اسماعيل عليہ السلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسماعيل عليہ السلام
(عربي ۾: إسماعيل‎‎ خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1800 ق م   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت صدي 18 ق م  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مڪو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن مسجد الحرام   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ ابراهيم   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
اسحاق عليہ السلام   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو sibling (P3373) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو نبي ،ٻيا نبي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

مسلمانن جي عقيدي موجب، اسماعيل، الله جو ھڪ نبي ھو.

تفصيل[سنواريو]

حضرت اسماعيل -الله- پاڪ جو پيغمبر، حضرت ابراهيم عليه السلام جو فرزند، اڪبر ۽ بنو قريش خاندان جو پڙ ڏاڏو هو. پاڻ 2248 ق. م ڌاري پيدا ٿيو. سندس لقب ”ذبيح -الله-“ هو. بائيبل جي بيان موجب پاڻ -ان- وقت پيدا ٿيو، جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام جي عمر 86 ورهيه هئي ۽ -ان- کي عنعان ۾ پهچندي يارهن سال گذري ويا هئا. پاڻ 13 ورهين جو هو ته بيبي ساره کي حضرت -اسحاق عليه السلام- پيدا ٿيو. حضرت ساره ۽ حضرت هاجره جي اختلافن جي ڪري حضرت ابراهيم بيبي هاجره ۽ حضرت اسماعيل کي وٺي اتي پهتو، -جتي- هن وقت مڪي جو شهر آهي. -ان- وقت حضرت اسماعيل اڃان کير پياڪ هو، جڏهن پنهنجي والده سان گڏ حضرت ابراهيم ڇڏي ويو. ذبح جو واقعو -ان- کان پوءِ جو آهي. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو جو حضرت ابراهيم عليه السلام کي فرزند جي قربانيءَ جو حڪم مليو، -ان- بعد حضرت اسماعيل کان راءِ پڇي وئي، پاڻ -الله- تعاليٰ جي رضامنديءَ جو احترام ڪندي، پنهنجي والد محترم کي چيائون ته ائين ئي ڪيو جيئن -الله- تعاليٰ جي رضا آهي. پوءِ حضرت ابراهيم -اکيون- -ٻڌي- حضرت اسماعيل کي ذبح پئي ڪيو ته -الله- تعاليٰ جي طرفان -جبرئيل- عليه السّلام حضرت اسماعيل جي جاءِ تي گھيٽو پيش ڪيو ۽ اهو ذبح ٿيو. -الله- تعاليٰ کي سندس اها قرباني قبول پئي. انهيءَ ڪري ئي حضرت اسماعيل ”ذبيح -الله-“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. کين حضرت ابراهيم عليه السّلام کانپوءِ نبوت ملي، 137 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. کين ٻارهن پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. پاڻ واپار به ڪندو هو. کين پنهنجي والده ماجده جي مزار جي ويجھو دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]