سنڌ: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 47: سِٽَ 47:


سنڌ پاڪستان جو چئن صوبن مان هڪ اهم صوبو آهي ، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي ۔
سنڌ پاڪستان جو چئن صوبن مان هڪ اهم صوبو آهي ، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي ۔
تاريخي طور تي اهو سنڌي ماڻھن جو گهر رهيو آهي۔ ان کي مقامي طور تي واڌي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو ۔ پکير جي لحاظ کان سنڌ ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ ٻيو وڏو صوبو آهي پنجاپ کان پوء ، سنڌ جون سرحدون اولھ ۾ بلوچستان، اتر ۾ پنجاپ سان، اوڀر ۾ ڀارت جي رياستن راجستان ۽ گجرات سان ملن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ڏکڻي سرحد عربي سمنڊ سان ملي ٿي۔ سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي ، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر ريگستان واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ آف ڪڇ ريگزتان سان ملي وڃي ٿو۔ سنڌ جي اولھ ۾ کير ٿر جبل واقع آهي ۔ سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿدي رهندي آهي۔ سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي۔
تاريخي طور تي اهو سنڌي ماڻھن جو گهر رهيو آهي۔ ان کي مقامي طور تي واڌي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو ۔ پکير جي لحاظ کان سنڌ ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ ٻيو وڏو صوبو آهي پنجاپ کان پوء ، سنڌ جون سرحدون اولھ ۾ بلوچستان، اتر ۾ پنجاپ سان، اوڀر ۾ ڀارت جي رياستن راجستان ۽ گجرات سان ملن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ڏکڻي سرحد عربي سمنڊ سان ملي ٿي۔ سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي ، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر ريگستان واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ آف ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو۔ سنڌ جي اولھ ۾ کير ٿر جبل واقع آهي ۔ سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿدي رهندي آهي۔ سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي۔ ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کانوڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بيڪن جو سٽم موجود آهي ، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ بن قاسم بندرگاھ ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن ۔ باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي ، جيڪي لاتعداد ميوا ، ڀاڄيون ، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۔ سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي۔






ورجاءُ بمطابق 18:28, 12 فيبروري 2017ع

سنڌ
ملڪ:  پاڪستان
صوبائي حيثيت:  14 آگسٽ 1947ع
                            1 جولاء 1970
گادي جو هنڌ : ڪراچي
وڏو شهر:  ڪراچي
حڪومتي نظام: خودمختيار صوبي حيثيت وفاقي حڪومت هيٺ
گورنر:  محمد زبير حيات ( 02-02-2017)
وزير اعليٰ  :  سيد مراد علي شاھ
قانون ساز اسمبلي:  سنڌ اسمبلي (صوبائي)
وڏي ڪورٽ : سنڌ ھاء ڪورٽ
پکير:   140،914 ڪلوميٽر (54،407 ميل)
آبادي (2011) :  55،245،497
گهٽائي : 390/ڪلوميٽر (1000ميل)
وقت : پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
اهم ٻوليون : سنڌي (صوبائي) انگريزي (سرڪاري) اردو (قومي)، سرائڪي , هنڌي، پشتو، پنجابي، 
قومي اسميبلي ۾ سيٽون:  75 سيٽون
صوبائي اسميبلي ۾ سيٽون:  168سيٽون
ضلعا:  29
تحسيل: 119
يونين ڪائونسل:  1108
ويبسائٽ: sindh.gov.pk


سنڌ پاڪستان جو چئن صوبن مان هڪ اهم صوبو آهي ، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي ۔ تاريخي طور تي اهو سنڌي ماڻھن جو گهر رهيو آهي۔ ان کي مقامي طور تي واڌي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو ۔ پکير جي لحاظ کان سنڌ ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ ٻيو وڏو صوبو آهي پنجاپ کان پوء ، سنڌ جون سرحدون اولھ ۾ بلوچستان، اتر ۾ پنجاپ سان، اوڀر ۾ ڀارت جي رياستن راجستان ۽ گجرات سان ملن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ڏکڻي سرحد عربي سمنڊ سان ملي ٿي۔ سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي ، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر ريگستان واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ آف ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو۔ سنڌ جي اولھ ۾ کير ٿر جبل واقع آهي ۔ سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿدي رهندي آهي۔ سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي۔ ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کانوڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بيڪن جو سٽم موجود آهي ، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ بن قاسم بندرگاھ ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن ۔ باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي ، جيڪي لاتعداد ميوا ، ڀاڄيون ، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۔ سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي۔




دستاويزي ثبوت ٻڌائين ٿا ۽ تاريخي سچائي به اِها آهي ته ذري گهٽ هي سڄو ننڍو کنڊ ڪنهن زماني ۾ سنڌ هئي. هند، هندو، هفت هندو، هندڪو، هندي، هندستان، انڊ، انڊو، انڊس، انڊيا نالا سنڌ تان کنيل آهن.

هاڻوڪو سڄو پاڪستان قديم سنڌ (Sindh) جي ڌرتي تي ٺهيل آهي. ان قديم سنڌ بابت هڪ راءِ اها به آهي ته بلوچستان, ايراني بلوچستان، اڌ ايران، افغانستان، هندستان، سريلنڪا ۽ ڪشمير وغيره سنڌ هئا , سنڌ ڪنهن وقت ۾ موجوده قابل کان اڄ واري آسٽريليا تائين پکڙيل هئي . افغانستان، بلوچستان، ڪشمير، سرائيڪي بيلٽ، گجرات (ڀارت واري) ڪڇ ڀُڄ، راجسٿان مارواڙ جا قديم ماڻهو سنڌي نسل جا آهن. [1]

سنڌ، جنهن جو صحيح اچار ”سنڌو“ آهي، سو شروعاتي طرح اُنهيءَ نديءَ جو نالو آهي، جيڪا الهندن ملڪن ۾ ”انڊس“ (Indus) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اِهو غلط اُچار انهيءَ ڪري قائم رهيو ، جو اُهو سڪندر اعظم جي ساٿين سندس ڪاهن جي تذڪرن ۾، ڪتب آندو هو، ۽ اُهو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو. مشرقي اًچارن ۾اهڙي ڦيرگهير واقع ٿيندي رهندي آهي. حضرت عيسيٰ عليه الاسلام کان هڪ صدي پوءِ جوڙيل هڪ ڪتاب ۾ ”سنٿاس“(Sinthos) نالو آيل آهي، جيڪو اصل ۾ ڪجهه وڌيڪ قريب آهي.

هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنيٰ آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ. يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته خود سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنيٰ هئي ندي يا درياهه ... جنهن جي پٺيان ساري ملڪ تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي ... هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.“ هنونءَ به سنڌ ۽ سنڌو هڪ ئي وجود جو نالو آهي. سنڌؤَ کان سواءِ سنڌ ڪا به معنى نه ٿي رکي. هن ديس تان سنڌ جو نالو مٽايو يا بدلايو وڃي ته اهو پاڻ سان دوکو ۽ فريب چئبو. ڇو جو بقول لئمبرڪ جي ته، ”اهو بلڪل سونهين ٿو ته هن سرزمين جو نالو سنڌو ندي جي نالي سان لاڳاپيل هجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نديءَ ئي کيس جنم ڏنو آهي ۽ سندس پرورش ڪئي آهي. هي سڄو خطو جيڪو ڪيترا سو ميل ڊگهو ۽ ويڪرو آهي. تنهن جو ذرو ذرو ۽ هر تهه سنڌو ندي تشڪيل ڏنو آهي.“ [2] [3]

پوءِ ”سنڌ“ جو نالو اُنهي ملڪ تي پيو، جنهن کي سنڌو نديءَ جو هيٺيون وهڪرو رجائي ٿو، يعني اهو ملڪ اُنهن ڏاني ندين جي سنگم کان هيٺ تي آهي، جن جي گڏيل نالي تي ۽ ان کان مٿي واري ملڪ کي ”پنجاب“ سڏيو ويو، جنهن منجهان اُهي وهيون ٿي.

اها ڳالهه بلڪل مناسب آهي، جو سنڌ جي سر زمين درياهه شاهه جي نالي پٺيان سڏجي، جو ان کي سرجيو ئي درياهه شاهه آهي. ان سموري ڏيهه کي، جيڪو ڊيگهه ۾ سوين ميل ۽ ويڪر ۾ سو ميلن تائين آهي، سنڌوءَ جي پاڻي ڪڻو ڪڻو ڪري آڻي تهه مٿان تهه رکي جوڙيو ۽ ٿانيڪو ڪيو آهي. جنهن پڻيءَ کي اڄ اسان جا پير لتاڙين ٿا، سا اُها ساڳي پئي آهي، جنهن کي موهن جي دڙي وارا ۽ سندن وڏا لتاڙيندا هئا: يعني سنڌوءَ جو لوڙهي آندل لَٽُ، جنهن کي گرميءَ، پاڻيءَ ۽ ساوڪ جي تاثير سڌاري سنواري، هڪ سنئين سڌي ميدان جي شڪل ۾ ماٿريءَ جي ڇيڙن تائين ائين پٿاري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته ان جو ڪو ڇيهه ئي نه هجي فرق رڳو ايترو آهي ته جنهن ڌرتيءَ کان هو واقف هئا، تنهن جو مٿاڇرو ڪي پنجاهه صديون اڳ اڄوڪي مٿاڇري کان ڪجهه فٽ هيٺ هو ۽ ان جو سمنڊ سان ميلاپ اڄوڪي هنڌ کان ڪافي اندر ٿي ٿيو، باقي ان جي مٿاڇري جو مهانڊو، ان جا هڪ يا ٻئي پاسي اڻ لکا لاهه اڄوڪي چٽي ۽ بلڪل واضع مهانڊي کان ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ڦريل هجن. پر اهو فرق به خالي اکين سان ڏسي نه سگهبو. سنڌ جي ان ميدان جي وڌيڪ باريڪ جانچ ڪبي، پر پهريائين ڀر وارين سر زمينن تي نظر ڦيرائي وٺون.

سنڌ جي جاگرافي

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي جاگرافي

سنڌوءَ جي ويڪريءَ ماٿريءَ جي کاٻي پاسي، يعني اوڀر کان، هندوستان جو وسيع ريگستان، ٿر، آهي. جنهن ۾ لاڳيتو ٽي سوء ميل سڃ ئي سڃ آهي ۽ جيڪو هري هري چڙهندو، وڃي ابو ٽڪريءَ ۽ اوالي ٽڪرن تي کٽي ٿو. جمڙائوءَ جي منڍ واريءَ ويڪرائي ڦاڪ جي ڏکڻ کان ويندي ڪڇ جي رڻ تائين ٻنهي علائقن جي وچ وارو ٽڪر ائين واضع ۽ چٽو آهي، جيئن سمنڊ جو ڪپر- واريءَ جا دڙا ائين اوچتو نروار ٿين ٿا، جيئن ڪنهن سڌي سنواٽي ميدان ۾ ڇپن جون قطارون، پريان اُتر ۾، واريءَ جون ڀٽون ڪچي ۾گهڙي اچن ٿيون، ۽ سنڌوءَ جي ليٽ وارياسي علائقي ۾ ڪافي اندر تائين هلي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح، اُنهن ٻنهي ٽڪرن جي وچ ۾، جيڪي طبعي لحاظ کان مختلف مُول منڍ وارا آهن، اصل ويڇو گهڻي ڀاڱي ميسارجيو وڃي. ائين کڻي چئجي ته ٿلهي ليکي، ڪچي کان ٿر جو ويڇو هن علائقي ۾ ڪجهه وڌيڪ اوڀر ڏانهن آهي. ڏاکڻي ۽ اترئين ڀاڱي ۾ وارياسي جي سنڌي جو هيءَ فرق ڏکڻ- اولهه جي چوماسي جي ٻل نٻل ۽ گهاٽيءَ واڌيءَ جي ڪري ڦرندو گهرندو رهي ٿو.
ساڄي يا اُلهندي پاسي کان اصل سنڌ جون حدون انهن ڪڪرالين ماٿرين جي ڇيڙي جي سنوت ۾ نظر اينديون، جيڪي بلوچستان جي اندر ڦلهجي ويندڙ ٽاڪرو علائقي تائين هليون وڃن ٿيون. پرحقيقت ۾ ان مٿانهين پٽ سان هڪدم لڳولڳ زمين ٽڪرين تان وهي آيل لٽ منجهان ٺهيل آهي. اها سنڌوءَ جي لٽ کان بلڪل نرالي ٿئي ٿي. اهو تر جنهن کي مڪاني طرح ”ڪاڇو“ سڏيو وڃي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي سوڙهو آهي، سو سليمان جبل ۽ بولان لڪَ کان ڏکڻ طرف ويندڙ جبلن جي وچ ۾، ڊيگهه ۾ وڌندي، ڪيترن هزارين چورس ميلن جو علائقو ٺاهي ٿو. ان جو جيڪو ڀاڱو سنڌوءَ واري ڪچي کي ويجهي ۾ ويجهو آهي، سو چيڪي مٽيءَ جهڙيءَ مٽيءَ جو تراکڙو بيابان آهي، جتي سبزو ۽ ساوڪ نه هئڻ جي برابر آهن. اهو بيابان هڪ قدرتي روڪ آهي- اهڙي ئي اڏول، جهڙا اُهي جبل، جيڪي ان طرف جون ٻيون حدون ٺاهين ٿا. ان بيابان جي ڪري ئي ڪڇيءَ جو هيءَ علائقو گهڻو ڪري سياسي طرح ڏکڻ اوڀر وارين ايراضين جي بدران اُتر وارين ايراضين سان لاڳاپيل سمجهبو رهيو آهي.

سنڌ جي ڪچي جي اولهه ۾ جيڪو جابلو ٽڪرو آهي، سو بيهڪ ۾ اوڀر واري ريگستاني ٽڪري سان عجيب مشابهت رکي ٿو. پر ابتيءَ ترتيب سان: يعني اتريون ڀاڱو ڪڇيءَ جي ڇيڙي کان ويندي منڇر تائين بظاهر اڻ ڀڳل ڪوٽ ٺاهي ٿو، جڏهن ته منڇر کان ڏکڻ طرف ڌار ڌار ٽاڪرو ڇپر نظر ايندا، جن جي وچ ۾ سئين پٽ جون ايراضيون آهن، ۽ سمورو تر ڏکڻ ڏانهن هلندي، هوريان هوريان ويڪر ۾ وڌندو ۽ اُچارئيءَ ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ اولهه پاسي ڪا ظاهري حد ٺاهيندو نظر نٿو اچي.
اُنهيءَ پاسي وڌندي، حب ندي ۽ ڪي ننڍيون ٽڪريون اُڪري، اسين لس جي ميدان ۾ پهچون ٿا، جيڪو سمنڊ جي ڪپر کان ساٺيڪو ميل اُتر طرف هليو وڃي ٿو ۽ جنهن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر انهيءَ مفاصلي جي اڌ جيتري ٿيندي. اهو ميدان پورالي نديءَ ۽ ڪن ننڍين نين جي آندل لٽ منجهان جُڙيو آهي. ۽ مٿي ڄاڻيل ڪڇيءَ جي ميدان وانگر، جنهن سان اهو گهڻي مشابهت رکي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن سياسي طرح سنڌ سان لاڳاپيل پر گهڻو ڪري ان کان ڌار رهيو آهي. هيءُ انهن علائقن جو مختصر بيان آهي، جن جون ڪڏهن ننڍيون ڪڏهن وڏيون ايراضيون اُن سر زمين سان شامل رهيو آهن، جنهن کي سياسي طور ”سنڌ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته طبعي لحاظ کان سنڌ جي اوڀر وارا وارياسا پٽ راجپوتانا جو ۽ اولهه وارا ننڍا ٽَڪر بلوچستان جو حصو آهن. تحقيق، الهندي ڪوهستان يعني ڪاڇي جا ۽ اڀرندي ريگستان يعني ٿر جا رهواسي ”سنڌ ڏي هلڻ“ جي ڳالهه ڪندا آهن: هنن وٽ سنڌ جي معنيٰ اهائي اصل واري آهي، يعني اها سر زمين، جنهن کي سنڌو نديءَ ٺاهيو ۽ سدا تاتيو آهي. اڄ جيڪو پرڳڻو ان نالي سان اسان جي سامهون آهي، تنهن جي بيهڪ 27 ڊگريون 30 منٽ ۽ 23 ڊگريون 35 منٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 42 منٽ ۽ 71 ڊگريون 10 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي.
شروع شروع ۾ جيڪي انگريز سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي ان کي ”ننڍو مصر“ سڏيو هو. جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ان تشبيهه تي مٺيان لڳي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ تهذيب کي مصر کان عمر ۾ ايترو ننڍو سمجهيو ٿي ويو، تڏهن به نيل ۽ سنڌوءَ جي هيٺانهين ماٿرين جي وچ ۾ حيرت جهڙي مشابهت آهي: ٻنهي ۾ ساڳيا ئي ٽي پوو-وڇوٽ ٽڪرا- بُٺ ٽڪر، ڪچو ۽ وارياسو- ساڳيءَ ترتيب ۾ ساڄي کان کاٻي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻنهي ۾ وچ واريءَ ماٿريءَ جي زرخيزيءَ جو دارومدار برسات تي نه پر سالياني ٻوڏ تي آهي. آبهوا ۽ زمين جي خيال کان ٻنهي ملڪن اندر نباتات ۽ حيوانات جي جيتري هڪجهڙائي آهي، تيترو فرق ناهي. ڪو سنڌ واسي موٽر رستي سوئيز کان قاهري ۽ اتان نيل ڊيلٽا جو ڪجهه ڀاڱو لتاڙي، لبيا جي ريگستان اندر ويندو، ته کيس منزل بمنزل ايتري مشابهت ڏسڻ ۾ ايندي، جو هو سمجهندو ته ريل تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد رستي مارواڙ پيو وڃان. البت کيس نيل ڊيلٽا کان مٿي وارو تر سنڌو ماٿريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سوڙهو لڳندو: ۽ حقيقت به اهائي آهي. حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي ٽن سون ميلن تائين درياهه سان گوني ڪنڊ ٺاهيندي، ڪيتريون به ماپون ڪبيون، ته ڪٿي به سنڌو ماٿريءَ جي ويڪر سٺ ميلن کان گهٽ نه ملندي.

سنڌ جي آبهوا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي آبهوا

سنڌ جي آبهوا جي خاصيت آهي ته اتي ٿڌ به گهڻي پوي ته گرمي به، برسات هڪ پوي ٿوري، ٻيو وڻيس ته پوي وڻيس ته نه پوي. سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي آبهوا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهميل ٿئي ٿي. ڇو ته اهي سامونڊي هيرن جي پهچ اندر ٿين ٿا. اهي هيرون سال جا چار مهينا لڳنديون آهن. انهن جي ڪري ملڪ اندر پري تائين ٿڌڪار ۽ وائک رهندي آهي. پر ڏکڻ -اولهه واري چوماسي جو زور اُنهن مٿين ويڪرائي ڦاڪن تي پهچڻ کان اڳ ٽٽي چڪو هوندو آهي. جون کان سيپٽمبر تائين چوماسو ملڪ مٿان جيڪي ڪُڪُر ڌڪيندو آڻيندو آهي، تن ۾ مينهن ڪي ڦڙيون مس هوندو آهي. پر اهي کڻي پاڻيءَ سان پُر هجن. تڏهن به ڏکڻ اولهه وارو ٽڪرو علائقو ايترو اُتانهون نه آهي، جو انهن کي روڪي سگهي. ايترو سو آهي ته چوماسي جي ڪري ٽڪرن جي اولهندين لاهين جي ”تاس“ ٿورڙي لهيو وڃي. اُنهي مند ۾جيڪو به مينهن پوي ٿو، سو، هوا جي ٻين لهرن جي چوماسي جي ابُتڙ، مڪاني آبهوا ۾ وڳوڙ جي ڪري پوي ٿو. گهڻي ڀاڱي ڪڪر تپيل زمين مٿان لنگهندي ٻاڦ ٿيندا ويندا آهن ۽ رڳو ايترو فائدو ٿيندو اٿن، جو هوا جي ٿڌاڻ قائم رهندي آهي. اها هوا وقتي طرح تکي ٿي، وڃي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ واريءَ منجهان اٿندڙ سخت گرم هوا جي جاءِ وٺي ٿي. سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ هير جو آخري جهوٽو حيدرآباد کان ڪي سوء ميل اُتر ۾ پڊعيدن تائين پهچي ٿو، پر ان هنڌ ۾ لڪي ٽڪرين جي ڏکڻي ڇيڙي جي وچ ۾ ڪا ليڪ ڪڍبي، ته جهوٽو ان ليڪ جي الهندي پاسي خير ڪو محسوس ٿيندو.

جيڪو علائقو اهڙيءَ ريت محروم رهجي وڃي ٿو، سو مٿينءَ سنڌ جي گهڻي سخت آبهوا جي اثر ۾ رهي ٿو. اُتي گرمي سڄا سارا ست مهينا رهي ٿي، جا اتفاق سان ڪڏهن مينهن وسڻ سان ٿورڙن ڏينهن لاءِ گهٽجيو وڃي. اهو اتفاق سان ڪڏهن پوندڙ مينهن به گهڻو ڪري وڏڦڙو ٿئي ٿو، جيڪو جهٽ وسي، وري بند ٿيو وڃي. اپريل کان پوءِ رات جو ڏاڍي ٻوسٽ ۽ گهٽُ ٿئي ۽ گرمي پد گهڻو ڪري پرهه کان اڳ سو کان هيٺ لهندو ئي ڪين. مئي ۽ جون ۾ ڏينهن جو ڇانوري ۾ ٿرماميٽر 120 ڊگرين کان 125 ڊگرين تائين به رهي ٿو. مند ڏاڍي خشڪ ٿئي ٿي ۽ لُڪ جو کهو ائين لڳندو آهي، ڄڻ کوري جو منهن کلي پيو هجي.

سنڌ، جيئن اڳيئي ڄاڻائي آيا آهيون، طبعي لحاظ کان ٻن ڊگهائي ڦاڪ وارن ڀاڱن - ٽاڪرو، ڪچو ۽ وارياسو ۾ ورهايل آهي. پر خود سنڌ وارا ان کي آبهوا جي لحاظ کان ٽن ويڪرائي ڦاڪ وارن ڀاڱن ۾ ورهايل سمجهندا آهن سرو، وچولو ۽ لاڙ، يعني مٿين، وچولي ۽ هيٺين سنڌ غير سنڌي ان آبهوا واري تفاوت کي سولائي لاءِ ٻن ڀاڱن- مٿين ۽ هيٺين سنڌ- ۾ ورڇيندا آهن. ۽ ملڪ جي سياسي ورڇ به گهڻو ڪري اهائي رهي آهي.

مٿينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ ۾ آبهوا ۾ جيڪو فرق آهي، سو ٻنهي ڀاڱن جي نباتات ۾ فرق جي شڪل م نيروار نٿو ٿئي. هن ڌرتيءَ جي نباتات به اها ساڳي آهي، جا ڪنهن برسات کان محروم، وارياسي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪلراٺيءَ زمين جي ٿي سگهي ٿي. هت خاص ڪري اهڙا ٻوٽا ۽ وڻ جام ٿيندا آهن، جن ۾ پَن يا ته ٿورا ٿيندا آهن يا ته مرڳو ٿيندا ئي ڪونهن. ان وڻڪار ۾ به وڏو حصو ڪَنڊ جو ٿئي ٿو. هڪڙي پاسي ڪڇي ۽ آبپاشي علائقي جي نباتات ۽ ٻئي پاسي ٽاڪرو ۽ وارياسي علائقي جي نباتات، انهن ٻنهي جي وچ ۾ وڏو فرق گهڻائيءَ ۽ ورڇ جو آهي. ڪچي ۽ آبپاشي علائقي ۾ جيڪا وڻڪار گهڻي نظر اچي ٿي يعني ٻير، ٻٻر، ڪنڊي، لئي ۽ ٻيا ڪئين معمولي ٻوٽا، سا سموري وارياسي ۽ ٽاڪرو علائقي ۾ به ٿئي ٿي. پاڻيار ٻٻر جي ڀيٽ ۾ ٽاڪرو ٻٻر بندرو ٿئي ٿو. جنهن ٻوٽي لاءِ جا زمين سڻائي هوندي، سا هن ملڪ ۾ جتي به هوندي، اُتي اهو ٻوٽو ٿورو ڪي گهڻو ضرور ٿيندو. ساڳيءَ طرح وارياسي جا بي پن ٻوٽا، جهڙوڪ کپ ۽ ڦوڳ، ريجاري ۽ شاهوڪار زمين جي ميلن ۾ ڪٿي ڪٿي ڦاٿل واريءَ جي ٽڪرن تي به ملي ويندا.

سنڌ جي نباتات

سنڌ جنهن نباتاتي علائقي جو ڀاڱو آهي، تنهن ۾ ذري گهٽ سڄو پنجاب، الهندو راجپوتانا، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اچي وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا هت به ٿيندا آهن، پر گهڻي نسبت اولهه وارن ملڪن, مڪران، ايراني نار جي گرم ڀاڱن، عراق ۽، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، مصر سان اٿس، جتان جي آبهوا ساڳي آهي.

سنڌ جي حيواني جيوت

سنڌ جي حيواني دنيا خاص ڪري پکين بابت به ساڳي ڳالهه چئي سگهجي ٿي. اهي نسل ۽ قسم جيڪي هت ٿيندا آهن، سي الهندي پاسي وارن ملڪن ۾ به ٿين ٿا. حقيقت اها آهي ته ٿر جو وارياسو سنڌ کي اصل هندوستان کان نهايت اثرائتي نموني ۾ الڳ ڪري ٿو، پر الهندي جا ٽڪر اولهه وارن ملڪن سان ان جي انهن مڙني اهم قدرتي ناتن جي آڏو ڪا رونڊڪ نٿا بنجن.

سنڌ جي مردم نگاري ( ڊيموگرافي)

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي مردم نگاري

آباديءَ جو مطالعو- مردم نگاري, (Demography )علم آبادي- آبادي اڀياس- مردم نگاري- ماڻهن جي آدمشماري جو اڀياس، جنهن ۾ هنڌ، گهاٽائي، عمر، پکيڙ، جنس، نسل، ڌنڌو ۽ ٻيا شمارياتي انگ اکر ڏنل هجن. [4]

سنڌ جا ضلعا

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جا ضلعا

تاريخ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌ جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ جو آغاز عام طرح سان راء گهراڻي کان ٿئي ٿو ۔ جنهن جا ماخذ چچ نامو ۽ شاهنامو آهن ۔ چچ نامي مطابق راء گهراڻي کان بعد برهمڻ گهراڻي جي صاحبي شروع ٿي ۔ جنهن جو خاتمو 712ع ۾ مسلمانن هٿان ٿيو ۔ ان کان بعد سنڌ تي مسلسل مسلمان بادشاهه حڪومت ڪندا رهيا ۔ تان جو 1843ع ۾ انگريزن هٿان اسلامي دؤر جو زوال ٿيو ۔

اسلام جو ڦهلاء

محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان بعد هتي اسلام جي پرچار شروع ٿي وئي ۔ اسلامي حڪومت ۾ سنڌ واسين سان سهڻو ورتاء ڪيو ويو ۔۔ هندن کي پنهنجي مذهب مطابق هلڻ جي مڪمل آزادي هئي ۔ ساڻن هر قسم جون رعايتون ڏنيون ويون ۔ جنهن ڪري ماڻهو مسلمانن کان متاثر ٿيندي اسلام قبول ڪرڻ لڳا ۔ حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي عهد خلافت ۾ هندو سردارن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلي ، جنهن تي ڪيترائي هندو راجا مسلمان ٿيا ۔ انهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ راجا جيسيه به شامل هو ۔

ref/[5]

سنڌ جا حصا

هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندوستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجسٿان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصيرآباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن. تازو ئي سنڌ جي نام نهاد بي اختيار وڏي وزير ارباب رحيم ڪراچيءَ جي 20 هزار ايڪڙ زمين پاڪستاني فوج جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ دبئيءَ جي خانگي ڪمپني امار کي وڪڻي ڇڏيا آهن.

بلوچستان قديم سنڌ جو حصو

تاريخي ثبوتن تي غور ڪيون ته خبر پوي ٿي ته بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو سنڌي آهن. بلوچ ته خود بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا آهن. بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي انگ ۾ رهندا هئا. (ڪتاب سماٽ ص نمبر 31)

مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو آهي. (ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579)

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن. (ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع)

احمد يار بلوچ لکي ٿو ته: بلوچستان ۾ بلوچن جي آمد مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿي، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو. (ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38)

صادق علي بلوچ لکي ٿو ته: زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي. (تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40) موسيٰ خان جلال زئي لکي ٿو ته: تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو (تاريخ بلوچستان ص نمبر 16)

پيڪولين لکي ٿو ته: اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي. (ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري)

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته: هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي. (ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48)

ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو: هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو (ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55)

مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ته بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. موجوده بلوچستان اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به اسان سنڌين جي آهي جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.

پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا ڪافي علائقا ڪٽي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا. [6] [7] [8] [9] [10] [11] [12] [13]

  1. http://affairnews.com/2015/07/%DA%AF%D8%B1%D9%8A%D9%BD%D8%B1-%D8%A8%D9%84%D9%88%DA%86%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86-%DB%BD-%D8%AA%D8%A7%D8%B1%D9%8A%D8%AE%D9%8A-%D8%AD%D9%82%D9%8A%D9%82%D8%AA%D9%88%D9%86/
  2. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288
  3. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  4. http://dic.sindhila.edu.pk/index.php?txtsrch=Demography
  5. جنت السنڌ
  6. http://affairnews.com/2015/07/%DA%AF%D8%B1%D9%8A%D9%BD%D8%B1-%D8%A8%D9%84%D9%88%DA%86%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86-%DB%BD-%D8%AA%D8%A7%D8%B1%D9%8A%D8%AE%D9%8A-%D8%AD%D9%82%D9%8A%D9%82%D8%AA%D9%88%D9%86/
  7. ڪتاب سماٽ ص نمبر 31
  8. ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ صفحو نمبر 579
  9. ٽماهي مهراڻ اپريل - سيپٽمبر 1961ع
  10. ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ صفحو نمبر 38
  11. تاريخ بلوچان هند صفحو نمبر 40
  12. تاريخ بلوچستان صفحو نمبر 16
  13. ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري