ابراهيم بن اڌم بلخي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابراهيم بن اڌم بلخي
(عربي ۾: إبراهيم بن أدهم خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم 13 مَئي 718  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 776 (57–58 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت اموي (–750)
خلافت عباسيہ (750–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مسلمان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


هڪ مسلمان صوفي، جيڪو -بلخ- جي اميرزادن مان هو، پر ڪن روايتن مطابق پاڻ -بلخ- جو حاڪم هو. جڏهن طبيعت زهد ۽ فقر طرف لاڙو ڪيس ته سڀ ڪجهه ڇڏي، دنيا کان الڳ ٿي ويو. اوني ڪپڙو پائيندو هو، جيڪو صوفين جو شعار آهي. سڄو وقت عبادت الاهيءَ، رياضت ۽ سياحت ۾ گذاريائين. هن سفيان ثوريءَ ۽ فضيل -بن- عياض کان فيض حاصل ڪيو ۽ -تصوف- ۾ هڪ وڏو رتبو حاصل ڪيائين. هي -تصوف- ۾ -ان- مقام تي وڃي پهتو، -جتي- اڪثر وڏا وڏا صوفي شاعر کيس ڏسي رشڪ ڪندا هئا. ابراهيم -بن- اڌم مڪي شريف ۾ ڄائو، -تعليم- به اتي حاصل ڪيائين. سندس قول اڄ به مشهور آهن، جيئن ته هڪ مجلس ۾ ماڻهن هن کان پڇيو ته ”ڪهڙو سبب آهي، جو -الله- تعاليٰ اسان جون دعائون قبول نٿو فرمائي“، جنهن تي پاڻ جواب ڏنائين، ته ”-الله- تعاليٰ کي ڄاڻڻ باوجود سندس اطاعت نٿا ڪريون. رسول -الله- کي سڃاڻڻ باوجود -ان- جي پيروي نٿا ڪريون. قرآن شريف کي پڙهون ٿا، پر -ان- تي عمل نٿا ڪريون. -الله- تعاليٰ جون نعمتون ته حاصل ڪريون ٿا، پر سندس شڪر ادا نٿا ڪريون. خبر به اٿئون ته دوزخ گناهگارن لاءِ آهي، پر -ان- کان ڊڄون نٿا. شيطان کي دشمن ٿا سمجهون، پر -ان- کان ڀڄون نٿا. عزيزن ۽ قريبن کي هٿ سان ٿا دفن ڪريون، مگر -ان- مان عبرت نٿا حاصل ڪريون. اهڙي صورت ۾ ڪنهن جي دعا ڪيئن قبوليت حاصل ڪندي.“ سندس -جنم- جو سال 783ع آهي ۽ سنه 894ع ۾ وفات ڪيائين. هن بزرگ جي سنڌ ۾ آمد بابت ڪجهه روايتون آهن. ’اروڙ‘ سلسلي جي ٽڪرين ۾ خيرپور ضلعي، تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ڳوٺ راڄپاريءَ ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي، سندس نالي سان هڪ آستانو ۽ روضو موجود آهي. -جتي- ”ابراهيم -بن- اڌم“ جو ميلو 13 رمضان تي لڳندو آهي. ابراهيم اڌم واري ٽڪريءَ جي ڀر ۾ واقع هڪ ٻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قبر وانگر پٿرن جو هڪ ڍڳ آهي. جيڪو اولهه -اوڀر- رخ ۾ آهي. -ان- قبر کان سواءِ هتي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي. هن قبر بابت مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته اهو ابراهيم اڌم سلطان جو پهريون آستانو آهي، -جتي- هن ٻه ٽي سال قيام ڪيو. ٽڪريءَ کان -اوڀر- وارو علائقو ڪنهن وقت ۾ درياهه جو وهڪرو هو. پير مشائخ جي درگاهه هتان -اوڀر- ۾ ڪجهه فاصلي تي آهي، -جتي- درياهه جو پراڻو وهڪرو آهي. روايتن موجب هن علائقي ۾ سلطان ابراهيم اڌم ڪل 12 سال قيام ڪيو.[2]

حوالا[سنواريو]