راجا وڪرمادتيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نئون صفحو: سَمراٽُ وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ ڀارَتَ جو هِڪُ وَڏو نامِيارو راجا هو. جَنھِنجِي راڄَڌانِي اُجَين ۾...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
 
م JogiAsad چوريو صفحو وير وڪرمادتي ڏانهن راجا وڪرمادتيا: راجا وڪرمادتيا, This article is already existed with an other name title
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 09:23, 5 آڪٽوبر 2020ع

سَمراٽُ وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ ڀارَتَ جو هِڪُ وَڏو نامِيارو راجا هو. جَنھِنجِي راڄَڌانِي اُجَين ۾ ھُئِي. اُجَين ۾ ڀَڳوان شِوَ جو وَڏو مَندَرُ آھي. وِير وِڪرَمادِتِيَ جو ڀاءُ راجا ڀَرٿَرِي هو، اِيھي ٻَئِي ڀائُرَ ڀَڳوان شِوَ جا وَڏا ڀَڳَتَ هُئا. . وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو ڏاڍو وَڏو ۽ سونَهَرِي اِتِهاسُ آھي ۔ ڀارَتَ ۾ ھَلَندَڙَ سَنوَتِ کي "وِڪرَمِي سَنوَتِ" چَوَندا آھِنِ، جيڪا عِيسائِي سَنوَتِ کانّ 57 وَرِيَھَ اَڳُ کانّ ھَلَندِي اَچي ٿِي. ڪِنِ اِتِهاسڪارَنِ لِکِيو آھي تَ ڀارَتَ جو قُطُب مِينارُ ۽ مَڪي - مَدِيني ۾ شِوَ جو مَندَرُ ٺاھِرايو هو.

ٻَئِي ڀائُرَ سِنڌُ ۾ آيا هُئا. اِنھَننِ جا آسٿانَ اَڄُ بِ سِنڌُ ۾ آھِنِ. وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو هِڪُ عالِيشانُ ڪُٻو (سَماڌِي) ۽ مَندَرُ ٺَهِيَلُ آھي، جيڪو ڳوٺَ ٽَنڊي فضَل جي اوڀَرَ ۾ اَٽِڪَلَ 8 ميلَ پَري ۽ ٽَنڊي مُھَمَدخانَ کانّ اولَھَ ۾ 10 ميلَ پَري، ضِلعي حَيدرآباد ۾ آھي. ھِنَ آسٿانَ ۾ هِڪُ هالُ آھي، جَنھِنجي ٻِنهِينّ پاسي ٻَ ڪَمرا آھِنِ ۔ ھِڪَ ۾ سَماڌِي ۽ ٻي ۾ مَندَرُ آھي ۔ مَندَرَ ۽ سِماڌِيءَ ۾ اَکَنڊُ جوتِ ٻَرَندِي ھُئِي. هَرِ سالِ ميلو لَڳَندو هو. ماڻهُونّ پَرِيانّ - پَرِيانّ کانّ دَرشَنُ ڪَرِڻَ اِيندا هُئا، اَچَڻَ وارَنِ جي مَنَ جُونّ آشونّ - مُرادُونّ پورِيُونّ ٿِيندِيُونّ ھُيُونّ.

اِيھو ڏِسِي ڳوٺَ جي شيخ مُسَلمانَنِ سَماڌِيءَ واري ڪَمري تي ڪَبجو ڪَري، قَبرَ جو رُوپُ ڏِنو ۽ چَيائُونّ تَ هي اَسانجو پِيرُ "شيخُ ڀِرڪِيو" آھي. اَنگريزَنِ جي راڄَ ۾ ڪورَٽ ۾ ڪيسُ هلايو وَيو. ڪورَٽ جي فيصلي کانّ پو قَبرَ وارو ڪَمرو شيخنِ کي ۽ مَندَرَ وارو ڪَمرو هِندُو سِنڌِنِ کي ڏِنو وَيو.

وِڪرَمادِتِيَ جو وَڏو ڀاءُ راجا ڀَرٿَرِي هو ۔ ھُنَ کي ويراڳُ جاڳِيو ۽ تَپَسِيا ڪَرِڻَ لاءِ وِڪرَمادِتِيَ کي راڄُ ڏَئِي، جھَنگَ ۾ هليو وَيو. راجا ڀَرٿَرِيءَ جِي سَماڌِي سِنڌُ ۾ ضِلعي دادُوءَ جي سيوھَڻَ ۾ ھُئِي ۔ جيڪا پِيرُ لالُ شَهبازُ قلَندَرَ (اُسمانشاھ مَروَندِي) جي ڪُٻي وارِي ايراضِيءَ ۾ آھي.

سِنڌُ ۾ ڪَراچِي ضلعي جي جھُوني نَنگَرَ ٺَٽي ۾ "پِيرَ پَٺي" وَٽِ، وِڪرَمادِتِيَ جي ڀاڻيجي راجا گوپِيچَندَ جِي راڄَڌانِي اَڄُ بِ ڦِٽَلَ - کَنڊَھَرَ جي رُوپَ ۾ آھي. گوپِيچَندَ جو ڏوھِٽرو "گوگلُ وِيرُ" هو، جَنھِنجي نالي سانّ گوگِڙي - گوگِئي جو ڏِڻُ مَلھائِبو آھي، اِنھَنّ ڏِڻَ کي "ناگپَنچمِي" نالي سانّ ڀارَتَ ۾ بِ مَلھائِبو آھي. "گوگَل وِيرَ" جِي ھِڪَ ڪَٿا بِ مَشَهُورُ آھي.

گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي

نَنگَرَ ٺَٽي ۾ ڪَڏَھِنّ سِنڌُ جِي گادِي ھُئِي ۔ جِتانّ گھَڻَنِي سِنڌِي راجائُنِ راڄُ هَلايو. اِنھَنّ جھُوني نَنگَرَ ۾ ناٿ - پَنٿُ هَلائِڻَ واري گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي آھي. اِنھَنّ ڌُوڻِيئَنّ جِي ڀَڀُوتِي - رَکَ لَڳائِڻَ سانّ ڪيئِي روڳَ مِٽِي ويندا هُئا، اِنھَنّ ڪَري عامُ ماڻهُونّ، گھَڻائِي راجا ۽ ساڌُو - سَنتَ بِ اِيندا هُئا. اِنھَنّ ڪَري ٺَٽو هِڪُ تِيرَٿُ بَڻِجِي وَيو هو ۔ گورَکناٿُ وِڪرَمادِتِيَ ۽ ڀَرٿَرِيءَ جو گُرُو هو. گورَکناٿُ ھِنگلاج ماتا جا دَرِشَنُ ڪَرِڻَ سِنڌُ وَيو هو.

اُجَين ڀارَت جي مَنجھائينّ پرَديشَ M.P. ۾ آھي ۔ اُجَين ۽ آسپاس ۾ "سَينڌَوَ" جاتِ جا ھَجارينّ پَرِيوارَ آھِنِ ۔ هِتانّ جو راڄُ پَرِيوارُ "سِنڌِيا" چَوائِيندو آھي ۔ جِنِ جو چَوَڻُ آھي تَ هُنَنِ جا وَڏا ڪَڏَھِنّ سِنڌُ مانّ آيا هُئا، اِنھَنّ ڪَري هُو 'سَينڌَوَ' ۽ 'سِنڌِيا' معنا "سِنڌُ جا" چَوائِيندا آھِنِ. ڇا وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ سِنڌِي هو؟

سِنڌُ ۾ وِڪرَمادِتِي ۽ راجا ڀَرٿَرِيءَ جي سَماڌِي ۽ اُنھَننِ جي ڀاڻيجي راجا گوپِيچَندَ جِي راڄڌانِي ھُئَڻُ ۽ وِڪرَمادِتِيَ پَنوار جاتِ جو هو، اِنھَنّ جاتِ جا ماڻهونّ سِنڌُ ۾ بِ آھِنِ ۔ اِنھَنّ مانّ پَڌِرو آھي تَ هُو سِنڌِي هُئا ۔ ڇو تَ ماڻهُونّ پَنھِنجِي سَماڌِي، اُتي ئِي ٺاھِرائِيندا آھِنِ، جِتانّ جا هُو ڄاوَلَ ھُوندا آھِنِ۔ وِرِھاڱي کانّ پو بِ ڀارَتَ ۾ آيَلَ سِنڌِنِ گھَڻَنِي شَهَرَنِ ۾ وِيرَ وِڪرَمادِتِيَ جا "راجا وِيرَ" جي نالي سانّ مَندَرَ ٺاھِرايا آھِنِ ۔ اُنھَنّ جو سِنڌِنِ سانّ ڪيڙھو گھاٽو ناتو هو، اِيھا ھِڪَ کوجَ جِي ڳالھِ آھي. <ref> پريمُ تَنواڻِي<ref>

حوالا