آل انڊيا مسلم ليگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آل انڊيا مسلم ليگ
پارٽي جا صدر ٿيندڙ اڳواڻ محمد علي جناح، لياقت علي خان،اي ڪي فضل الحق، آغا خان ٽيون، حسين شھيد سھروردي، فيروز خان نون، خواجه ناظم الدين، چوڌري خليق الزمان، محمد علي بوگرہ
باني نواب وقار الملڪ
بنياد 30 ڊسمبر 1906 (1906-12-30) ڊاڪا، برٽش انڊيا، (موجوده: بنگلاديش)
خاتمو 15 آگسٽ 1947
جانشين مسلم ليگ پاڪستان ۽ انڊين يونين آف مسلم ليگ(انڊيا ۾)
صدر مقام لکنو
اخبار ڊان اخبار
شاگردن واري شاخ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
پارلياماني ونگ خاڪسار
نظريو پين اسلام ازم ، ٻہ قومي نظريو
مذهبي وابستگي اسلام
بين الاقوامي وابستگي آل انڊيا مسلم ليگ لنڊن چيپٽر
چونڊن لاءِ نشان
ھلالي چنڊ ۽ ستارو

آل انڊيا مسلم ليگ(انگريزي: All-India Muslim League), جيڪا مسلم ليگ جي نالي سان مشھور ھئي، ھڪ سياسي پارٽي ھئي جنھن جو بنياد نواب وقار الملڪ ۽ سر آغا خان ٽيون 30 ڊسمبر 1906 ۾ ڊاڪا ۾ رکيو. ھن جماعت ھندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علحده ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ سخت موقف رکيو ۽ ان م ڪامياب ٿي وئي . اھڙي طرح مسلمانن لاءِ پاڪستان جو بنياد پيو. [1]ھن پارٽيءَ جو بنياد سر سيد احمد جي علي ڳڙھ تحريڪ جي نتيجي ۾ پيو.[2] 1912 تائين ھن تنظيم برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي پر ان سال خودمختياري جو مطالبو ڪيو. 1913 ۾ محمد علي جناح انڊين نيشنل ڪانگريس ڇڏي ھن جماعت ۾ شامل ٿيو[3]. پھرين جنگ عظيم ۾ ھن تنظيم انڊين نيشنل ڪانگريس وانگر وري برطانوي راڄ جي حمايت ڪئي ۽ ٻنھي جماعتن گڏجي ڪم ڪيو ۽ 1916 ۾ لکنو پيڪٽ ذريعي انڊيا جي سڀني ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ڪائونسل ۽ علائقائي حڪومتن ۾ وڏي پيماني تي نمائندگيءَ جو حق ، مسلمانن کي جدا گانه چونڊن جو حق آهي ڏيڻ جو گڏيل مطالبو ڪيو[3]. 1920 ۾ جناح جي گانڌي سان اختلافن سبب ھيء پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کان اتحاد مان علحده ٿي وئي. 1935 جي اليڪشن ۾ ھن پارٽي کي ڪٿي بہ نمايان ڪاميابي نہ ملي سگھي جنھن بعد محمد علي جناح پاڻ مسلمانن جو واحد ترجمان بڻجي مسلمانن جي ووٽ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1940 ۾ لکنو جي پارٽي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحده وطن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان جي کيس زبردست موٽ بينگال ۽ پنجاب جي مسلمانن کان ملڻ شروع ٿي جن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. نتيجي ۾ 1945 جي عام چونڊن ۾ ھن پارٽي کي وڏي ڪاميابي ملي جنھن مطابق 533 مان 460 مسلمان ليجسليٽو اسيمبليء وارين سيٽن تي چونڊجي آيا. اھڙي طرح ھندوستان جي تقسيم جي لاء راھ ھموار ٿي وئي ۽ 1947 ۾ ورھاڱو عمل ۾ آيو جنھن سان ھي پارٽي جو خاتمو عمل ۾ آيو ۽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ مسلم ليگ نالي نيون پارٽيون ٺھيون. اھي نيون پارٽيون پنھنجي حيثيت برقرار رکي نہ سگھيون[3]..

حوالا[سنواريو]

  1. "Establishment of All India Muslim League". Story of Pakistan. صفحو. 1. حاصل ڪيل 14 February 2014. 
  2. Sequeira, Dolly. Total History and Civics ICSE 10.New Delhi:MSB publushers,2016.Print.
  3. 3.0 3.1 3.2 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 35 ,