ابراهيم جليس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابراهيم جليس اصل نالو محمد ابراهيم حسن ممتاز صحافي، اديب ۽ افسانه نگار، مزاحيه خاڪا نويس، فلمي ڪهاڻي ۽ مقالا نگار 11 آگسٽ 1922ع تي بينگلور (ناناڻي گهر) ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو احمد حسين هو. ابراهيم جليس روزنامه ”انجام“ ڪراچي (671965) ۽ روزنامه ”مساوات“ ڪراچي (1977ع) جو ايڊيٽر رهيو. هي گهڻو عرصو ”جنگ“ ڪراچي ۾ ”وغيره وغيره“ جي عنوان سان به ڪالم لکندو رهيو ۽ روزنامه ”امروز“، ”عوامي عدالت“ ۽ ”حريت“ سان پڻ وابسته رهيو. هن کي ”صدارتي تمغه برائي حسن ڪارڪردگي“ سان پڻ نوازيو ويو هو. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن. 1 زرد چهري (1945)، 2 چاليس ڪروڙ ڀڪاري (1945)، 3 ڪچهه غم جانان ڪچهه غم دوران (1946)، 4 آزاد غلام (1955)، 5 ڪالا چور، 6 زمين جاگ رهي هي، 7 الٽي قبر (1978)، 8 جليس ڪي ڪهانيان، 9 پبلڪ سيفٽي ريزر (ڪالم و افساني)، 10 پتي ڪي بات، 11 قلمي خليي، 12 دو ملڪ ايڪ ڪهاني، 13 شگفته شگفته، 14 جيل ڪي دن، جيل ڪي راتين، 15 صرف ايڪ پيسي ڪي خاطر، 16 نئي ديوار چين، 17 اوپر شيرواني اندر پريشاني، 18 جنگل مين جنگل، 19 آسمان ڪي باشندي، 20 ترنگي ڪي چهائون، 21 بنگال مين اجنبي (سفرنامو). ابراهيم جليس، 26 آڪٽوبر 1977ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]