اوچتي صورتحال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوچتي صورتحال (Ochiti soorthaal) يا فورس دي مازئر (Force de majeure) جو اصطلاح فرانسي قانون جو ٻول يا لفظ آهي، جنهن ۾ اوچتي حانڃي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلطيءَ جي حالت ۾ معاملي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به ٿوري طاقت رکندڙ ملڪ کان غلطيءَ وچان پاڻيءَ جي چوري، وڳوڙ يا ڪاھ ٿي وڃڻ جهڙو ڪو ڏوھ ٿي پوي، پر پوءِ به وڏي قوت رکندڙ ملڪ غلطي ڪندڙ ملڪ کي معاف ڪري ته انهيءَ کي Force majeure جي اصطلاح سان پڌرو ڪيو ويندو آهي. درگذر ڪرڻ جو اِهو عمل ٻن هڪ جيتري قوت رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ به ٿيندو آهي ۽ ڪي واقعا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پڻ ٿيندا آهن. انهيءَ صورتحال جو مثال اپريل 2001ع ۾ آمريڪي سامونڊي فوج جي ويڙهاڪ هوائي جهاز جو چين جي فوجي اڏي تي اوچتو لهي پوڻ وارو واقعو آهي. ٿيو ڇا هو ته آمريڪا ۽ چين جي ويڙهاڪ هوائي جهازن جو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪٻئي سان هلڪو ٽڪر ٿي پيو، ان حادثي جي ڪري آمريڪي جنگي جهاز کي هنگامي طور هوائي اڏي تي لاهڻ ضروري هيو. Force majeure جي قانون تحت، چين جهاز کي لهڻ جي اجازت به ڏني ۽ ڪو اڻ وڻندڙ رد عمل پڻ نه ڏيکاريو. اهڙي طرح هن عمل تحت درگُذر ڪرڻ واري جذبي کي ورجايو ويندو آهي ۽ ملڪي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کان پاسو ڪئي ويندو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد