غزوہ بدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بدر جي جنگ کان چوريل)
"بدر جي جنگ جو نقشو" جنهن ۾ ابو سفيان جو شام کان مڪي کان پنهنجي قافلي جي حفاظت لاءِ رستو، ابوجهل جو مڪي کان بدر تائين جو رستو اختيار ڪيو ۽ اهو رستو جيڪو پيغمبر صلی اللہ علیہ و آلہ و سلم ۽ مسلمانن مديني کان بدر تائين ورتو، ڏيکاريو ویو آھی۔

غزوہ بدر یا بدر جي جنگ مسلمانن ۽ مڪي جي ڪافرن وچ ۾ سال 2 هجريءَ بمطابق جولاءِ 623ع ۾ وڙهي وئي.

جنگ[سنواريو]

”بدر“ نالي سان مديني کان اسي ميل پري، شام ملڪ ڏانهن ويندڙ رستي وٽ هڪ ڳوٺ آهي، جتي هيءَ جنگ لڳي، جنهنڪري ان تي ”بدر جي جنگ“ يا ”غزوه بدر“ نالو پيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي مڪي کان مديني هجرت ڪري اچڻ کان پوءِ مڪي جي ڪافرن پڪو پهه ڪيو ته مسلمانن تي حملو ڪجي؛ ان ڪري هو هڪ هزار لشڪر تيار ڪري، مديني تي ڪاهي ويا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن به 313 مسلمانن جو لشڪر تيار ڪري نڪتا. هن لشڪر وٽ نه هٿيار هئا ۽ نه هاٿي ۽ نه گهوڙا. بدر جي هنڌ لڙائي لڳي. ڪافرن کي سخت شڪست آئي. ڪي مارجي ويا، ڪي ڀڄي ويا ۽ ڪن پناهه ورتي ۽ خاص ڪري ڪافرن جا سالار، عتبه، ابوجهل ۽ اميه بن خلف مارجي ويا. مسلمانن طرفان 14 صحابہ شھادت جو مرتبو حاصل ڪیا.[1]

غزوہ بدر جي شهيدن جا نالا[سنواريو]

بدر جو میدان ء شھیدن جی قبرون هي اهي چوڏهن خوش نصيب اصحاب آهن جن بدر جي جنگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد ٿيا. انهن کان سواءِ ٻيا به نالا ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي مختلف آهن.

1. مهجع بن صالح رضي الله عنه (مھاجر)

2. عبيدہ بن حارث رضي الله عنه (مھاجر)

3. عمير بن ابي وقاص رضي الله عنه (مھاجر)

4. عاقل بن بڪیر رضي الله عنه (مھاجر)

5. عمير بن عبد عمرو رضي الله عنه (انصاري)

6. عوف بن عفره رضي الله عنه (انصاري)

7. معاذ بن عفرا رضي الله عنه (انصاري)

8. حارث بن سراقہ رضي الله عنه (انصاري)

9. يزيد بن حارث رضي الله عنه (انصاري)

10. عمير بن حمام رضي الله عنه (انصاري)

11. رافع بن معلي رضي الله عنه (انصاري)

12. عمار بن زیادہ رضي الله عنه (انصاري)

13. سعد بن خيثمه رضي الله عنه (انصاري)

14. مبشر بن عبدالمنذر رضي الله عنه (انصاري)

بدر جي شهيدن مان تيرهن شهيدن کي بدر جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو، پر جڏهن کان حضرت عبيدہ بن حارث رضي الله عنه بدر کان واپسيءَ تي منزل ”صفراء“ ۾ وفات ڪئي، ان ڪري سندس قبر منزل ”صفراء“ ۾ آهي.

حوالا[سنواريو]