شبنم گل: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:

[[File:Shabnam Gul poet and writer while reciting her poetry in PTv program.jpg|thumb|Shabn]]
'''شبنم گل'''([[انگريزي ٻولي]]:Shabnam Gul) [[سنڌ]] [[پاڪستان]] جي [[سنڌي ٻولي]] ءَ جي نامياري اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، ناٽڪ نويس ۽ [[انگريزي]] ادب جي پروفيسر آهي.<ref name=":0">{{Cite book|title=شبنم|url=http://dx.doi.org/10.2458/azu_acku_pk6816_ain79_1380|publisher=University of Arizona Libraries|date=2000}}</ref> سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.
'''شبنم گل'''([[انگريزي ٻولي]]:Shabnam Gul) [[سنڌ]] [[پاڪستان]] جي [[سنڌي ٻولي]] ءَ جي نامياري اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، ناٽڪ نويس ۽ [[انگريزي]] ادب جي پروفيسر آهي.<ref name=":0">{{Cite book|title=شبنم|url=http://dx.doi.org/10.2458/azu_acku_pk6816_ain79_1380|publisher=University of Arizona Libraries|date=2000}}</ref> سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.



ورجاءُ بمطابق 18:38, 5 آڪٽوبر 2021ع

Shabn

شبنم گل(انگريزي ٻولي:Shabnam Gul) سنڌ پاڪستان جي سنڌي ٻولي ءَ جي نامياري اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، ناٽڪ نويس ۽ انگريزي ادب جي پروفيسر آهي.[1] سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.

زندگي ۽ تعليم

شبنم گل جو جو اصل نالور رضيه سلطانه آهي. هيءُ 5 جولاءِ 1963ع تي ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گهر ۾ دادو شهر ۾ پيدا ٿي. هن شروعاتي تعليمسيوهڻ،جوهي،دادو ،حيدرآباد ۽ٺٽي ۾ حاصل ڪئي. 1988ع ۾ ايم ايسنڌ يونيورسٽيڄامشورو مان پاس ڪيائين. ان کان علاوه هن ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي پڻ پاس ڪئي آهي. 1990ع ۾ انگريزي ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻي آهي[1] هن وقتسنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهي. سندس جيون ساٿياشتياق انصاري به ناميارو محقق ۽ اديب آهي.[2]

ادبي خدمتون

شبنم گل جڏهن پڙهندي هئي تڏهن هن لکڻ جي شروعات ڪئي. هن بي اي ڪرڻ کان پوءِاردو توڙيسنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن 1986ع کانريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪڪراچي سينٽر جي پروگرامن جي ميزباني يا ڪمپيئرنگ به ڪئي ته سندس ڊراما به نشر ٿيڻ لڳا.. ريڊيو حيدرآباد جي ڪيترن ئي مقبول پروگرام جي ميزباني يا ڪمپيئرنگ ڪيائين. هيءُ عبرت اخبار طرفان نڪرندڙ رسالن بختاور ۽ عبرت مئگزين جي ادارت پڻ ڪئي. روزاني جاڳو اخبار پاران نڪرندڙ عورتن لاءِ صفحي جي انچارج پڻ رهي آهي. هن سنڌي ۽ اردو ۾ ڊرامه لکيا آهن. سندس پهريون ڊرامو ريڊيو حيدرآباد تان “اجهاميل ڏيئو” نشر ٿيو. سندس سنڌي ۽ اردو ڊرامه پي ٽي وي ۽ هم ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا.اول سنڌي لينگويج اٿارٽي جي گورننگ باڊي جي ميمبر پڻ رهي. هن سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. شبنم گل 1989ع کان ڪهاڻي ۽ شاعري جي شروعات باقاعدي ڪئي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ناول ۽ سفر ناما به لکيا آهن.[1] هن وقت سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو جي سيڪريٽري آهي.[3]

ڪتاب

  • منهنجو سورج مُکي 1988ع
  • آخري لفظ شاعري 1993ع
  • مَکِي کان موڪلاڻي ناول، 2015ع
  • خالي هنج جو ڏک ڪهاڻيون 2017ع [4]

اوارڊ

شبنم گل کيسنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران بهترين ناول نگار جو اوارڊ 2015ع مليل آهي.

حوالا