اسم: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو
مضمون کي بهتر بڻايو
سِٽَ 147: سِٽَ 147:
اهڙا اسم جيڪي فعل جي بڻ بنيادي صورت مان هجن، جن مان ڪنهن ڪم يا حالت جي معني ظاهر ٿئي ۽ سندس پڇاڙيءَ وارو اکر "ڻ" هجي اهڙن لفظن کي اسم مصدر چئبو آهي.
اهڙا اسم جيڪي فعل جي بڻ بنيادي صورت مان هجن، جن مان ڪنهن ڪم يا حالت جي معني ظاهر ٿئي ۽ سندس پڇاڙيءَ وارو اکر "ڻ" هجي اهڙن لفظن کي اسم مصدر چئبو آهي.


جيئن؛ لکڻ، پڙهڻ، اُٿڻ، سمجھڻ، کائڻ، سمهڻ وغيره
<references/>

==== امر ====
امر جي معني آهي حڪم، عرض، منٿ

وصف؛ اهڙا لفظ جيڪي اڪثر ڪري حڪم ڪرڻ، عرض ڪرڻ مهل ڪم آڻبا آهن.

نوٽ؛ اسم مصدر مان "ڻ" ڪڍڻ سان امر ٺهندو آهي.

===== امر جا قسم =====

====== امر حال ======

* امر حال واحد؛ اسم مصدر "ڻ" ڪڍڻ سان ٺهندو آهي

* امر حال جمع؛ امر واحد ۾ "و" يا جيڪڏهن امر حال واحد جي آخر زير آهي ته "يو" ملائڻ سان امر حال جمع ٺهندو آهي.

====== امر استقبال ======

* امر استقبال واحد؛ امر حال واحد ۾ "ج" ملائڻ سان يا امر حال واحد ۾ "جان" ملائڻ سان امر استقبال واحد ٺهندو آهي. ۽ آخر ۾ زير هجي ".ئج"سان ملائجي.

* امر استقبال جمع؛ امر حال واحد ۾ "جو" ملائڻ سان امر استقبال جمع ٺهندو آهي.

{| class="wikitable"
|+اسم مصدر مان امري لفظ ٺاهڻ
!اسم مصدر
!امر حال واحد
!امر حال جمع
!امر استقبال واحد "ج"سان
!امر استقبال واحد "جان"سان
!امر استقبال جمع
|-
|لکڻ
|لک
|لکو
|لکج
|لکجان
|لکجو
|-
|پڙهڻ
|پڙھ
|پڙهو
|پڙهج
|پڙهجان
|پڙهجو
|-
|مارڻ
|مار (آخر ۾ زير)
|ماريو
|مارئج
|مارجان
|مارجو
|-
|گھمڻ
|گھم
|گھمو
|گھمج
|گھمجان
|گھمجو
|-
|ڏسڻ
|ڏس
|ڏسو
|ڏسج
|ڏسجان
|ڏسجو
|}
<br /><references/>


{{ڪچو}}
{{ڪچو}}

ورجاءُ بمطابق 17:23, 13 فيبروري 2019ع

اسم __ (Noun):

گرامر جو اصطلاح. ڳالهائڻ جو لفظ. اھو لفظ جو ڪنھن به ماڻھوءَ، ساھواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو نالو ھجي. جيئن تھ: غلام محمد، شينهن، ميز، ٿاڻو، غريبي، اميري، وغيره.

لفظ اسم

لفظ اسم عربي ٻوليءِ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي نـالـو. عربي ٻولي جو لفظ جنھن کي انگريزي ۾ noun چيو ويندو آھي۔ يعني ڪنھن شخص، مقام، فرد، شيء، ڪيفيت يا وصف جو نالو۔ [1]. صوفي شاعريءَ ۾ ’اسم‘ لفظ ’الله‘ لاءِ به ڪم ايندو آهي.[2]

انگريزيءَ جو لفظ نائون (noun) لاطيني ٻوليءَ جي لفظ نومين nōmen مان نڪتل آھي جنھن جي معني نالو آهي.[3]

ڳالھائڻ جي لفظن جي درجہ بندي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٿي .مشھور گرامردان ياسڪا جي نروڪتا ۾ ڏيکاريل چئن درجہ بندين ۾ اسم پڻ شامل ھيو.[4]

اسـم نالو آهي
ماڻهو پکي جاندار جايون بي جان خاصيتون حالتون ڪم ڪيفيت ڌاتو پاڻياٺ الله جا نالا اڻ ڳڻپ شيون
سالار جھرڪي ماڪڙ اسڪول ميز چالاڪي ننڍپڻ پڙهڻ پيار لوھ پاڻي الرحمان هوا
مهراڻ ڪٻر پلو گھر ڏاٽو اڇاڻ اميري لکڻ ٿَڪُ جست کير الرحيم ساھ
سارنگ تتر لڌڙو اوطاق چنڊ نيڪي غريبي اٿڻ عشق ٽامو شربت القادر باھ

اسم جا قسم

سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ اسم جا مکيه ٻه قسم آهن؛

اسم صفاتي

اهڙا اسم جن کي ڏسي سگجهي ٿو. هن جا ٻه قسم آهن.

اسم خاص

اسم خاص اهڙا اسم جيڪي نالو آهن ڪنهن خاص ماڻهو ، خاص جانور، خاص شيءِ يا ڪنهن خاص ساهواري جو نالو هجي، انکي اسم خاص چئبو آهي.

مثال طور؛ هير سچل ڪاليج نوابشاھ مان انٽر پاس ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ وئي. (خاص نالا؛ هير، سچل ڪاليج، نوابشاھ، لاڙڪاڻو)

نوٽ؛ اسم خاص سان ڪهڙو يا ڪنهن جو سوال ٿي نه سگھندو آهي ڇو نه هو خود خاص اسم هوندا آهن.

اسم عام

هڪ کان وڌيڪ هڪ جھڙين شين جي نالن کي اسم عام چئبو آهي.

مثال طور؛ سالار ڪتاب خريد ڪري ٿو. هي اسڪول جون ڪرسيون آهن. مينڌرو گھوڙي تي چڙهي گاھ وٺڻ بازار ويو. (عام نالا؛ ڪتاب، ڪرسيون، گھوڙو، گاھ)

نوٽ؛ ميڙ جا نالا پڻ اسم عام ٿيندا آهن. جئين ولر، وڳر، ڌڻ، لشڪر، رعيت، عوام، ٽيم. ٽولو، گروھ، وغيره

اسم ذاتي

هنن اسمن حواسن زذريعي محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن کي اسم ذات پڻ چئبو آهي.

اسم ذات

اهڙا اسم جيڪي ڪنهن خاصيت حالت ۽ ڪم جو نالو ظاهر ڪن. انهن کي اسم ذات چئبو آهي.

نوٽ؛ اسم ذات اهڙن اسم کي پڻ چئبو جن کي صرف حواسن جي ذريعي معلوم ڪري نه سگھجي فقط محسوس ڪري سگھجي.

اسم ذات جو جدول
خاصيتون وفاداري نيڪي ساوڪ هوشياري چالاڪي بيوقوفي روشني سونهن ڪاراڻ ڦڪاڻ ايمانداري
حالتون ننڍپڻ ويڙھ بيماري اميري غريبي پيري مريدي بيوسي گرمي ٿڌ جواني
ڪم پڙهڻ گھمڻ لکڻ ڏسڻ وڃڻ وڄڻ اٿڻ سمهڻ اچڻ هالائڻ ڏيڻ

نوٽ؛ الله تعالي جا سڀئي نالا اسم ذات آهن.

الله، الرحيم، القادر، الوهاب، الغفار....

اسم جا وڌيڪ قسم

اسم مصدر

مصدر جي معني آهي بڻ بنياد، نڪرڻ جي جاءِ

اهڙا اسم جيڪي فعل جي بڻ بنيادي صورت مان هجن، جن مان ڪنهن ڪم يا حالت جي معني ظاهر ٿئي ۽ سندس پڇاڙيءَ وارو اکر "ڻ" هجي اهڙن لفظن کي اسم مصدر چئبو آهي.

جيئن؛ لکڻ، پڙهڻ، اُٿڻ، سمجھڻ، کائڻ، سمهڻ وغيره

امر

امر جي معني آهي حڪم، عرض، منٿ

وصف؛ اهڙا لفظ جيڪي اڪثر ڪري حڪم ڪرڻ، عرض ڪرڻ مهل ڪم آڻبا آهن.

نوٽ؛ اسم مصدر مان "ڻ" ڪڍڻ سان امر ٺهندو آهي.

امر جا قسم
امر حال
  • امر حال واحد؛ اسم مصدر "ڻ" ڪڍڻ سان ٺهندو آهي
  • امر حال جمع؛ امر واحد ۾ "و" يا جيڪڏهن امر حال واحد جي آخر زير آهي ته "يو" ملائڻ سان امر حال جمع ٺهندو آهي.
امر استقبال
  • امر استقبال واحد؛ امر حال واحد ۾ "ج" ملائڻ سان يا امر حال واحد ۾ "جان" ملائڻ سان امر استقبال واحد ٺهندو آهي. ۽ آخر ۾ زير هجي ".ئج"سان ملائجي.
  • امر استقبال جمع؛ امر حال واحد ۾ "جو" ملائڻ سان امر استقبال جمع ٺهندو آهي.
اسم مصدر مان امري لفظ ٺاهڻ
اسم مصدر امر حال واحد امر حال جمع امر استقبال واحد "ج"سان امر استقبال واحد "جان"سان امر استقبال جمع
لکڻ لک لکو لکج لکجان لکجو
پڙهڻ پڙھ پڙهو پڙهج پڙهجان پڙهجو
مارڻ مار (آخر ۾ زير) ماريو مارئج مارجان مارجو
گھمڻ گھم گھمو گھمج گھمجان گھمجو
ڏسڻ ڏس ڏسو ڏسج ڏسجان ڏسجو


  1. اُردو روئي خط لُغت تي لفظ اسم جو مفھوم
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. سانچو:L&S
  4. Bimal Krishna Matilal, The word and the world: India's contribution to the study of language, 1990 (Chapter 3)