الھڏنو نوناري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الهڏنو نوناري
Allah Dino Noonari
پيدائش 1885
سکر سکر ضلعو سنڌ
وفات 1951(عمر 66)
سکر, سنڌ، پاڪستان
پيشو ڪلاڪار
سَرگَرمُ سالَ 1927–1985

استاد الهڏنو نوناري (انگريزي:Ustad Allah Dino Noonari) سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪل راڳي هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

استاد الهڏنو نوناري، سر زمين سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾ سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، هاڻوڪو شڪارپور ضلعو ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پهريون گائڪ هو، جنهن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بہ ۾ُهارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. -استاد عاشق علي خان- جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنهن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نهايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگ“ راڳ تي وڏي مهارت حاصل هئي، -ان- کان سواءِ -آسا- ۽ -ڀيروي- بہ ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ بہ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن.[1][2]

وفات[سنواريو]

هن 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "استاد الهڏنو نوناري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  2. Aziz, Shaikh. "The legendary maestro". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  3. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-03-02.