نوبل انعام: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-File: +فائل:، -category: +زمرو:)
م JogiAsad چوريو صفحو نوبيل پرائيز ڏانهن نوبل انعام: نوبل انعام Nobel Prize
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 16:30, 9 جنوري 2020ع

Nobel laureates receive a gold medal together with a diploma and (as of 2012) 8 million SEK (roughly US$1.2 million, €0.93 million).
Nobel laureates of 2012 Alvin E. Roth, Brian Kobilka, Robert J. Lefkowitz, David J. Wineland, and Serge Haroche during the ceremony


نوبل پرائيز:[1] هر سال سوئيڊن ۾ سياري جي موسم ۾ هڪ شاندار پارٽي ٿيندي آهي جنھن جو سڄي دنيا جا ماڻھو هڪ سال تائين انتظار ڪندا آهن. هي مشھور پارٽي هر سال 10 ڊسمبر تي سوئيڊن جي گادي واري شھر ”اسٽاڪ ھوم“ جي ڪنسرڊ ھال ۾ ٿئي ٿي جتي ھر سال سوئيڊن جو بادشاھ اُن سال جي نوبيل انعام کٽندڙن کي تاڙين جي گونج ۾ انھن جا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائيندو آهي. پر امن جو نوبيل انعام اسٽاڪ هوم ۾ نه ڏنو ويندو آهي. اُهو انھيءَ تاريخ ۽ انھيءَ وقت ”ناروي“ جي گادي واري شهر ”اوسلو“ ۾ ڏنو ويندو آهي. نوبيل انعام هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انعام آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو مشهور واقعو نه آهي جنهن جي پويان نوبيل انعام جو ٽپو لڳل نه هجي مارڪوني جو سمنڊ پار تجربو هجي، مادام ڪيوري پاران ريڊيم ۽ يورينيم جي دريافت هجي، انساني رت جي گروهبندي هجي، ڊي اين اي جي دريافت هجي، پينسلين جي ايجاد هجي يا ٽرانزسٽر جي ايجاد ڇو نه هجي مطلب ته هر تجربي، هر نطريي، هر دريافت ۽ هر ايجاد جي پويان نوبيل انعام چمڪندو نظر اچي ٿو.

نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو.

A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair.
الفريڊ نوبيل ان وقت اڻوڻندڙ حيراني ۾ اچي ويو جڏهن فرانس جي ھڪ اخبار۾ پنھنجي اوبيچوئري پڙھيائين تہ: موت جو سوداگر مري ويو.

الفرِيڊ جو تعلق سوئيڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو. نوبيل جا اباڏاڏا هاري ھئا نوبيل جي وڏي ڏاڏي نوبيليٽ جو نالو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جو پھريون فرد هُئو جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿيو هو اُن جو نالو نوبيلاسٽ هو. نوبيليٽ جي پوٽي جو نالو امونيل نوبيليٽ هيو. امونيل پنھجي خانداني نالي نوبليٽ کي نوبيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته اُن سوئيڊن جي فوج ۾ ڪجھ وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امونيل نوبيل جو پُٽ الفريڊ نوبيل هو. الفريڊ نوبيل 21 آڪتوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي تنھن هوندي به اُن هڪ پرائيوٽ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن، فرانسيسي شامل هيون اُنھن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي گڏوگڏ ڪيمسٽري جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.

اُنھي وچ ۾ اُن جو والد امونيل پنھجي معاشي حالتن کي سُڌارڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيو. امونيل به اڻ پڙهيل هيو پر اُن کي نئين نئين شين کي ايجاد ڪرڻ جي صلاحت موجود هئي، هو شروع کان ئي هوشيار هيو ۽ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کي شيءِ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندو هيو. پر اُن جون مالي حالتون ڪڏھن به سُٺيون نه رهيون، تنهن ڪري هو روس هليو ويو، جتي اُن هڪ فيڪٽري کولي پر ”ڪريميا“ جي جنگ جي ڪري اُن جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ 1859ع ۾ پريشان حالت ۾ واپس پنھجي وطن موٽي آيو. انھيءِ دوران الفريڊ نوبيل ۾ والد وارا مشغلا ۽ شوق پيدا ٿي ويا ۽ اُن کي به ايجادن خاص طور ڌماڪي ڪندڙ شين کي ايجاد ڪرڻ سان دلچسپي پيدا ٿي وئي. اُن نائيٽريٽ گئس جي ڌماڪي ڪندڙ مواد تي پنھجي تجربن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اُنھن ڏينهن ۾ ايجاد ٿي چُڪو هئو. نوبيل پنھجي ايجاد ۾ گهڻو اڳيان وڌي چڪو هئو ته اُنھن نجربن جي دوران اُن جي تجربيگاھ ۾ هڪ ڏهڪائيندڙ ڌماڪي ڪري سندس ننڍو ڀاءَ ”ايمل“ مري ويو، اُن واقعي الفريڊ نوبيل کي ڏاڍو ڏک رسايو، پر نوبيل آڻ نه مڃي ۽ نيٺ 1868ع ۾ هو ”ڊائنامائيٽ“ ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن جي نتيجي ۾ نوبيل جا ڏينھن به بدلجي ويا ۽ اُن جو شمار مُلڪ جي دولتمند ماڻھن ۾ ٿيڻ لڳو. اُن پنھجي ايجاد جي دائري کي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ سوئيڊن کان ٻاهر پنھجي ايجاد جو پيٽنٽٽ وڪرو ڪيو. جنهن جي ڪري اُن جي دولت ۽ شهرت ۾ واڌارو ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ سندس فياضي ۽ همدردي جي خوبي ۾ به واڌارو اچي ويو.

هن ڪيتريون ئي خيراتي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا ۽ غريبن جي مالي امداد ڪندو رهيو. بدقسمتي سان نوبيل جي پنھجي زندگي سُٺي نه گذري. اُن ڪيترائي ڀيرا شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر هر ڀيري ڪا نه ڪا روڪاوٽ سامھون اچي ٿي وئي. الفريڊ نوبيل جن عورتن سان شادي ڪرڻ چاھيندو ھُئو اُن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ ”صوفي ھيس“ ۽ ٻئي ھئي ”برٿافان سٽنر“. صوفي ھيس عمر ۾ نوبيل کان ڪافي ننڍي هئي، پر اُن سان شادي نه ٿي سگھي. برٿافان سٽنر، نوبيل جي اشتھار جي ذريعي جيڪو اُن سيڪريٽري جي تلاش ۾ ڏنو هو اُن سان ملي هئي ۽ پنھجي پسند جي ماڻھو سان شادي نه ٿيڻ ڪري پريشان هئي، ائين هو نوبيل جي طرف ڇڪجي آئي پر ڪجھ وقت کانپوءِ اُن جي شادي اُن ماڻهو سان ٿي وئي جنھن کي هو پسند ڪندي هئي ۽ نوبيل هڪ دفعو ٻيھر اڪيلو رهجي ويو. برٿافان سٽنر هڪ سُٺي ليکڪا هئي، اُن ڪيترائي ڪتاب ليکا جن ۾ هڪ ڪتاب ”پنھجا هٿيار ڦٽا ڪريو“ هو. هي ڪتاب 1889ع ۾ ڇپيو هو.هن ڪتاب جو شمار جنگ جي خلاف لکجڻ وارن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪتاب الفريڊ نوبيل کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ اُن برٿافان سٽنر کي لکيو ته ”مان پنھجي دولت جو هڪ حصو هڪ انعام لاءِ وقف ڪرڻ چاھيان ٿو. هي انعام پنجن سالن کانپوءِ اُن ماڻهو کي ڏنو ويندو، جيڪو دنيا مان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو يا جنھن دنيا جي امن لاءِ تحريڪ هلائي هوندي. 30 سالن ۾ رڳو ڇھه ڀيرا اهو انعام ڏنو ويندو، جيڪڏھن اان ڊگھي عرصي کانپوءِ به دنيا مان جنگ ختم نه ٿي ته پوءِ انسان وحشي بڻجي ويندو ۽ پوءِ هن انعام جي ضرورت باقي نه رهندي“.

اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت جيڪا اُن وقت 1500000 پائونڊ ۽ اڄڪلھ جي 6600000 پائونڊن جي برابر آهي هڪ ”نوبيل فائونڊيشن“ قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا.

A paper with stylish handwriting on it with the title "Testament"
الفريڊ نوبيل جي وصيحت جنھن ۾ ھدايت ڪئي ھئائين ته سندس سمورن اثاثن مان 94 پرسنٽ نوبيل پرائيز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن.

نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجھ مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو.

A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair.
ولھيم رونتجين فزڪس جو پھريون انعام ايڪس ري جي دريافت تي حاصل ڪيو.

اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو.

A black and white portrait of a woman in profile.
Marie Curie, one of four people who have received the Nobel Prize twice (Physics and Chemistry)

ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. [2]

A set table with a white table cloth. There are many plates and glasses plus a menu visible on the table.
Table at the 2005 Nobel Banquet in Stockholm

List of laureates

Year Physics Chemistry Physiology
or Medicine
Literature Peace Economics
1901 Wilhelm Röntgen Jacobus Henricus van 't Hoff Emil Adolf von Behring Sully Prudhomme Henry Dunant;
Frédéric Passy
1902 Hendrik Lorentz;
Pieter Zeeman
Hermann Emil Fischer Ronald Ross Theodor Mommsen Élie Ducommun;
Charles Albert Gobat
1903 Henri Becquerel;
Pierre Curie;
Marie Curie
Svante Arrhenius Niels Ryberg Finsen Bjørnstjerne Bjørnson Randal Cremer
1904 Lord Rayleigh William Ramsay Ivan Pavlov Frédéric Mistral;
José Echegaray
Institut de Droit International
1905 Philipp Lenard Adolf von Baeyer Robert Koch Henryk Sienkiewicz Bertha von Suttner
1906 J. J. Thomson Henri Moissan Camillo Golgi;
Santiago Ramón y Cajal
Giosuè Carducci Theodore Roosevelt
1907 Albert Abraham Michelson Eduard Buchner Charles Louis Alphonse Laveran Rudyard Kipling Ernesto Teodoro Moneta;
Louis Renault
1908 Gabriel Lippmann Ernest Rutherford Élie Metchnikoff;
Paul Ehrlich
Rudolf Christoph Eucken Klas Pontus Arnoldson;
Fredrik Bajer
1909 Karl Ferdinand Braun;
Guglielmo Marconi
Wilhelm Ostwald Emil Theodor Kocher Selma Lagerlöf Auguste Marie François Beernaert;
Paul-Henri-Benjamin d'Estournelles de Constant
1910 Johannes Diderik van der Waals Otto Wallach Albrecht Kossel Paul Heyse International Peace Bureau
1911 Wilhelm Wien Marie Skłodowska-Curie Allvar Gullstrand Maurice Maeterlinck Tobias Asser;
Alfred Hermann Fried
1912 Gustaf Dalén Victor Grignard;
Paul Sabatier
Alexis Carrel Gerhart Hauptmann Elihu Root
1913 Heike Kamerlingh Onnes Alfred Werner Charles Richet Rabindranath Tagore Henri La Fontaine
1914 Max von Laue Theodore William Richards Robert Bárány None None
1915 William Henry Bragg;
William Lawrence Bragg
Richard Willstätter

حوالا

  1. "The Nobel Prize". Nobel Foundation. حاصل ڪيل 2008-11-27. 
  2. نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017