الرازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابوبڪر محمد زڪريا رازي
پيدائش 854 CE[1]
ري، فارس، گريٽر ايران
وفات 932 or 925
ري ، فارس، گريٽر ايران
عهد اسلامي سونھري دؤر
شعبه عمل
طب، فلسفو، الڪيمي
اهم نظريا
گندرف جو تيزاب سڀ کان اول ھن ٺاھيو، ماتا ۽ ارڙي جي بيماري تي تحقيق، اکين جي بيمارين جو ماھر، ٻارن جي بيمارين تي ڪتاب لکيائين، نامياتي ۽ غير نامياتي ڪيمسٽري تي تحقيق ڪيائين، ڪيترن ئي ٻين فلسفي جي ڪتابن جو ليکڪ ھيو


الرازي- مشهور طبيب، ڪيميادان، فلسفي ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو ابوبڪر محمد ابن ذڪريا -الرازي- هو. هو 250ھ/ 864ع ۾ -ايران جي شهر ”ري“ ۾ ڄائو. رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين. وڏيءَ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ طب ڏانهن لاڙو رکيائين. ”ري“ جي حاڪم جي ملازمت ۾ آيو ۽ پوءِ انهيءَ شهر جي نئين وڏي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو -بغداد- ۾ به ساڳئي عهدي تي رهيو. پنهنجي دؤر جو سڀني کان وڏو طبيب هئڻ سبب سندس شهرت مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ پکڙجي ويئي، پر بادشاهن جي مزاج ۽ غيريقيني سياسي صورتحال سبب -الرازي- ڪٿي به مستقل طور نه ويهي سگهيو. ڪئين ڀيرا پنهنجي وطن آيو. آخر اتي ئي 313ھ/925ع ۾ وفات ڪيائين. الرازي پنهنجي دؤر جو وڏو طبيب هو. هن مختلف مرضن تي ڪيترائي رسالا لکيا آهن. -ان- کان سواءِ طب جي فن بابت جيڪي ڪتاب هن لکيا آهن، اهي نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. انهن مان ڪيترن جو لاطيني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”الحاوي“ کي ته طب جي -انسائيڪلوپيڊيا- چيو ويندو آهي. -الرازي- انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ 15 سال لڳايا. طب کان سواءِ هن ڪيميا، طبعيات، مابعد طبعيات، سائنس ۽ فلسفي تي به ڪئين ڪتاب لکيا. بلاشڪ هو اسلامي دنيا جو تمام وڏو طبيب ۽ فيلسوف هو.[2]

حوالا[سنواريو]