اميٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اميٽر (Ammeter) برقي ڪرنٽ جي پئمائش ڪرڻ واري اوزار کي چئجي ٿو. اهو اصل ۾ گئلوانوميٽر ئي آهي، جنھن جي پوروڇوٽ زورائتي تَڏ (resistance) ڪُوائل سان ڳنڍجي ٿي. انھيءَ پوروڇوٽ کي شَنٽ (shunt) چئجي ٿو.

اميٽر کي هميشہ برقي سرڪٽ ۾ ٻين اوزارن سان سلسليوار ڳنڍجي ٿو، جنھن سان ڪرنٽ جي پيمائش ڪجي ٿي. سرڪٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين اوزارن جي ڀيٽ ۾ اميٽر جي تَڏَ بلڪل ٿوري ٿئي ٿي، تنھنڪري سرڪٽ مان گذرندڙ ڪرنٽ ۾ تبديلي نٿي ٿئي.[1]

حوالا[سنواريو]