اپسرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻارھين صدي جو ٺاھيل انڊيا جي اتر پرديش ۾ اپسرا جو ريتيلي پٿر جو مجسمو

اپسرا: apsara: آڪسفورڊ ڊڪشنري مطابق apsaras ۽ جمع apsarases پاڻي ۽ ڪڪرن جي مخلوق جنھن جو ذڪر ھندو ڏندڪٿائن ۽ ٻڌن جي ثقافت ۾ ٿيل آھي.[1] انھن جا ٻہ قسم ڏيکاريل آھن لوڪيڪا جن جو تعداد چوٽيھ آهي ، ۽ ٻيو قسم ديويڪا جن جو تعداد ڏھ آھي.[2] ارواسي، ميناڪا، رمڀا، تلوتما، ڀردواج انھن ۾ ناليواريون اپسرائون آھن[3] اپسرا کي همت ٻولي ۾ وڌياڌاري vidhya dhari يا تيپ اپسر tep apsar (ទេពអប្សរ) ، پالي ۾ اڪچرا accharā'، ويٽنامي ۾ بوسالاتو bố sa la tư، انڊونيشيائي ٻولي ۾ بداداري bidadari ، ملائي ۾ براد دالي biraddali، انگريزيءَ ۾ nymph چوندا آهن. ھندو ڏند ڪٿا مطابق اپسرا ھڪ خوبصورت ، روحاني عورت جو نالو آهي جيڪا جوان ۽ رقص جي ھنرن جي ماھر ھوندي آھي. آھي اڪثر اندر ديوتا جي درٻاري موسيقار گنڌارا جون زالون سڏبيون آهن. ديوتائن جي محلن ۾ گنڌاروا جي موسيقيءَ تي اھي رقص ڪنديون آهن ۽ ديوتائن جي دل وندرائينديون آھن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ديوتائن ۽ انسانن کي جنسي طور تي ھرکائينديون بہ آھن. اھي آسمان ۾ رھنديون آھن ۽ ملائڪن وانگر اڏامنديون آھن.اھي پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو روپ بدلائي سگھنديون آهن. جوئا يا راند ۾ قسمت جي ڦيري تي بہ قادر ھونديون آھن[2] آڳاٽا لوڪ وسهندا هئا ته حورون يا پريون به آهن – انهن کي ”اَپسرائون“ (اپڇرائون) سڏيندا هئا. اپسرائن بابت وسهندا هئا ته انهن کي پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ وڻندو آهي، تنهنڪري مٿن اهو نالو رکيائون. ”اپ“ معنيٰ پاڻي ۽ ”سر“ معنيٰ سرڻ يا چرڻ، جنهنڪري اپسرا معنيٰ پاڻيءَ ۾ سرندڙ يا تڙڳندڙ.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Apsara | Indian religion and mythology | Britannica.com
  2. 2.0 2.1 سانچو:Cite EB1911
  3. Gopal, Madan (1990). K.S. Gautam. ed. India through the ages. Publication Division, Ministry of Information and Broadcasting, Government of India. p. 68. 
  4. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)