نازو ڌاريجو: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏حوالا: خارجي ڳنڍڻا شامل/بهتر ڪيا اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 26: سِٽَ 26:
==سياسي پسمنظر==
==سياسي پسمنظر==
مختيار ناز ڌاريجو جي نالي سان مسلم ليگ ن جي پارٽي سان سياست ۾ سرگرم ٿي. 2013 ۾، سنڌ جي لاء سنڌ جي مخصوص سيٽن تي هوء عورتن مان هڪ طور درج ڪئي وئي.
مختيار ناز ڌاريجو جي نالي سان مسلم ليگ ن جي پارٽي سان سياست ۾ سرگرم ٿي. 2013 ۾، سنڌ جي لاء سنڌ جي مخصوص سيٽن تي هوء عورتن مان هڪ طور درج ڪئي وئي.

==پڻ ڏسو==
* [[ماءِ پيور لينڊ]]


== حوالا ==
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
{{حوالا|2}}

[[ماءِ پيور لينڊ]]
==ٻاهريان ڳنڍڻا==
https://www.boxofficemojo.com/release/rl4005463041/weekend/
* [https://www.boxofficemojo.com/release/rl4005463041/weekend/ باڪس آفيس موجو]


[[زمرو:پاڪستاني سياستدان]]
[[زمرو:پاڪستاني سياستدان]]

ورجاءُ بمطابق 09:56, 23 مارچ 2020ع

نازو ڌاريجو
پيدائش قاضي احمدسنڌ
قوميت پاڪستاني
پيشو زميندار سوشل ورڪ سياست

وڏيري نازو ڌاريجو جو پيء حاجي خدا بخش خان، هڪ زميندار خاندان جي زميندار هو، جيڪو پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ زرعي زمين جو مالڪ هو. وڏيري نازو ڌاريجو سندس ٻئين زال وڏيري جامزادي مان سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ آهي. هوء قاضي احمد ۾ هڪ حويلي ۾ پيدا ٿي. سنڌي اردو انگريزي سکڻ لاءِ استاد رکيو ويو سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس ڪيائين. هن پنهنجي  مرد رشتيدارن جي خلاف پنهنجي زرعي زمين جو دفاع ڪيو، کيس "پاڪستان جي مضبوط (چيڙهالو ناري)" جو سڏيو ويو ۽ 2017 جي فلم ماءِ پيور لينڊ پڻ سندس زندگي کان مُتاثر ٿي ٺاهي وئي هُئي.

بابت ڄاڻ

نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجھ به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي." نازو جو والد ۽ ڀاءُ گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا.

سماجي خدمتون

وڏيري نازو ڌاريجو سنڌ جي هن بهادر نياڻي جي زندگي تي “ماءِ پيور لينڊ ” فلم به ٺهي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعي شهيد بينظيرآباد سان تعلق رکندڙ وڏيري نازو ڌاريجو جيڪا ھڪ وڏيري هجڻ سان گڏوگڏ ھڪ آبادگار به آھي- خود ٻني ۾ پورهيو ڪري ٿي ۽ ڦٽيون پڻ چونڊ سان گڏ ٻني جو ٻيو ڪم ڪاري به ڪندي آهي ته ھاري مزدورن جي مسئلن کان به واقف آهي، وڏيري نازو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کي سنڀالڻ سان گڏ پنهنجو تحفظ به ڄاڻي ٿي ۽ هوءَ گهوڙي تي چڙهي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف وجهي ٻني به گهمڻ ويندي آهي.نه صرف پنهنجو تحفظ پر 2010ع واري ٻوڏ ۾ جڏهن وڏن زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رخ ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو هو، جنهن سان ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين ٻڏي. اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجن ماڻهن ۽ زمينن کي بچائڻ لا سرزمين تي پهچي اُهي غير قانوني ڪٽ بند ڪرايا.

  • تازو قاضي احمد لڳ يونين ڪائونسل پٽ پيرل جي ڳوٺ مٺو ڏيٿو ۾ فوت تي ويل ٽن ورهين جي معصوم فرحان علي پٽ فقير محمد ڏيٿو جي لاش کي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪڻ واري مامري تي وڏيري نازو ڌاريجو دليري سان سڀني کان اڳيان هئي، مردن جيان سندس جي لاڳتي ڪوشش ۽ اعلى اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ بعد مذڪوره معصوم ٻارڙي جو لاش ساڳئي ئي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

سياسي پسمنظر

مختيار ناز ڌاريجو جي نالي سان مسلم ليگ ن جي پارٽي سان سياست ۾ سرگرم ٿي. 2013 ۾، سنڌ جي لاء سنڌ جي مخصوص سيٽن تي هوء عورتن مان هڪ طور درج ڪئي وئي.

پڻ ڏسو

حوالا

ٻاهريان ڳنڍڻا