افسانوي ادب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(افسانوي کان چوريل)

افسانوي يا افسانويت مان مراد اھڙو ڪوئي ڪم آھي جيڪو، جزوي يا مجموعي طور تي، مصنف جي ايجاد ڪيل غير حقيقي ۽ ھٿ ٺوڪي معلومات يا واقعن تي مشتمل ھجي۔ جيتوڻيڪ افسانويت جو اصطلاح خصوصاً ناولن ا۽ افسانن جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، تنھن ھوندي به ھن جو اطلاق جلوه گاھ (ٿيٽر)، فلمن، ٽيليويزن ڊرامن، نظمن ۽ گيتن تي به ٿئي ٿو۔ افسانوي جو ضد غير افسانوي (يا غير افسانويت) آھي جيڪو قطعي طور تي حقيقي (يا گھٽ ۾ گھٽ فرض ڪيل حقيقي) واقعن، تفصيلن ۽ مشاھدن، وغيره جو بيان ھوندو آھي.

افسانوي ادب (Fiction) ڏينهو ڏينهن نوان روپ اختيار ڪندو رهي ٿو. هينئر مختصر افساني ۽ ٻين ڪن صنفن جي ادبي دنيا ۾ گهڻي شهرت آهي. ناول جي اهميت جيتري اڳ ۾ هئي، هن دؤر ۾ ان کان به وڌيڪ آهي. مغربي دنيا ۾ بدستور ناول جي فن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نيون نيون تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن. ان مان نه رڳو اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ صنف ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهي آهي. روزآني جي مشاهدي مان ان ڳالهه جي ڄاڻ پئجي رهي آهي ته ناول جي ضرورت وڌندي پئي وڃي. يورپ ۾ ته فلمون به ناولن تان ٺاهيون وينديون آهن.

ناول جي فن سنڌي زبان ۾ ڪا خاص ترقي ڪانه ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ ناول گهڻي تعداد ۾ ڇپيا، پر رڳو ٿورا اهڙا اصلوڪا ناول آهن، جيڪي صحيح معنيٰ ۾ ناول چئي سگهجن ٿا، ڪي ترجما ٿيل ناول چڱي انگ ۾ اسان جي ادبي خزاني ۾ شامل آهن. ورهاڱي کان پوءِ ناولَ لکڻ گهٽجي ويا آهن. هن صنف ۾ لکندڙن کي همٿائڻ جي ضرورت آهي.

1952ع کان پوءِ جيڪي ناول سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيا آهن، تن مان ڪجهه هي آهن:

  • 1) حسنه، رسول بخش خمار
  • 2) سورج شاخون ڪڍيون، محمد علي ڀٽي
  • 3) درياء جي ڪپ تي، گل حسن گل
  • 4) انصاف ڪٿي آ؟، محمد دائود بلوچ
  • 5) نوران، قاضي عبدالڪريم
  • 6) نازبوءِ، فضل احمد بچاڻي

مٿيان ڪجهه اصلوڪا ناول ۽ انهن کان سواءِ ڪي ٻيا ناول اداري آواز ادب حيدرآباد جا ڇپايل آهن. آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد به چڱي انداز ۾ جاسوسي، تاريخي ۽ رومانوي ناول ڇاپيا. جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

  • 1) ابيلا، لطف الله بدوي
  • 2) لاش، خواجه غلام علي الانا

ڊاڪٽر منظور احمد عرساڻيءَ به هن صنف ۾ پاڻ کي چڱو موکيو آهي. سندس هڪ ناول ”ڪلب ۽ گهر“ ۽ ٻيو ”مجاهد“ جو نسيم حجازيءَ جي اردو ناول تان ترجمو ٿيل آهي، ڇپجي چڪا آهن.

هن دؤر ۾ انگريزي ناولن مان به ڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن، مثال طور،

  • 1) عاشي
  • 2) روح جي ڳولا

پهريون سر رائيڊ هيگرڊ جي انگريزي ناول ”She“ جو ترجمو آهي ۽ ٻيو ”Shadows in the wall“ جو ترجمو آهي. اهي ٻيئي ناول فضل احمد بچاڻيءَ ترجمو ڪيا آهن ۽ دارالترجمه ٽنڊوالهيار ڇپايا آهن.

انهن کان سواءِ ٻيا به ڪي ناول شايع ٿيا آهن، جي اداره ادب نو ۽ ادبيات وارن ڇپايا آهن. سنڌ جي مشهور اهل قلم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪاوشن سبب سنڌي ناول ۾ حقيقي طور اضافو آيو آهي. تاريخي ناول جي فن ۾ کيس خاص ملڪو حاصل آهي، ان سلسلي ۾ سندس خدمات جو گذشته دؤر ۾ تذڪرو ڪيل آهي. هن مختصر عرصي ۾ به سندس ڪافي ناول شايع ٿيا آهن، جن کي ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، انهن مان چند هي آهن:

  • 1) جپاني گڏي
  • 2) امڙ
  • 3) غازي انور پاشا
  • 4) آزاديءَ جي جنگ
  • 5) دکن جا مجاهد
  • 6) سانگهڙ

مٿين سڀني ناولن مان سانگهڙ کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. رائيٽرس گلڊ طرفان ليکڪ کي هن لکڻي لاءِ انعام به ملي چڪو آهي.

هندستان جي مشهور ليکڪا سندري اتمچنداڻيءَ جا ٻه ناول ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ۽ ”ڪرندڙ ديوارون“ سنڌ مان به شايع ٿيا آهن.[1] [2]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)
  2. ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ، محمد اسماعيل عرساني، سنڌي ادبي بورڊ