ايڪواڊور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ايڪواڊور

República del Ecuador  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])
Flag of ايڪئاڊور
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '
  • "Dios, patria y libertad" ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

    Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

    Spanish]])
  • "Pro Deo, Patria et Libertate" (ٻولي؟)
  • "God, homeland and freedom"
ترانو: Salve, Oh Patria  (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
Hail, Oh Homeland
مڪانيت  ايڪواڊور  (تيز سائو) نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)
مڪانيت  ايڪواڊور  (تيز سائو)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)

جو مقامايڪئاڊور
گادي جو هنڌ ڪئيٽو
00°9′S 78°21′W / 0.150°S 78.350°W / -0.150; -78.350
سڀ کان وڏو شهر گئاياڪيل
دفتري ٻوليون اسپينش
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون ڪچوا (ڪئچوئا), شوئار ۽ ٻيون ٻوليون جيڪي مقامي ماڻھو ڳالھائيندا آھن [1]
نسلي گروھ ( )
مقامي آبادي ايڪواڊورين
حڪومت وحدانيصدارتيآئيني ريپبلڪ
• صدر
لينن مورينو
ماريا اليجينڊرا وڪونيا
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
• اعلان ٿيو
10 آگسٽ 1809
• اسپين کان
24 مئي 1822
13مئي 1830
• موجوده آئين
28 سيپٽمبر 2008
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number]a (73rd)
• پاڻي (%)
5
آبادي
• 2016 اندازو
16,385,068[3] (65th)
• 2010 مردم شماري
14,483,499[4]
•  گھاٽائي
58.95 /km2 (152.7 /sq mi) (151st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$194.845 ارب ڊالر[5]
• في سيڪڙو
$11,788[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$109.759 ارب ڊالر[5] (64th)

ايڪواڊور(انگريزي: Ecuador) Listeni/ˈɛkwəd[unsupported input]/ EK-wə-dor جنھڻ جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ايڪواڊور آھي، ھڪ ڏکڻ آمريڪا جي اتر اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جون سرحدون اتر م ڪولمبيا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پيرو ۽ اولھ ۾ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. گيلاپاگوس ٻيٽ پڻ ھن ملڪ جو حصو آهن جيڪي پيسفڪ سمنڊ ۾ ايڪواڊور جي زمين کان اولھ طرف 1000 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪئيٽو ۽ وڏي ۾ وڏو شھر گئاياڪيل آھي

تاريخ[سنواريو]

موجوده ايڪواڊور جي سرزمين تي مقامي آمريڪي انڊين قبيلا رھندا ھيا ۽ اھو علائقو پندرهين صدي دوران آھستي آھستي انڪا ايمپائر جو حصو ٿيندو ويو. 1533 ۾ ھي علائقو اسپين جي قبضي هيٺ آيو.

ارڙھين صديءَ جي پينٽنگ ۾ اسپيني دؤر جو ڪئيٽو جو مکيہ چوڪ ڏيکاريل

1563 ۾ ڪئيٽو اسپين جي ڪالوني واري حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو. 1717 ۾ ھن علائقي کي نيو گريناڊا واري اسپين جي وائسرائلٽي جو حصو بڻايو ويو.1819 ۾ نيو گريناڊا (ڪولمبياوينزويلا ۽ ڪئيٽو گڏجي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ 1822 ۾ انھن ٽنھي گڏجي گرين ڪولمبيا جي نالي سان هڪ وفاق جوڙيو جنھن مان ڪئيثو 1830 ۾ ڌار ٿي ويو ۽ نالو تبديل ڪري ريپبلڪ آف ايڪواڊور جي نالي سان ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو.

1824 ۾ گرين ڪولمبيا جو نقشو
ايڪواڊور 1832 ۾

جنھن کان ھو علائقو 1820 ۾ آزاد ٿي گرئين ڪولمبيا جو حصو بڻيو جنھن کان وري 1830 م ڌار ٿي ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو. 1904 کان 1942 تائين ھن ملڪ پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن ۾ ڪافي علائقا وڃايا. 1995 م ھن ملڪ جي پيرو سان سرحدي جنگ شروع ٿي جيڪا 1999 ۾ نبيري سان ختم ٿي وئي.

ايڪواڊورين فوجي سينيپا جي جنگ دوران
ميراج ايف ون جي اي ايڪواڊورين جھاز جنھن 10 فبروري 1995 ۾ جنگ دوران پيرو جا ٻہ جنگي جھاز ڪيرائي تباھ ڪيا

2008 ۾ ھتي نئون آئين جوڙيو ويو. 2017 ۾ عام چونڊون ٿيون جن ۾ صدر لينن مورينو چونڊجي آيو.[9]

جاگرافي[سنواريو]

ڪوٽوپئڪسي صوبي ۾ واقع هڪ ٻرندڙ جبل

پيرو ۽ ڪولمبيا جي وچ ۾ واقع ھن ڏکڻ آمريڪا جي اولھ پاسي واري ملڪ جي سرحد پيسفڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ 2 00 S, 77 30 W ڊگرين تي آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 283561 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 276841 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 6720 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس ان ايراضيءَ ۾ گيلاپاگوس جا ٻيٽ پڻ شامل آھن. دنيا جي ملڪن جي پکيڙ جي ڀيٽ ۾ ھيئ ملڪ 75 نمبر تي آهي.ھن ملڪ جون زميني سرحدون 2237 ڪلوميٽر جن مان 708 ڪلوميٽر ڪولمبيا سان ۽ 1529 پيرو سان لڳيس ٿي. سامونڊي ڪناري جي ڊيگھ 2237 ڪلوميٽر اٿس. سمنڊ اندر حدن جي دعوا 200 ناٽيڪل ميل، ان کان پوءِ معاشي زون بہ 200 ناٽيڪل ميل ۽ بعد م ڪانٽينينٽل شيلف بہ 200 ناٽيڪل ميل آھي. ھن ملڪ جي سراسري بلندي 1117 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام چمبورازو جبل آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6627 ميٽر بلند آھي.[9]

آبهوا[سنواريو]

ايڪواڊور جي ٽوپوگرافي

سمنڊ ڪناري ھن ملڪ جي آبھوا ٽراپيڪل آھي. اندرين پاسي بلند علائقي م موسم گھڻي ٿڌي رھي ٿي. اميزون ٻيلن واري پاسي بہ آبهوا ٽراپيڪل ھوندي آھي.

زراعت[سنواريو]

ھن ملڪ جي زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 29.7 سيڪڙو آھي جنھن مان 4.7 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان وري 5.6 سيڪڙو مستقل پوکي واري آھي. زرعي زمين جو 19.4 تي مستقل چراگاھون آھن، 19.4 سيڪڙو ٻيلا آھن. 2012 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي 15000 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري ھئي[9].

آبادي[سنواريو]

جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق ايڪواڊور جي آدمشماري 16,290,913 ھئي. آبادي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا ۾ 67 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي ايڪواڊورين سڏيندا آهن.ھتان جي 71.9 سيڪڙو آبادي ميسٽيزو (يعني گورن ۽ ريڊ انڊين نسلن جو گڏيل نسل) آھي، 7.4 سيڪڙو ماڻهو مونٽوبيو ، 7 سيڪڙو ريڊ انڊين، 6.1 سيڪڙو گورا، 4.3 ايڪواڊورين آفريڪي، 1.9 ملاٽو، 1 سيڪڙو ڪارا آھن[9]

ٻوليون[سنواريو]

ھتان جا 93 سيڪڙو ماڻهو اسپينش ٻولي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي.4.1 سيڪڙو ماڻهو ڪئيچوئا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.[9]

مذھب[سنواريو]

اگليسيا ڊي سان سيباسٽيان چرچ جيڪو ڪيوئينڪا ۾ واقع آهي
ايڪواڊور ۾ مذھب[10]
مذھب سيڪڙو
رومنڪيٿولڪ
  
74%
پروٽيسٽنٽ
  
10.4%
لامذھب
  
7.9%
ٻيا
  
6.4%
يھوا جا شاھد
  
1.2%
ڪارا ايڪواڊورين
  
1%
اگنانواد
  
0.1%
ٻيا مذھب
  
0.4%

ھتان جا 74 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن.10.4 سيڪڙو ماڻهو ايوانجليڪل مذھب، 1.2 يھوا جا شاھد(انگريزي: Jehovah's Witness) ۽ 6.4 سيڪڙو ٻڌ ، يھودي، روحانيت پسند، مسلمان، ھندو وغيرہ آهن[9]

حڪومتي ۽ قانوني انتظام[سنواريو]

ھن ملڪ جو نظام صدارتي آئيني ريپبلڪ وارو آھي. ملڪ ۾ ھيٺيان 24 انتظامي صوبا آھن:

ايڪواڊور جو نقشو
ايڪواڊور جي اولھ ۾ پيسفڪ سمنڊ اندر ٻيٽ
ايڪواڊور جا انتظامي صوبا
صوبو زمين (چورس ڪلوميٽر) آدمشماري(2010)

[11]

گاديءَ جو هنڌ
1 آجوئي
(Azuay)
8,639 702,893 ڪئينڪا
(Cuenca)
2 بوليوار
(Bolivar)
3,254 182,744 گئرانڊا
(Guaranda)
3 ڪينر
(Cañar)
3,908 223,463 اسوگيز
(Azogues)
4 ڪارچي
(Carchi)
3,699 165,659 ٽيولڪن
(Tulcán)
5 چمبورازو
(Chimborazo)
5,287 452,352 ريئو بامبا
(Riobamba)
6 ڪوٽوپئڪسي
(Cotopaxi)
6,569 406,798 ليٽاڪنگا
(Latacunga)
7 ايل وارو
(El Oro)
5,988 588,546 مچالا
(Machala)
8 اسمرالڊاس
(Esmeraldas)
15,216 520,711 اسمرالڊاس
9 گيليپاگوس
(Galápagos)
8,010 22,770 پورٽو بيڪوريزو مورينو
(Puerto Baquerizo Moreno)
10 گئاياس
(Guayas)
17,139 3,573,003 گئاياڪئل
(Guayaquil)
11 امبابورا
(Imbabura)
4,599 400,359 ابرا
(Ibarra)
12 لوجا
(Loja)
11,027 446,743 لوجا
13 لاس ريئاس
(Los Ríos )
6,254 765,274 باباھويو
(Babahoyo)
14 منابي
(Manabí)
18,400 1,345,779 پورٽو ويجو
(Portoviejo)
15 مورونا سانتياگو
(Morona-Santiago)
25,690 147,886 مڪاس
(Macas)
16 نئپو
(Napo)
13,271 104,047 ٽينا
(Tena)
17 اوريلانا
(Orellana)
20,773 137,848 پورٽو فرانسسڪو ڊي اوريلانا
18 پاستازا
(Pastaza)
29,520 84,329 پويو
(Puyo)
19 پچينچا
(Pichincha)
9,494 2,570,201 ڪئيٽو
(Quito)
20 سانتا ايلينا
( Santa Elena)
3,763 301,168 سانتا ايلينا
21 سانتو ڊومنگو ڊي لاس ساچيلاس 3,857 365,965 سانتو ڊومنگو
22 سڪمبيئوس
(Sucumbíos)
18,612 174,522 نوئوا لوجا
(Nueva Loja)
23 تنگوراھئا
(Tungurahua)
3,334 500,775 امباتو
(Ambato)
24 زامورا چنچپي
( Zamora-Chinchipe)
10,556 91,219 زامورا

ھن ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني قومي اسيمبلي آھي جنھن جا 137 رڪن آھن جن مان 116 سڌا سنوان تڪن مان چئن سالن لاء چونڊجي ايندا آهن باقي 15 جي چونڊ سڄي ملڪ مان متناسب بنيادن تي ٿيندي آهي.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. "Constitución Política de la República del Ecuador". حاصل ڪيل September 13, 2014. 
  2. "Ecuador-Geography". CIA World Factbook. United States Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 6 October 2017. 
  3. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  4. "Ecuadorian census held on November 28, 2010". وقت September 30, 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 13, 2014. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "Ecuador". International Monetary Fund. 
  6. España. "Tratado de paz y amistad celebrado entre España y la República del Ecuador: en 16 de febrero de 1840". en la Imprenta Nacional. 
  7. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل November 9, 2016. 
  8. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل September 14, 2018. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ec.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIAPAPUANEWGUINEA
  11. "Censo de 2010". وقت September 30, 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 13, 2014.