ڳجهارت: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} '''ڳجهارت''' (Gujhaarat) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مط...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 21:50, 27 مارچ 2017ع

ڳجهارت (Gujhaarat) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر استنبول ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي. [1]

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد