آنگڪولاجي (طب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آنگڪولاجي
Oncology

دل جي سي ٽي اسڪين ميسوٿيليوما جي خرابي ايسٽيرسڪ (*) ذريعي تيرن جي وچ ۾ ڏيکاريل
فوڪس ڪينسر واري رسولي
ذيلي ورھاستون ميڊيڪل آنگڪولاجي، ريڊيئيشن آنگوڪولاجي، سرجيڪل آنگڪولاجي
اھم چڪاسون ٽيومر مارڪر، TNM اسٽيجنگ , سي ٽي اسڪين, ايم آر آء اسڪين


آنگڪولاجي يا آڱڪولاجي(انگريزي: Oncology ) طب (medicine) جي ھڪ شاخ جو نالو آهي جيڪا ڪينسر جي روڪ، تشخيص ۽ علاج جي باري ۾ علم آھي. ھن طبي شاخ جي ماھر کي آنگڪولاجسٽ يا آڱڪولاجسٽ چئبو آهي. [1] لفظ آنگڪولاجي يوناني ٻوليءَ جي لفظ ὄγκος (آنڪوس -ónkos) ۽ λόγος (لاگس - logos ) مان نڪتل آهي. آنڪوس جي معني رسولي (tumor)، مقدار يا مايو آھي، ۽ لاگس جي معني آھي اڀياس.[2] ھن علم مطابق ڪينسر ۾ جان بچائڻ جو عمل ٽن طريقن سان ٿئي ٿو؛ پھريون اھو تہ ڪينسر جي خطري کي پيدا ڪندڙ ڪمن جھڙوڪ: تماڪ ڇڪڻ ۽ شراب واپرائڻ وغيره کان پاسو ڪرڻ شامل آهي؛[3] ڪينسر جي مرض جي سڃاڻپ بعد ان جي اسڪريننگ ۾ بھتري آڻڻ؛ [4] ۽ علاج ذريعي بھتري آڻڻ. [5][6] ڪينسر جي بيمارين کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف ڪينسرن کي روڪڻ وارين ڪانفرنسن ۾ بحث ڪيا ويندا آهن. [7] انھن ڪانفرنسن ۾ ميڊيڪل آنگڪولاجسٽ، سرجيڪل آنگڪولاجسٽ ، ريڊيئيشن آنگڪولاجسٽ، ريڊيالاجسٽ، پيٿالاجسٽ ۽ مخصوص عضون جا آنگڪولاجسٽ شامل ٿي ڪينسر جي مريض جي جسماني، سماجي، نفسياتي، جذباتي ۽ مالياتي حالت کي سامھون رکندي ان جي بھترين ممڪن سنڀال جا طريقا ڳوليندا آهن. ھڪ آنگڪولاجسٽ جي لاء اھو لازمي هوندو آهي تہ تازي علمي واڌ کان پاڻ کي واقف رکي.

حوالا[سنواريو]

  1. Maureen McCutcheon. Where Have My Eyebrows Gone?. Cengage Learning, 2001. ISBN 0766839346. Page 5.
  2. Types of Oncologists, American Society of Clinical Oncology (ASCO).
  3. Stein, C. J.; Colditz, G. A. (2004-01-26). "Modifiable risk factors for cancer". British Journal of Cancer 90 (2): 299–303. doi:10.1038/sj.bjc.6601509. ISSN 0007-0920. PMID 14735167. 
  4. Hristova, L.; Hakama, M. (1997-01-01). "Effect of screening for cancer in the Nordic countries on deaths, cost and quality of life up to the year 2017". Acta Oncologica 36 Suppl 9: 1–60. ISSN 0284-186X. PMID 9143316. 
  5. Forbes, J. F. (1982-08-01). "Multimodality treatment of cancer". The Australian and New Zealand Journal of Surgery 52 (4): 341–346. doi:10.1111/j.1445-2197.1982.tb06005.x. ISSN 0004-8682. PMID 6956307. 
  6. Bristow, Robert E.; Chang, Jenny; Ziogas, Argyrios; Campos, Belinda; Chavez, Leo R.; Anton-Culver, Hoda (2015-05-01). "Impact of National Cancer Institute Comprehensive Cancer Centers on ovarian cancer treatment and survival". Journal of the American College of Surgeons 220 (5): 940–950. doi:10.1016/j.jamcollsurg.2015.01.056. ISSN 1879-1190. PMID 25840536. 
  7. Croke, J.M.; El-Sayed, S. (2012-08-01). "Multidisciplinary management of cancer patients: chasing a shadow or real value? An overview of the literature". Current Oncology 19 (4): e232–e238. doi:10.3747/co.19.944. ISSN 1198-0052. PMID 22876151.