مُک صفحو: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
<!-- ====================== مقابلو =============== --> ! {{مک صفحو/خانو2 | image = Text-x-generic with pencil-2.svg | PAGENAMEBASE = هلندڙ منصوبا | متن = {{وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو}} }}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو, وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو/2019
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 67: سِٽَ 67:
| image = Text-x-generic with pencil-2.svg
| image = Text-x-generic with pencil-2.svg
| PAGENAMEBASE = هلندڙ منصوبا
| PAGENAMEBASE = هلندڙ منصوبا
| متن = {{وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو}}
| متن = {{وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو/2019}}
}}
}}



ورجاءُ بمطابق 15:29, 31 آڪٽوبر 2019ع

وڪيپيڊيا تي ڀليڪار،
سنڌي ۾ 16,827 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

سرمائي-ڪنڌ ڀوري

سرمائي-ڪنڌ ڀوري (Gray-necked Bunting سائنسي نالو:Emberiza Buchananai) هن پکيءَ جو ڪنڌ ۽ ڪلها سرمائي هوندا آهن، ڳچي ان جي پٺ تائين ڳاڙهسري سرمائي ٿئي ٿي ۽ اکين کي اڇو حلقو اٿس


بهترين مضمون

"ايشيق اخبار جو پھريون شمارو"
خديجه علي بايوفا، ايڊيٽر ايشيگ اخبار

ايشيگ آذربائيجاني ٻوليءَ ۾ عورتن جي پهرين ڇپائي هئي. اخبار جو پهريون شمارو 22 جنوري 1911ع تي ڇپيو ۽ ان جي ڇپائي 1912ع جي پڇاڙيءَ تائين جاري رهي، جنهن دوران ايشيق جا 68 شمارا جاري ٿيا.ايشگ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڇنڇر تي ڇپجندو هو، جنھن ۾ سائنسي-تعليمي، ادبي، طبي ۽ گهريلو موضوعن کي شامل ڪيو ويندو هو. ٻارن جي پرورش، ساھتيہ، دوائن ۽ گهر اڏاوت سان گڏ، هن ۾ قانون، ثقافت، مذهبي قاعدن ۽ دنيا جي سماچار سان لاڳاپيل مختلف ڀاڱا پڻ شامل هئا. ميگزين جي پوش تي، هڪ نوجوان عورت جي تصوير هئي جنهن کي مٿو ڍڪيل ھو، جيڪا هڪ ٻار جو هٿ پڪڙي بيٺل ۽ اڀرندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريل ھجي ٿي، جنھن مان روشني نڪري ھئي (اخبار جي عنوان جو حوالو: آذربائيجان ۾، "ايشيق" جو مطلب آهي "روشني").اخبار جو بنيادي مقصد عورتن کي وديا ڏيڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هو. عورتون اڪثر ڪري اخبارن ۾ ليک ۽ نظم پيش ڪنديون هيون، جن ۾ عورتن جي زندگين ۾ ٿيندڙ انياءُ تي نندا ڪئي ويندي هئي.اها اخبار سڄي روس جي مسلمانن ۾ مشهور هئي. جيڪا ھن حقيقت جو ثبوت آهي ته اخبار جي اٽڪل 200 ڪاپيون قفقاز کان ٻاهر رڪنن ڏانهن اماڻيون ويون. روس جي اسٽيٽ لئبرريءَ وٽ سال 1911 لاءِ اخبار ايشيگ جو هڪ سيٽ آهي، جيڪو ايمپريس اليگزينڊررا فيودورونا کي پيش ڪيو ويو ھو. رپورٽن مطابق، اخبار جي بند ٿيڻ جي اميد ڀائنڻ جي ڪري، خديجه عليبيوفا ايشيگ جا پهرين کان 34 تائين شمارا ايمپريس ڏانهن موڪليا هئا.مذهبي قدامت پسندن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ اخبار کي مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ليکڪن، عالمن ۽ مذهبي قدامت پسندن کان محتاط ٿي، اخبارن ۾ چٺيون، مضمون ۽ نظم موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پڙهندڙن کي رڪنيت وٺڻ بند ڪري ڇڏي. اشگ اخبار لاءِ رڳو مواد ۽ رڪنن جي کوٽ ئي مسئلو نه هئي. جنوري 1912ع ۾، مولا روح الله محمد زاده جي قتل کان پوءِ، جنهن اخبار کي انتهاپسند عالمن کان بچايو، اخبار پنهنجي ”پختگي“ وڃائي ويٺي ۽ ٽن مهينن بعد پنھنجي ڇپائي زوريءَ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي. اهڙيءَ ريت اشگ اخبار پنهنجي آخري شماري سان 21 اپريل 1912ع تي پنهنجي سرگرميءَ جي پُڄاڻي ڪئي. ايشيگ اخبار جي مکيه محققن مان هڪ اماليا قاسمووا جي مطابق، سوويت حڪومت جي دور ۾، آذربائيجان ۾ عورتن جي پريس جي بانيڪار جي حيثيت سان اخبار تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ قائم رهڻ ۾ اسڦل ٿي ڇاڪاڻ ته، اخبار کي "بورجوا پريس" سمجهيو ويندو هو ۽ تحقيق کان ٻاهر رھجي وئي ۽ ميگزين سرگ گديني (آذربائيجاني گديني) ديس جي عورتن جي پھرين پريس جي حيثيت سان شايع ڪيو ويو.

هاڻوڪا واقعا



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 16,827 مضمون موجود آهن.

هلندڙ منصوبا

وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو

وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو وڪيپيڊيا ايشيائي مھينو ھڪ آن لائن ترميمي ڊوڙ آھي، جنھن جو مقصد ايشيا جي وڪيپيڊيا برادرين جي وچ ۾ موجود وڇوٽيءَ کي گھٽائڻ ۽ انھن کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ آھي. وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو وڪيپيڊيا جي ھڪ سالياڻي ڇٽاڀيٽي (مقابلو) آهي جنهن ۾ مخصوص ٻولين جي وڪيپيڊيا ۾ ايشيائي مواد کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آھي. هر حصو وٺندڙ برادري (ڪميونٽي) پنھنجي وڪيپيڊيا تي هر نومبر ۾ هڪ مهيني لاءِ آن لائن ترميمي ڊوڙ (ايڊٽ ٿان) ڪندي آھي تہ جيئن پنھنجي ملڪ کان الڳ ٻئي ڪنھن ايشيائي ملڪ جي موضوع بابت نئون مضمون تخليق ڪري سگھي يا اڳ کان موجود مضمونن کي سنواري بھتر بڻائي. ان ترميمي ڊوڙ ۾ ڀاڱيدار (حصو وٺندڙ) واپرائيندڙ رُڳو ايشيائي برادرين تائين محدود ناھين.

هن مقابلي جو پهريون ورجاءُ 2015 ۾ شروع ڪيو ويو ۽ هر سال مضمونن جو تعداد وڌيو آهي ۽ شرڪت ڪندڙ انيڪتا ۽ وڌيا آھن.گذريل ٽن سالن ۾، 2،000 کان وڌيڪ وڪيپيڊيا ايڊٽرن طرفان 50 کان وڌيڪ مخصوص وڪيپيڊيائن ۾ 20،500 کان مٿي اعليٰ معيار وارا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. وڪيپيڊيا ايشيائي برادري (ڪميونٽي) جي دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ھڪ ڀاڱي طور، شرڪت ڪندڙ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ چار مضمون (آرٽيڪل) ٺاھي وٺندا آهن سي هڪ ٻئي شرڪت ڪندڙ ڪميونٽي کان خاص وڪيپيڊيا پوسٽ ڪارڊ ماڻيندا آھن. اچرج (حيرت) ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو! توهانکي ڪڏهن بہ پَروڙ ناهي تہ ڪھڙي وڪي برادري (Wiki ڪميونٽي) توهان کي پوسٽ ڪارڊ موڪلڻ واري آھي! وڪيپيڊئن (وڪيپيڊيا واپرائيندڙ) جيڪي هر وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مضمون آڻيندا آهن انهن کي "وڪيپيڊيا ايشيائي سفير" طور عزت (ايوارڊ/اعزاز) ڏنو ويندو آھي.

اصول

مختصر لفظن ۾ : ايشيائي موضوعن (ماڻهن، ماڳن، ثقافت وغيره) تي اھڙا نوان مضمون جيڪي حوالا سميت گھٽ ۾ گھٽ 3000 بائٽ ۽ 300 لفظن تي جڙيل ھجن ۽ نومبر 2019ع ۾ ٺھيل/لکيل ھجن. فهرستون اهل ناهين.

تفصيل:

  • توهان پاران مضمون نئون/تازو جڙيل/لکيل هجي (يعني اڻپورو (ڪچو مضمون) کي وڌائڻ، سنوارڻ شامل ناهي) يعني جن کي 1 نومبر 2019 00:00ع کان 30 نومبر 2019ع 23:59 جي وچ ۾ لکيو ويو ھجي.
    • ايران ۾ هڪ هفتو تائين انٽرنيٽ بندش (بلاڪ) هئڻ جي پيش نظر نومبر جي آخر ۾ ختم ٿيندڙ هن مضمون نويسي جي ترميم ڊوڙ کي وڌيڪ هڪ هفتو (۷ ڊسمبر رات ۱۲ بجي) تائين وَاڌارو ڪيو ويو آهي.
  • مضمون گھٽ ۾ گھٽ 3،000 بائيٽ ۽ تقريباً 300 لفظن تي جڙيل ھجن. (انفوباڪس ، ٽيمپليٽ وغيرہ جي سنوار نه ڳڻي ويندي)
  • مضمون لازمي طور وڪيپيڊيا معروفيت واري اهليت جي معيار تي پورا لهندا هجن.
  • مضمون ۾ مناسب مهذب حوالا (ريفرنسز) هجڻ ضروري آهن، مضمون ۾ مشڪوڪ يا تڪراري مواد جي توثيق لاڳاپيل مضمون جي درج حوالا تان هجڻ گهرجي. حوالا ڪيئن داخل ڪرڻ لاءِ ڏسو
  • مضمون خالص (مڪمل طور) مشين ترجمو نه هجڻ گهرجن ۽ اهي صحيح طريقي سان ڪاپي ايڊت ڪيا وڃن.
  • مضمون ۾ ڪي به وڏا مسئلا نه هجڻ گهرجي (جهڙوڪ، ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي نه هجي، معروفيت جا سوال، وغيره).
  • مضمون فھرست جي شڪل ۾ نہ ھجن.
  • اھڙي فھرست قابل قبول آھي جيڪا سھولت جي غرض سان ٺاھي وئي ھجي (ھي اختيار صرف چونڊ مضمونن جي لاءِ آھي)
  • مضمون معلومات ڀريا ھجن.
  • مضمون صرف ايشيائي ملڪن ۽ علائقن سان لاڳاپيل ھجن (مضمون نويس واپرائيندڙ پنھنجي ملڪ سان لاڳاپيل موضوعن تي نہ لکي، مثال طور پاڪستاني واپرائيندڙ پاڪستان سان لاڳاپيل مضمون تحرير نہ ڪن، پر پاڪستان کانسواءِ ٻئي ڪنھن بہ ايشيائي ملڪ بابت مضمون لکن)
  • منتظم (ناظم) پاران جمع ڪرايل مضمونن کي ٻيا ناظم (مقامي توڙي عالمي) يا منتظم چڪاسيندا.
  • هر ٻوليءَ کان وڪيپيڊيا جا جج اندازو لڳائيندا ۽ طئي ڪندا ته ڇا سندن ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا ان رٿا (مقابلي) ۾ مضمون قبوليو ويو يا نه.
  • جڏهن توهان 4 مضمون (آرٽيڪل) ٺاهيون ٿا جيڪي مٿئين قاعدن تي پورو لهن ٿا، ته پوءِ توهان ايشيائي برادرين مان هڪ برادري کان وام پوسٽ ڪارڊ وصول ڪندا، جيڪو توهان کي ٽپال وسيلي موڪليو ويندو.
  • وڪيپيڊيا ايشيائي سفيرن کي ايشيائي برادرين پاران هڪ تصديق ۽ دستخط ٿيل سند (سرٽيفڪيٽ) ملندو. وڌيڪ معلومات لاءِ اڪثر پڇيا ويندڙ سوال ڏسو.

داخلا

You can sign up any time through the month of November.

پنھنجي ڪم (مضمون) جي داخلا ڪيئن ڪجي

جيڪڏھن توھان پھرين نومبر 2019ع کان 30 نومبر 2019ع جي وچ ۾ ڪو مضمون لکيو آھي، جيڪو ايشيا کنڊ سان لاڳاپيل ڪنھن بہ موضوع تي آھي، ان جو وزن 3000 بائيٽ آھي ۽ ان ۾ حوالا ۽ ڄاڻ خانن (انفوباڪس) کان سواءِ، 300 لفظ (گھٽ ۾ گھٽ حد) آھن، تہ توھان ۽ سبمٽ (جمع) تي ٺڙڪ ڪري پنھنجي مضمون (جنھن واپرائيندڙ مضمون شروع ڪيو، اھو ئي داخل ڪرائي سگھي ٿو ٻئي جو مضمون توھان جي نالي سان، يا توھان جو مضمون ڪنھن ٻئي واپرائيندڙ سان ھتي داخل ٿي نہ سگھندو) جو نالو لکو ۽ اڳئيون (نيڪسٽ) تي ٺڙڪ ڪريو، جيڪڏھن توھان جو مضمون لاڳاپيل شرطن تي پورو لھي ٿو، تہ تڏھن ئي ھيٺ اڳئين (نيڪسٽ) تي ٺڙڪ ڪري سگھندئو. اھڙي طرح توھان جي ڪم جي داخلا ٿي ويندي.


ناظم

اڳوڻيون ڊوڙون

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

اڄ جو قول

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 16,827 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.