ايشوري جوتواڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 29: سِٽَ 29:
پروفيسر ايشوري کي  سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.<ref name=":0" />
پروفيسر ايشوري کي  سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.<ref name=":0" />
==ديهانت==
==ديهانت==
پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.
پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.<ref>مدهوش موهن،پونا ايڪسپريس سفرنامو، ڪويٿا پبليڪيشن، 2014ع</ref>


== حوالا ==
== حوالا ==

ورجاءُ بمطابق 10:18, 1 آڪٽوبر 2020ع

ايشوري جوتواڻي(انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پونا ۾ رهائش پذير ٿي.[1][2]

تعليم

ايشوري شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سيوهڻ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم هندستان جي شهر پونا ۾ حاصل ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به پونا ڪاليج مان حاصل ڪيائين.

ادبي ۽ علمي خدمتون

ايشوري شروع ۾ سياست ۾  حصو ورتو. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍي عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اُتي  سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي. سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي.  ايشوري پونا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا.[3]

ڪتاب

  • محبت جو تياڳ, (ناول) 1951ع[1]
  • الفت جي آڳ, (ناول) 1953ع
  • ڪامل جون ڪهاڻيون, (ڪهاڻيون)  1993ع

امنگن جا آبشار (مضمون ۽ سفرنامو) 1993ع[4]

  • ڇتر پتي شوا جي (جيوني/ڪٿا) : 1996ع
  • آکاڻيون پورب ديس جون
  • امر چتر ڪٿا
  • ڪوتڪ گلدستو
  • ڪرامتي ڪوتڪ

اوارڊ

پروفيسر ايشوري کي  سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.[1]

ديهانت

پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.[5]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 "ايشوري جوتواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-01. 
  2. "Ishwari Topandas Jotwani | Sindhi Sangat". www.sindhisangat.com. حاصل ڪيل 2020-10-01. 
  3. "ايشوري جوتواڻي 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-01. 
  4. Ishwari Jotwani. Servants of Knowledge. http://archive.org/details/unset0000unse_d3v0. 
  5. مدهوش موهن،پونا ايڪسپريس سفرنامو، ڪويٿا پبليڪيشن، 2014ع