سنڌسلامت: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Aursani moved page سنڌ سلامت to سنڌسلامت over redirect
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 09:25, 1 اپريل 2017ع

سنڌسلامت
سائيٽ جو قِسمُ
سماجي فورم
۾ موجود سنڌي
ٺاهي وئي اپريل 1, 2009؛ 15 سال اَڳُ (2009-04-01)
مکيه دفتر
ڌڻي عبدالرشيد سمون
Editor عبيد ٿهيم
يوآرايل www.sindhsalamat.com
يوزرز 7,363+
لانچ ڪيل اپريل 9, 2009؛ 15 سال اَڳُ (2009-04-09)
موجوده حيثيت فعال
Content license
زينوفورو لائسنس
۾ لکيل زين فورو

سنڌسلامت سنڌي ماڻهن جن ۾ اديب، شاعر، محقق ۽ ٻيا روزآني زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن انهن جي لاءِ آن لائين فورم آهي، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي، سائنس، ادب ۽ ٻين عنوانن سان لاڳاپيل سيشن موجود آهن. سنڌسلامت جو مقصد سِنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌرو آهي.[1]

تعارف

سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 15 اپريل 2009 ۾ سِيتا، ضلعي دادُو جي عبدالرشيد سمون پاران لانچ ڪئي وئي، جيڪا پهرين وِي بُليٽن فورم سافٽويئر تي هلندي هُئي، 2010 ۾ سنڌسلامت کي زين فورو فورم سافٽويئر تي لاٿو ويو، سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي.

انگ اکر

سنڌ سلامت تي هن وقت 7,363+ رجسٽرد رڪن آهن ۽ روزانه 1200 کان مٿي ماڻهو سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃن ٿان. سنڌ سلامت تي مختلف موضوعن تي 36,304+ ليک ۽ 176,765+ رايا آيل آهن.

مقصد

سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو مقصد سڄي دُنيا جي سنڌين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري سِنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۽ سِنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام پاران مختلف وقتن تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ مختلف پراجيڪٽس منظرِ عام تي آندا ويا آهن ۽ ڪُجهه پراجيڪٽس ڪم جاري آهي. [2][3]

ادارتي عملو

سنڌسلامت جا موجوده انتظامي رُڪن.

تصوير نانءُ عُهدو دور
مُنتظمِ اعليٰ عبدالرشيد سمون 2009 کان هلندڙ
نائب مُنتظم نثار ابڙو 2009 کان هلندڙ
مُنتظم علي ظفر 2009 کان هلندڙ
مُنتظم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري 2013 کان هلندڙ
ٻانهن ٻيلي عامرضياء چارڻ 2009 کان هلندڙ
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ سجاد علي چنا 2015 کان هلندڙ
مينيجنگ ايڊيٽر محمدسليمان وساڻ 2010 کان هلندڙ
سُپر ايڊيٽر عبيدالله ”عبيدٿهيم“ 2014 کان هلندڙ
ايڊيٽر رحيم بخش ڏاهري 2009 کان هلندڙ

سنڌسلامت جا سابق انتظامي رُڪن

تصوير نانءُ عُهدو دور
سرپرستِ اعليٰ نثارناز سمون 2009 کان 2014
ايڊيٽر اسد ميرجت 2010 کان 2014
ايڊيٽر وحيد ڦلپوٽو 2009 کان 2014

منصوبا

سنڌسلامت ڊاٽ ڪام پاران لانچ ڪيل پراجيڪٽس ۾

حوالا