1 May 2009. 
  6. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 "The Bahamas". International Monetary Fund. 
  8. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 23 March 2017. 
  9. "Bahamas". 
  10. Official government website. "The Constitution". حاصل ڪيل 29 May 2017. 
  11. Markham, Clements R. (1893). The Journal of Christopher Columbus (during His First Voyage, 1492–93). London: The Hakluyt Society. p. 35. https://books.google.com/books?vid=OCLC03615973. Retrieved 13 September 2015. 
  12. 12.0 12.1 12.2 12.3 12.4 12.5 12.6 12.7 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2010-04-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ