خوجا: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
[[File:Prince Karim Aga Khan.png|thumb|200px|پرنس ڪريم آغا خان]]

'''خوجا''' يا '''کوجا''': {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Khoja '''}} خوجو لفظ خواجه جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنیٰ اٿس ''مالڪ'' يا ''اعلیٰ شخص''<ref name=" گزيٽيئر"> [ سنڌ گزيٽيئر، جلد پھريون، مصنف: ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، سال 2016ع سنڌي ادبي بورڊ، صفحو:246,0247] </ref>.ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ [[مسلمان]] ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا<ref name = "قليچ "/>.
'''خوجا''' يا '''کوجا''': {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Khoja '''}} خوجو لفظ خواجه جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنیٰ اٿس ''مالڪ'' يا ''اعلیٰ شخص''<ref name=" گزيٽيئر"> [ سنڌ گزيٽيئر، جلد پھريون، مصنف: ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، سال 2016ع سنڌي ادبي بورڊ، صفحو:246,0247] </ref>.ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ [[مسلمان]] ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا<ref name = "قليچ "/>.



ورجاءُ بمطابق 13:26, 8 جُولاءِ 2021ع

پرنس ڪريم آغا خان

خوجا يا کوجا: (انگريزي: Khoja ) خوجو لفظ خواجه جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنیٰ اٿس مالڪ يا اعلیٰ شخص[1].ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا[2].

نصيري خوجه

سنه 1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو[2]. برھمڻن پنڊتن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو، جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي[2]. ھو پنھنجي امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان ٿا چون. اُھو سنه 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽ خواجن جو پير ٿيو[2]. انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي[2]. قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل پوٿي پڙھندا آھن[2]. ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون وڏيون رکائيندا آھن[2]. ورثو شريعت موجب نه وٺندا آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن[2].

خوجن جا فرقا

خواجن جا ٻه فرقا آھن: ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن ۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن؛ ۽ ٻيا پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ کي زڪواة ڏيندا آھن[2]. اھي ھڪ جماعت ھوندا ھيا پر اوڻويھين صدي جي پوئين حصي ۾ ٻن فرقن: پنجي ڀائي ۽ پڙائي ۾ ورھائجي ويا[1]. پنجي ڀائي خوجا وڌيڪ ڪٽر آهن ۽ آغا خان کي پاڻ سڳورن صه جو عيوضي (نائب) ڪري ڄاڻيندا آهن، ڇوته ان جو حسب نسب اسماعيل بن امام جعفر صادق معرفت حضرت محمد صه سان ملي ٿو[1]. انھن جو اھو بي عقيدو آهي ته آغا خان خدا جو اوتار آھي[1]. اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽ ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾[2]. پڙائي کوجن جو عقيدو شيعن کي وڌيڪ ويجھو آهي ۽ انھن جي عبادت واري جاء ممبر سڏبي آھي ۽ آھي آغا خان کي زڪوات نہ ڏيندا آهن ڇوته سندس بعيت ترڪ ڪري چڪا آهن يا جماعت مان ڪڍيا ويا آهن[1]. پنجي ڀائي خوجا آغا خان کي امام مھدي جو نائب ڪري مڃن ٿا ۽ کيس زڪوات ڏين ٿا[1] انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت[1][2]. ھنن وٽ مسجد ڪانھي، مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن[2][1]. اھي ٻئي فرقا پاڻ ۾ شاديون ڪندا آھن[2]. طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن[2]. پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن[2] پر مڇون ڪونه ڪوڙين[1]. ننڍي ھوندي جي شادي کي چڱو نه سمجھندا آھن[1]. ۽ ٻين اثنا عشري شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن[2]. اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف آھن[2].

حوالا

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 [ سنڌ گزيٽيئر، جلد پھريون، مصنف: ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، سال 2016ع سنڌي ادبي بورڊ، صفحو:246,0247]
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 [ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]