سماج: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:)
سِٽَ 8: سِٽَ 8:




[[category:سماج]]
[[زمرو:سماج]]
[[category:معاشرو]]
[[زمرو:معاشرو]]
[[category:سياست]]
[[زمرو:سياست]]

ورجاءُ بمطابق 15:29, 13 نومبر 2019ع

سماج، معاشرو يا سوسائٽي (انگريزي ٻولي: Society) آباديءَ جو اهو مجموعو آهي، جيڪو قوم جي جوڙجڪ ۽ رياست جو ڍانچو عمل ۾ آڻي ۽ رياستي اختيارين جي ضابطي هيٺ رهي. ڪي سماج خاص جاگرافيائي حدن جي اندر ۽ ڪنهن خاص رياستن جي دائري ۾ هوندا آهن، جڏهن ته ڪي انهن ٻنهي حدبندين کان بالاتر رهن ٿا ۽ مُختلف علائقن ۽ رياستن تائين ڦهليل هُجن ٿا. انساني سماج ۾ ماڻهن جي گروهن جي هڪٻئي سان مُختلف شعبن ۾ واسطيدار هُجڻ ڪري، اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا.

”سُسائٽي“ جو اصطلاح لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Societus مان نڪتل آهي، جنهن مان مراد ”دوست، ساٿي ۽ اتحادي“ هُجڻ آهي. ان ڪري ان جو مقصد مُختلف ڌرين ۾ ڀائيچاري ۽ دوستيءَ واري جذبي سان ڪنهن هڪ علائقي ۾ رهڻ وارو آهي. هي اصطلاح سڄي انسان ذات، ڪنهن خاص قوم يا محدود انساني گروهه جي لاءِ هڪ وقت استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن مڙني حلقن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جو سرشتو، ساڳي زبان، ثقافت،سماجي سهڪار يا حڪومتي تنظيم ڪاريءَ ذريعي جڙندو آهي. ٻين سرشتن وانگر ”سماج“ پنهنجي ميمبرن کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اهڙيون خواهشون، جن جي تڪميل انفرادي طرح ممڪن نه هُجي، انهن خواهشن کي اجتماعي سهڪار سان پورو ڪن. انهيءَ جستجو ۾ ’سماج‘ جو تصور انساني آباديءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي سرشتي جو آهي، جيڪو معاشي، سماجي، سياسي ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري، اها حاصلات ممڪن بڻائي ٿو، جيڪا انفرادي طور تي ممڪن نه هوندي آهي. ’سماج‘ ڀوٽان جي رياست وانگر ڪنهن مخصوص نسلي گروهه تائين محدود ٿي سگهي ٿو، ته اولهه جي سماجن جيان وسيع ثقافتي بُنيادن تي به پکڙجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ’سماج‘ جا مقصد مذهبي، ثقافتي، سائنسي، سياسي ۽ وطني وغيره به هُجن ٿا. مُختلف سماجن مان جيڪي سماج معاشي طور اُسريل هُجڻ ڪري سگهارا، امير ۽ بااثر هُجن ٿا، اُنهن کي مُک معاشرا (Core Societies) سڏجي ٿو. اهڙا سماج ٻاهرئين اثر کان پاڪ ۽ خودمختيار هُجن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اُهي معاشرا، جيڪي معاشي طور تي ڪمزور يا نٻل هوندا آهن، سي ڌاريي اثر جي هيٺ گهڻو هوندا آهن ۽ کين نيم انحصاري معاشرن (Semi-Peripheral Socities) جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي.[1]سماجي تعلقات جو اهو نظام، جنهن جي ذريعي اسان زندگي گذاريندا آهيون سماجي تعلقن جو اهو نظام اسان جي ماحول، عقيدن، خيالات، تصورات، فلسفي ۽ اسان جي ڪردار جي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. چيو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي سماج جي پيدا هوندو آهي. ادب سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. ان طرح سان ادب جو هڪ سماجي ڪردار هوندو آهي. [2]

حوالا

  1. Society | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي