انٽرويو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انٽرويو __(Interview):

انٽرويو، اخبار نويسيءَ جي فن مان ادب ۾آيل هڪ نئين صنف آهي. ان کي سنڌيءَ ۾”ملاقات“ يا ”مکاميلو“ به چوندا آهن. ڪنهن اخبار يا رسالي يا ٽي. وي يا ريڊيو لاءِ ورتل انٽرويوءَ ۾ڪنهن ليکڪ/فنڪار/سياستدان وغيره کان ذاتي زندگيءَ يا موجوده مسئلن ۽ حالتن تي سوال پڇيا ويندا آهن، جن جا هو جواب ڏيندو آهي. ادبي انٽرويوءَ ۾ڪنهن اديب کان ادب بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏنل هوندا آهن. ادبي انٽرويوءَ ۾ليکڪ کان سندس ذاتي زندگيءَ ، ادبي خدمتن ۽ همعصر حالتن ۽ ادب بابت سوال پڇيا ويندا آهن. [1]

فائل:Videoconferencing via Skype across the Internet between Interview Coach Mark Efinger and a woman being coached.png
اسڪائپ تي ٿيندڙ جديد وڊيو ڪانفرنس

عام طور تي انٽرويو آمھون سامھون ويھي يا بيھي ڪيو ويندو هو پر ھاڻي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سڌ سماء جي وسيلن ذريعي جنھن ۾ انٽرنيٽ شامل آھي، انٽرويو ٻن علحده جاگرافيائي خطن ۾ ھوندي به ممڪن ٿي ويو آھي ان ۾ ويڊيو ڪانفرنس سافٽويئر جي مدد کپندي آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "Introduction to Interviewing". Brandeis University. حاصل ڪيل 2015-05-02.