جهانسي جي راڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 2: سِٽَ 2:


== شروعاتي زندگي ==
== شروعاتي زندگي ==
[[File:Rani of Jhansi, watercolour on ivory, c. 1857.png|thumb|left|250px|راڻي لڪشمي ٻائي جو هڪ ننڍڙو تصويري پورٽريٽ]]


=== پيدائش ===
=== پيدائش ===

ورجاءُ بمطابق 16:58, 6 فيبروري 2020ع

جهانسي جي راڻي يا ، راڻي لڪشمي ٻائي، (انگريزي ٻولي: Rani_of_Jhansi) (نومبر 19, 1828 -کان 18 جون 1858)[1][2] جنهن جو نالو لڪشمي ٻائي هيو. سا اُتر انڊيا، پرنسلي رياست جهانسي رياست، هاڻي جهانسي ضلعو، اتر پرديش ۾) جي راڻي هئي.[3] راڻي لڪشمي ٻائي 19 نومبر 1828ع تي پيدا ٿي هئي ۽ 18 جون 1858ع تي وفات ڪري وئي. هن جنگ آزادي هند 1857 ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ اڳواڻن منجهان هِڪَ هئي، جنهن هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ ۾ زبردست ڪردار نڀايو.

شروعاتي زندگي

راڻي لڪشمي ٻائي جو هڪ ننڍڙو تصويري پورٽريٽ

پيدائش

جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي اَٽڪل 19 نومبر 1828 تي وارانسي ۾ هڪ هندو براهمڻ جي گهر ۾ ڄائي هئي. سندس پيءُ جو نالو موروپنت ۽ ماءُ جو نالو ڀاگيرتي هيو. سندس پيءُ شروع ۾ بٺور رياست جي راجا لاءِ ڪم ڪندو هيو، پر بٺور جي راجا پنهنجي سڳي ڌيءُ کان بہ وڌيڪ لڪشمي ٻائيءَ جي پالنا ڪئي.

ونهانءُ ۽ پرڻو

هن جي شادي 1842 ۾ جهانسي جي راجا گنگا درائو نوالڪر سان ٿي. ان مهل راڻيءَ جي عمر سڦا گهٽ 13 سال هئي. جيستائين هن کي منيڪنيڪا ۽ منو سڏيو ويندو هيو پر ونهانءَ ٿيڻ کانپوءِ لڪشمي ٻائي جي نالي سان سڏيو ويو. هن جو هڪ پُٽ دامودر کيس ڄميو پر انگريزن جي چال سان انکي نانگ ڏنگي ورتو اهو ننڍڙو شهزادو مري ويو، تنهنکانپوءِ هن پنهنجي ڀاڻيجو انند رائو کي پٽ طور پاليو ۽ سندس ڀيڻ انند کي پنهنجي موت کان اڳ راڻي لڪشمي کي سونپيو. انکانپوءِ راڻي جيئن تہ هر وقت پُٽ جي ياد ۾ هوندي هئي انڪري آنند جو نالو دامودار رکي ڇڏيائين ۽ ان کي پنهنجو سَڳو پُٽ طور اعلان ڪيائين.

مهاراج گنگا کي پنهنجي پائٽيئي علي بهادر قتل ڪيو، جيڪو جهانسي جي تخت تي ويهڻ چاهي پيو .پر ان کان پوءِ راڻي تخت تي اهڙو زبردست قبضو ڪيو، نہ ئي علي بهادر ۽ نڪي ٻين دعويدارن کي تخت ڏنو ۽ نہ ئي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ڏنو، پر پاڻ راڻي بڻجي تخت تي ويهي راڄ هلائڻ لڳي.

آزادي جي جنگِ 1857ع

شروعات

جيئن تہ آزادي جي جنگ ۾ ڪيترن ئي رياستن حصو ورتو هيو، جن ۾ هڪ مغل سلطنت طرفان بهادر شاهہ ظفر ۽ ٻئي طرف جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي. جهانسي جي راڻي شروعاتي کان ئي هڪ همٿ واري ناري هئي ۽ انگريزن سامهون کين مُنجهائي ويندي هئي. ڪنهن هندستاني تي انياءُ (ظلم) نہ سهي سگهندي هئي ۽ جيڪڏهن انگريز هندستاني تي ظلم ڪندو هيو تہ انکي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي.

آزادي جي تحريڪ مئي ۽ جولاءِ 1857 ۾ ميرٺ کان شروع ٿي. اصل ۾ ان تحريڪ کي ان مهل طاقت ملي جڏهن انگريزن جي فوج ۾ گهڻائي هندستاني ماڻهو موجود هيا ۽ انهن ڳئون ۽ سُوئر (خنزير) جي چرٻي وارو ڪاتوس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جن ۾ ان وقت انگريزن جي فوج ۾ جيئن تہ هندستاني هندو ۽ مسلمان شامل هيا تنهنڪري مسلمان انڪري انڪار ڪيو تہ اُهي سوئر (خنزير) کي ملعون سمجهندا آهن ۽ هندن انڪري انڪار ڪيو تہ ڳئونءَ کي ڀاڳڀري (برڪت واري) سمجهندا آهن، تنهنڪري ٻنهين جي لاءِ جائز نہ هيو تہ هو ڪارتوس استعمال ڪن.

راڻيءَ جو ردِ عمل

محلات تي انگريزن جي هلان ڪرڻ کانپوءِ هي اهو اوچو مقام جتان کان جهانسي جي راڻي پنهنجي پُٽ انند کي چيلهہ سان ٻڌل گهوڙي تي جهانسي جي محل کان هيٺ ٽپُ لڳايو.

جڏهن فرنگين حملو ڪيو تہ ان ۾ ڪيترائي مشهور واقعا پيش آيا. راڻي لڪشمي ٻائي ان وقت انگريزن جو مقابلو ڪيو. ڪُجھ ڏينهن هي حملو هلندو رهيو. انکانپوءِ رائو دلهاجو نالي سان راڻي لڪشمي جو هڪ وزير هيو، تنهن کي راڻي هڪ ڀيري (قلعي جو وڏو دروازو (گيٽ)) تي بيهاريو ۽ کيس اها ذميداري ڏني تہ ان دروزري جي جي حفاطت ڪري، پر هن نمڪ حرامي ڪندي انگريزن جو ساٿ ڏنو. ان دروازي جي ويجهو حفاظت لاءِ بيٺل سمورن فوجين کي قلعي جي ٻئي طرف موڪليو ۽ دروازو انگريزن جي لاءِ کولڻ لڳو ان وقت راڻي جي هڪ وفادار ۽ ننڍپڻ جي ٻانهي ڪاشي کيس دروازو کولڻ کان جهليو تہ انکي بہ هن قتل ڪري ڇڏيو. جهانسي جي راڻي کي پروڙ پئي تہ هوءَ تُرت ئي ان دروازي ڏانهن ڀڳي انگريزن کي روڪڻ لاءِ پر تيسيتائين انگريز قعلي جي اندر داخل ٿي چُڪا هيا، راڻي جي فوج انگريزن جو مقابلو ڪيو پر انگريزي فوج، راڻي جي فوج کان ويهہ ڀيرا وڌيڪ هئي، انهيءَ صورتحال ۾ راڻيءَ وٽ ڀڄي نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪابہ راهہ نہ بچي سگهي ۽ مجبوريءَ ۾ راڻي محل کان وڃڻ لڳي. ان وقت انگريزن هن کي چئوپاسي کان گهيري ۾ ورتو هيو، پر راڻِي هڪ جانباز هئي هوءَ محل جي انتهائي اوچي مقام کان گهوڙي تي سوار ٿي ٽپو لڳايو ۽ ٻاهر ڀڄي نڪري وئي. (مٿي مقام جي تصوير کاٻي طرف موجود آهي)۔

انکانپوءِ ڪجھ ڏينهن ۾ راڻي انگريزن تي هڪ زبردست حملو ڪيو ۽ جهانسي واپس ڇني ورتائين. پوءِ راڻي وستي واهڻ وڃي ماڻهن ۾ انگريزن خلاف تاءُ پکيڙيندي رهي ۽ اهڙي ريت نيٺ جنگ آزاد هند 1857 شروع ٿي. جنهن ۾ راڻي ۽ سندس فوج ۽ ڪيترن ئي ٻين رياستن پڻ حصو ورتو.

وفات

جڏهن آزادي جي جنگ لاءِ تحريڪ روان هئي تہ راڻي پڻ انگريزن سامهون ٿي مقابلو ڪيو، جنگ دوران انيڪ انگريزن کي موت جي گهاٽ لاٿائين. انکانپوءِ اوچتو ڪنهن فوجيءَ جنگ جي ميدان راڻيءَ تي تلوار سان وار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي هوءَ ميدان کان هڪ بيابان جڳهہ وئي. جتي راڻيءَ هڪ ٻُڍڙي ماڻهو (بزرگ) کي ڏٺو ۽ ان کي چيائين تہ لڪشمي ٻائي کي ان طرح ساڙي تہ ان جو جسم موت کانپوءِ بہ انگريزن کي هٿ نہ اچي جيئن زندگي ۾ ڪڏهن بہ انگريزن کي هٿ نہ آيو. ان فقير راڻيءَ جي مرڻ کانپوءِ ان جو جسم کي اگني ڏني (ساڙيو) ۽ ڪنهن کي خبر بہ نہ پئي تہ راڻي جو جسم ڪيڏانهن ويو.

ائين ڪرڻ سان راڻي انگريزن کي هي نياپو ڏيڻ پئي چاهي تہ انگريز نہ تہ راڻي کي زندگي ۾ پڪڙي سگهيا ۽ نہ ئي موت کانپوءِ.

اهڙي ريت راڻي جي جاکوڙ سان هندستان ۾ آزادي جو جذبو اُڀريو، هندستان جي ماڻهن انگريزن کي هندستان ڇڏي وڃڻ لاءِ تحريڪون هلائڻ لڳا، انهي زماني دوران انگريزن ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري حڪمت عملي تحت ويندي ويندي 90 سال کانپوءِ مورڳو ملڪ جا ئي ٻہ ٽُڪر ڪري ٻہ رياستون پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آڻي ويا هليا. اڄ پڻ راڻي کي ڀارت ۾ هڪ قومي ناري (عورت) درجو حاصل آهي.

مسلماننن سان سُلوڪ

راڻي طرفان مسلمانن سان سُٺو سُلوڪ ڪرڻ سميت محبت پڻ هُئي. راڻي مسلمان ۽ هندوئن کي برابر سمجندي هئي ۽ انهن کي هڪجهڙا برابر حَقَ ڏيندي هئي، اهوئي ڪارڻ هيو تہ مسلمانن جي دلين ۾ پڻ راڻيءَ هڪ مانُ مرتبو پيدا ڪيو. راڻي مسلمانن کي مسجدن وغيرهہ جي لاءِ زمين پڻ ڏيندي هئي.

  1. ميئر، ڪارل اي. & برائس، شرين بليئر (1999) Tournament of Shadows. Washington, DC: Counterpoint; p. 138--"The Rani of Jhansi ... known to history as Lakshmi Bai, she was possibly only twelve in 1842 when she married the .. Rajah of Jhansi ..."
  2. Though the day of the month is regarded as certain historians disagree about the year: among those suggested are 1827 and 1835.
  3. "Who is Manikarnika?".