ايشوري جوتواڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
||
سِٽَ 1: | سِٽَ 1: | ||
ايشوري جوتواڻي(انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم |
'''ايشوري جوتواڻي''' ([[انگريزي]]:Ishwari Jotwani) [[برطانوي هندستان]] ۾ [[سنڌ]] ۾ جنم وٺن ڙ[[سنڌي ٻولي]]ءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. |
||
==زندگي جو احوال== |
==زندگي جو احوال== |
||
ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پونا ۾ رهائش پذير ٿي.<ref name=":0">{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايشوري%20جوتواڻي|title=ايشوري جوتواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2020-10-01}}</ref><ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.sindhisangat.com/ishwari_jotwani.php|title=Ishwari Topandas Jotwani {{!}} Sindhi Sangat|website=www.sindhisangat.com|access-date=2020-10-01}}</ref> |

ورجاءُ بمطابق 10:20, 1 آڪٽوبر 2020ع
ايشوري جوتواڻي (انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺن ڙسنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پونا ۾ رهائش پذير ٿي.[1][2]
تعليم
ايشوري شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سيوهڻ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم هندستان جي شهر پونا ۾ حاصل ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به پونا ڪاليج مان حاصل ڪيائين.
ادبي ۽ علمي خدمتون
ايشوري شروع ۾ سياست ۾ حصو ورتو. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍي عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اُتي سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي. سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي. ايشوري پونا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا.[3]
ڪتاب
- محبت جو تياڳ, (ناول) 1951ع[1]
- الفت جي آڳ, (ناول) 1953ع
- ڪامل جون ڪهاڻيون, (ڪهاڻيون) 1993ع
امنگن جا آبشار (مضمون ۽ سفرنامو) 1993ع[4]
- ڇتر پتي شوا جي (جيوني/ڪٿا) : 1996ع
- آکاڻيون پورب ديس جون
- امر چتر ڪٿا
- ڪوتڪ گلدستو
- ڪرامتي ڪوتڪ
اوارڊ
پروفيسر ايشوري کي سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.[1][3]
ديهانت
پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.[5]
حوالا
- ↑ 1.0 1.1 1.2 "ايشوري جوتواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-01.
- ↑ "Ishwari Topandas Jotwani | Sindhi Sangat". www.sindhisangat.com. حاصل ڪيل 2020-10-01.
- ↑ 3.0 3.1 "ايشوري جوتواڻي 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-01.
- ↑ Ishwari Jotwani. Servants of Knowledge. http://archive.org/details/unset0000unse_d3v0.
- ↑ مدهوش موهن،پونا ايڪسپريس سفرنامو، ڪويٿا پبليڪيشن، 2014ع