ارتقا: جي ورجائن ۾ تفاوت
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) Removed redirect to ارتقاءُ ٽيگَ: ھٽايل چورڻو موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 1: | سِٽَ 1: | ||
[[File:Ape_skeletons_sd.png]]|frame|انسان نما باندرن جا هڏاوان ڍانچا]] |
|||
[[File:Evolution.png|thumb|]] |
[[File:Evolution.png|thumb|]] |
||
ورجاءُ بمطابق 10:13, 9 آگسٽ 2018ع
ارتقاءُ جو مطلب حياتيات جي سائنس مطابق اهو آهي تہ سمورا جاندار ماضيءَ ۾ ڪنهن هڪ ئي جاندار مان وجود ۾ آيا آهن. هاڻوڪا سمورا جاندار پنهنجن ابن ڏاڏن وٽان ترقي ڪندا موجوده منزل تائين پهتا آهن. ارتقا ۾ تبديليءَ جو ماپو هڪ ٻن نسلن سان نٿو لڳائي سگهجي، هلڪي ارتقائي تبديليءَ جي ماپ لاءِ به لکين سال گهرجن ٿا. يعني موجوده ڪتو پنهنجن جهنگي ابن ڏاڏن وٽان ڇڄي هڪ ڌار جنس تڏهن بنجي پيو جڏهن هن جو تعلق پنهنجي جهنگلي ابن ڏاڏن سان بلڪل ختم ٿي ويو. هن وقت ڪتا فقط انساني آبادين ۾ ئي رهن ٿا.
ارتقا جي نظريي جي حامين مطابق اڄ جا يا ماضيءَ جا سمورا جاندار پنهنجي هڪ ئي اوائلي جاندار ابي مان پيدا ٿيا آهن. ارتقائي تبديلي نسل در نسل ايندي آهي جيڪا جاندار جي موروثي مواد تي تمام آهستگيءَ سان مسلسل اثرانداز ٿيندي رهندي آهي. سائنسدانن مطابق جاندارن جي ارتقا هميشه کان ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي.