اردن: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Migrating 1 interwiki links, now provided by Wikidata on d:Q810
سِٽَ 4: سِٽَ 4:
==حوالا==
==حوالا==
{{حوالو}}
{{حوالو}}

[[ur:اردن]]

ورجاءُ بمطابق 19:59, 21 سيپٽمبر 2015ع

اردن: -اردن- -ايشيا- جو اسلامي ملڪ آهي، جيڪو وچ -اوڀر- ۾ واقع آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”اللمملڪة العربية الاردنية الهاشمية“ آهي. -اردن- جي -اتر- ۾ شام، -اتر- -اوڀر- ۾ عراق، -اوڀر- ڏکڻ ۾ سعودي عرب، اولهه ۾ -اسرائيل- جهڙا ملڪ آهن. -اردن- جي پکيڙ 37297 چورس ميل، يعني 97740 چورس ڪلوميٽر آهي. -اردن- جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو به شامل آهي، جيڪو 1947ع واريءَ -جنگ- دوران -اسرائيل- پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. -اردن- جي 2007ع جي -آدمشماري- موجب -اردن- جي آبادي 5967000 ماڻهن تي مشتمل آهي. -اردن- جي گاديءَ واري هنڌ جو نالو ’عمان‘ آهي. -اردن- ۾ عربي -ٻولي- ڳالهائي ويندي آهي ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’اردني دينار‘ آهي. هتي 94 سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي، جڏهن ته 4 سيڪڙو عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. -اردن- کي انگريزيءَ ۾ ”جارڊن“ چئبو آهي. -اردن- جو سڪو دينار آهي، جنهن ۾ هڪ هزار فلس هوندا آهن. -اردن- جا اهم شهر عمان، اقبال، زرقا، اربيد ۽ ڪارڪ آهن. اهم زراعت ۽ ميوا، ڪڻڪ، -جَوَ-، پٽاٽا، -بصر-، ڪيلا، زيتون ۽ -انگور- آهن. اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن -اردن- تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري -جنگ- ختم ٿيڻ تائين -اردن-، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ -اردن- ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. -اقوام متحده- پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، -ان- ڪري 1922ع ۾ -اردن- برطانيه جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيه سڀ اصول -ٽوڙي-، -اردن- تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنهنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ -اردن- آزاد ٿيو. -اردن- جو پهريون سربراهه -امير- عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ -برطانيا-، -آمريڪا- ۽ ٻين مغربي ملڪن -اسرائيل- نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي -اردن- ۽ -اسرائيل- جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. -اردن- جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ -امير- عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال -تخت- نشين ٿيو، -ان- بعد 1952ع ۾ سندس پٽ شاهه حسين -تخت- تي ويٺو، 1955ع ۾ -اردن- -اقوام متحده- جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب -اسرائيل- -جنگ- لڳي. -اسرائيل- يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 -آڪٽوبر- 1994ع تي -اردن- ۽ -اسرائيل- ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاهه حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه عبدالله -تخت- تي ويٺو. -اردن- جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سبزي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. -اردن- مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا. [1]

حوالا

  1. encyclopediasindhiana.org