شمس ‌الدين عرساڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 65: سِٽَ 65:


{| class="wikitable sortable" style="margin-bottom: 10px;"
{| class="wikitable sortable" style="margin-bottom: 10px;"
! شمار نمبر
! ڪتاب جو نالو
! ڪتاب جو نالو
! نوعيت
! نوعيت
! اشاعت جو سال
! اشاعت جو سال
|-
|-
| 1
| اخلاق ۽ ڪردار
| اخلاق ۽ ڪردار
| ٻاراڻو ادب
| ٻاراڻو ادب
| 1976ع
| 1976ع
|-
|-
| 2
| سنڌي ادب ۾ تنقيد
| سنڌي ادب ۾ تنقيد
| تنقيد
| تنقيد
| 1990ع
| 1990ع
|-
|-
| 3
| آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر
| آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر
| پي ايڇ ڊي ٿيسز
| پي ايڇ ڊي ٿيسز
| 1980ع
| 1980ع
|-
|-
| 4
| لاکو ڦلاڻي
| لاکو ڦلاڻي
| ٻاراڻو ناول
| ٻاراڻو ناول
| 1982ع
| 1982ع
|-
|-
| 5
| فن شخصيت ۽ انداز
| فن شخصيت ۽ انداز
| شخصي خاڪا
| شخصي خاڪا
| 2001ع
| 2001ع
|-
|-
| 6
| آزاديءَ ۾ اسير
| آزاديءَ ۾ اسير
| مختصر ڪهاڻيون
| مختصر ڪهاڻيون
| 2002ع
| 2002ع
|-
|-
| 7
| سائنس افسانا
| سائنس افسانا
| سائنسي ادب
| سائنسي ادب
| 2008ع
| 2008ع
|-
|-
| 8
| نئون ڇٽيهہ لکڻو
| نئون ڇٽيهہ لکڻو
| ٻاراڻو ناول
| ٻاراڻو ناول
| 1985ع
| 1985ع
|-
|-
| 9
| سنڌي ورجيسي ٻولي
| سنڌي ورجيسي ٻولي
| سنڌي پهاڪا، ۽ چوڻيون
| سنڌي پهاڪا، ۽ چوڻيون
| 1997ع
| 1997ع
|-
|-
| 10
| سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ
| سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ
| ايم اي ٿيسز
| ايم اي ٿيسز
| 1965ع
| 1965ع
|-
|-
| 11
| سنڌي ٻوليءَ جي سکيا
| سنڌي ٻوليءَ جي سکيا
| استادن لاءِ رهبر
| استادن لاءِ رهبر
| 1970ع
| 1970ع
|-
|-
| 12
| سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا
| سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا
| لسانيات
| لسانيات
| 2010ع
| 2010ع
|-
|-
| 13
| اوسر پهاڪاتي لغت
| اوسر پهاڪاتي لغت
| پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت
| پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت
| 2015ع
| 2015ع
|-
|-
| 14
| شخص ۽ عڪس
| شخص ۽ عڪس
| شخصي خاڪا
| شخصي خاڪا
| 2016ع
| 2016ع
|-
|-
| 15
| الف ب ٻ ٻاراڻا ٻول
| الف ب ٻ ٻاراڻا ٻول
| درسي ڪتاب
| درسي ڪتاب
| 2014ع
| 2014ع
|-
|-
| 16
| اچو سنڌي پڙهون
| اچو سنڌي پڙهون
| درسي ڪتاب
| درسي ڪتاب
| 2013ع
| 2013ع
|-
|-
| 17
| دل جي ڳالهہ
| دل جي ڳالهہ
| مضمون، ڪهاڻيون، ۽ ڊراما
| مضمون، ڪهاڻيون، ۽ ڊراما

ورجاءُ بمطابق 07:00, 12 جنوري 2019ع

فائل:ShamsuddinUrsani.jpg
ڊاڪٽر شمس‌الين عرساڻي
مختصر تعارف
نالو شمس‌الدين عرساڻي
والد جو نالو نور محمد عرساڻي
والده جو نالو نعمت جهان
ڄم جي تاريخ اپريل 2، 1937ع
وفات جي تاريخ آگسٽ 22، 2017ع
زوجہ رضيہ عرساڻي
فرزند نور محمد، ضياءُالدين، امتياز، احسان
نياڻيون ميمونہ، سنڌيہ
ڪرت سرڪاري ملازمت (استاد)
شهريت پاڪستاني
قوميت سنڌي
تعليمي قابليت پي ايڇ ڊي
سڃاڻپ نقاد، تعليمدان، پروفيسر، سماجياتداد
تعليمي ڀاڱيداري سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اوسر پيڙهڪا جو قيام، 12 تعليمي ادارن جو قيام

تعارف

ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي (1937 کان 2017) جي سڃاڻپ هڪ سنڌي ٻوليءَ جي چاهڪ طور ٿئي ٿي. هُو سنڌي ٻوليءَ جي پهرين تنقيد نگار طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عرساڻي سنڌي جو پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ ٿي گذريو آهي، ڊاڪٽر عرساڻيءَ سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڪتاب سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي پنهنجي خاص جڳهه والارين ٿا. هن تنقيد نگاري کان علاوه سنڌي ٻولي، سنڌي مختصر ڪهاڻين، ٻاراڻي ادب، سائنسي ادب ۽ نصاب تي پڻ ڪم ڪيو آهي. هن ادب جي ڊرامہ ۽ شاعريءَ وارن گوشن کي پڻ ڇهيو آهي. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جا ترجما ”رني ڪوٽ“ ۽ جڳ مشهور ڪتاب ڪاسماس جو ترجمو ”آفاق“ سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر عرساڻي سرگرم حياتي گذاريندي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ تعليم لاءِ پڻ تمام گهڻو جاکوڙيو. هن سال 2002ع ۾ اوسر پيڙهڪا نالي سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ امانتاڻو قائم ڪيو، جنهن جي هٿ هيٺ سنڌي ذريعہ تعليم جا 10 ادارا هلي رهيا آهن.

شروعاتي زندگي

ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي 2ئين اپريل 1937ع ۾ هالا نوان جي شهر ۾ پيدا ٿيو پر ٻن سالن جي عمر ۾ ئي سندن وڏن حيدرآباد شهر جون گهٽيون اچي آباد ڪيون. ان سبب ڊاڪٽر عرساڻي سموري تعليم حيدرآباد ۾ ئي پرائي. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جو ٻن سالن جي عمر ۾ والد عبدالله عرساڻي گذاري ويو. سندس پرورش سندس ماءُ ۽ مامن ڪئي. سندس هڪ ڀاءُ ضياءُالدين ۽ هڪ ڀيڻ نعمت جهان هئي، جيڪي ٻالڪ پڻي ۾ ئي هي دنيا ڇڏي هليا ويا. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ رهجي ويو.

تعليمي ڪَريئر

ڊاڪٽر عرساڻي پرائمري تعليم حيدرآباد جي هوپفل اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن تہ ميٽرڪ جو امتحان نورمحمد هاءِ اسڪول، انٽر سچل آرٽس ڪاليج ۽ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ جي موضوع تي 1980 ڌاري پي ايڇ ڊي جي سَنَدَ پڻ ورتي.

پروفيشل ڪريئر

ڊاڪٽر عرساڻي سرڪاري نوڪريءَ ۾ سڀ کان پهرين قانون واري کاتي ۾ بحيثيت سرشتيدار پير پاتو، پر جلد ئي هن ان ملازمت کي الوداع چئي پنهنجي مزاج مطابق 1961ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ بطور اسسٽنٽ ماسٽر پنهنجي ڪريئر جو آغاز ڪيو، هن سڪرنڊ ٽرينڱ ڪاليج ۽ حيدرآباد جي اليمينٽري ڪاليج ۾ پڻ بحيثيت استاد جي ڪم ڪيو، ڊاڪٽر عرساڻي 1966 ۾ سموري ويسٽ پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن سان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورمينٽ ڪاليج لطيف آباد ۾ ليڪچرار بڻيو، هن گورنيمينٽ ڪاليج ٽنڊو محمد خان کي بحيثيت ليڪچرار پنهنجا ست سال ڏنا ۽ پرنسيپال جي حيثيت سان گورنمينٽ ڪاليج ماتلي ۾ ٻه سال ڪم ڪيو. هن رٽائرمينٽ تائين پنهنجون خدمتون گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي عطا ڪيون، جتان هو ويهين گريڊ ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

ايوارڊ

ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترين ئي ادبي، سماجي توڙي سياسي تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ عطا ڪيا ويا، جنهن ۾ ترقي پسند پارٽي طرفان مادر وطن جو ايوارڊ ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي ايوارڊ سرفهرست آهن، ڊاڪٽر عرساڻي پاڪستاني سرڪار جي سنڌي ٻوليءَ سان مخاصمت واري رويي جي احتجاج ۾ حڪومت سنڌ طرفان ملندڙ نئين زندگي ايوارڊ کي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪتابن جي فهرست (ببليوگرافي)

شمار نمبر ڪتاب جو نالو نوعيت اشاعت جو سال
1 اخلاق ۽ ڪردار ٻاراڻو ادب 1976ع
2 سنڌي ادب ۾ تنقيد تنقيد 1990ع
3 آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر پي ايڇ ڊي ٿيسز 1980ع
4 لاکو ڦلاڻي ٻاراڻو ناول 1982ع
5 فن شخصيت ۽ انداز شخصي خاڪا 2001ع
6 آزاديءَ ۾ اسير مختصر ڪهاڻيون 2002ع
7 سائنس افسانا سائنسي ادب 2008ع
8 نئون ڇٽيهہ لکڻو ٻاراڻو ناول 1985ع
9 سنڌي ورجيسي ٻولي سنڌي پهاڪا، ۽ چوڻيون 1997ع
10 سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ ايم اي ٿيسز 1965ع
11 سنڌي ٻوليءَ جي سکيا استادن لاءِ رهبر 1970ع
12 سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا لسانيات 2010ع
13 اوسر پهاڪاتي لغت پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت 2015ع
14 شخص ۽ عڪس شخصي خاڪا 2016ع
15 الف ب ٻ ٻاراڻا ٻول درسي ڪتاب 2014ع
16 اچو سنڌي پڙهون درسي ڪتاب 2013ع
17 دل جي ڳالهہ مضمون، ڪهاڻيون، ۽ ڊراما 2018ع

ڊراما

ان کان سواءِ ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ پاڳل پاڳل دنيا، شائق لطيفي، ۽ انسپيڪشن جهڙا ڊراما پڻ تحرير ڪيا آهن.

ٻيو ڪم

ڊاڪٽر عرساڻي، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ماهوار، ٽماهي، ڇهہ ماهي ۽ ساليانہ ميگزينن ۽ روزانہ اخبارن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مضمون ۽ ڪالم لکيا، ان سان گڏ ڊاڪٽر عرساڻي اردو اخبار روزانہ جنگ ۾ پڻ ثقافت ڪي حقيقت جي نالي سان ڪيتري عرصي تائين آرٽيڪل لکيا، ڊاڪٽر عرساڻي، ٽہ ماهي اوسر رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تقريبن ۾ صدارتي خطاب وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو اصل مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.