رزاق مهر: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:پاڪستاني ماڻهو+زمرو:پاڪستاني ليکڪ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
{{Infobox writer
| name ='' 'رزاق مهر'''<'''br/> Razzaq Mahar'''
| image =
| imagesize = 180px
| caption =
| pseudonym =
| birth_name =
| birth_date = {{birth date|1951|09|04}}
| birth_place ={{سخ}}[[لاڙڪاڻو]]، [[لاڙڪاڻو ضلعو]]، [[سنڌ]]، [[پاڪستان]]
|death_date ={{death date and age|df=yes|2002|08|15|1954|06|20}}
| death_place ={{سخ}} [[لاڙڪاڻو]]
| occupation = [[ڊرامو|ڊراما نگار]] ،[[ليکڪ]]
| nationality = [[پاڪستان|پاڪستاني]]
| religion = [[اسلام]]
| ethnicity = [[سنڌي ماڻهو|سنڌي]]
| language =[[سنڌي ٻولي|سنڌي]]،
| education =
| alma_mater =[[سنڌ يونيورسٽي]]
| doctoral_advisor =
| fields =
| workplaces =
| genre = ڊرامو، ڪهاڻي
| subject =
| notableworks = ڪتاب سڪون ڪٿي آهي
| influences =
| influenced =
| awards =
| signature =
| website =
| portaldisp =
}}


{{صندوق معلومات شخص}}
{{صندوق معلومات شخص}}
{{مبسس4}}
{{مبسس4}}

ورجاءُ بمطابق 13:50, 20 اپريل 2020ع

'رزاق مهر'<br/> Razzaq Mahar
پيدائش سيپٽمبر 04 1951(1951-09-04)

لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 15 آگسٽ 2002 (عمر 48 سال)

لاڙڪاڻو
ڌنڌو ڊراما نگار ،ليکڪ
ٻولي سنڌي،
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف ڊرامو، ڪهاڻي
مُکيه ڪم ڪتاب سڪون ڪٿي آهي


رزاق مهر
معلومات شخصيت
ڄم سال 1954 (عمر 69–70 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

رزاق مهر انگريزي (Razaq Maher) (پيدائش: 20 جون 1954ع - وفات: 15 آگسٽ 2002ع) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال

رزاق مهر 20 جون 1954ع تي لاڙڪاڻو شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجهو خان مهر هو. هن ابتدائي، سيڪنڊري، هاير سينڪڊري کان بي اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. 1973ع ۾ بي اي ڪيائين ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اول بلڊينگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊرافٽ مين طور ڀرتي ٿيو. پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1988ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1989ع ۾ جوهي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان 1990ع ۾ بدلي ڪري قمبر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. اتان بدلي ٿي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين.

ادبي خدمتون

رزاق مهر 1973ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيون. 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪهاڻي “آڙاھ” تي ايورڊ پڻ ڏنو ويو هو. سندس لکيل ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جن وڏي مقبوليت ماڻي. رزاق اڻ ڇهيل موضوعن تي انفرديت سان لکيو. اهوئي سبب آهي جو کيس وڏي پذيرائي ملي. سندس ڪهاڻي جو پهريون ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ شايع ٿيو. سندس بهترين ادبي ڪم ۾ سندس ڊرمو “جياپو”، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “سڪون ڪٿي آهي“ ۽ “ڊهندڙ ديوار” شامل آهن.[1]

وفات

منفرد ليکڪ ۽ شاعر رزاق مهر 15 آگسٽ 2002ع ۾ دل جي دؤري سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[2]

حوالا