ڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ڌرم: Dharma: ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 6: سِٽَ 6:
ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي (Existing in all eternity).<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}{{Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}}}
ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي (Existing in all eternity).<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}{{Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}}}
</ref>
</ref>

== حوالا ==
{{حوالا}}

ورجاءُ بمطابق 08:00, 13 مَئي 2018ع

ڌرم: Dharma:

ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو ڄمي ٿو، سو اوس مري ٿو. دنيا ۾ رهي ماڻهو پاڻ پتوڙي، ڌن مال ڪٺا ڪري ٿو، پر آخر سڀ اتي ئي ڇڏي ٿو. مٽن مائٽن مان ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونه ٿو ٿئي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو اڪيلو ئي اڪيلو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ اهڙن خيالن ماڻهن ۾ قيامت ۽ پرلوڪ جا خيال پيدا ڪيا. وقتي مئل مائٽ سُپني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انهن کي دکي يا سکي ڏسجي ٿو. اهڙين ڳالهين پوءِ جي دک سک جا خيال جاڳايا. ائين ڌرم جي خيال جو بنياد پيدا ٿيو، ۽ پوءِ هرهڪ قوم پنهنجي پنهنجي نموني ڌرم تي هلڻ جون واٽون ٺهرايون[1]

”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ: ”ڌرم“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڌر“ معنيٰ ڌارن ڪرڻ يا جهلڻ. ڌرم هڪ جهلو يا ٽيڪ آهي، جنهن جي آڌار تي هيءُ سارو سنسار هلي ٿو. رگ ويد ۾ ”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ آهي ”قائدو“. جيئن راجا جي ٺهرايل قاعدي پٽاندر حڪومت جو چرخو هلي ٿو، تيئن ايشور جي اِڇا موجب سنسار جو ٻيڙو ڌرم تي هلي ٿو، جيڪي ست آهي، سو ڌرم آهي. جيڪا نيتي آهي، سا ڌرم آهي. ائين ڌرم لفظ کي نهايت ڪشادي معنيٰ ملي آهي. انسان جا جيڪي به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. دان پڃ ڪرڻ ۽ ٻيا نيڪ اخلاق توڙي اهي ڪم جي آتما کي سنتوش ڏيندڙ آهن، سي سڀ ڌرم جي ڌاڳي ۾ پوتل آهن. انهيءَ ريت ڌرم جو نالو هن لوڪ توڙي پر لوڪ سان آهي. جيڪو ڌرم سنسار جي ڳالهين سان سٻنڌ رکي ٿو، سو ”پرورتي ڌرم“ سڏجي ٿو، ۽ جو موڪش (مڪتي يا نجات) سان لاڳاپو رکي ٿو، سو ”نِورتي ڌرم“ ڪوٺجي ٿو. ڌرم جي انهن ٻنهي پرڪارن جو وستار ويدن جي براهمڻن، اُپنشدن ۽ ٻي ڌرمي شاسترن ۾ آهي. سڀني شاسترن جو مول ويد آهن، تنهنڪري هندو ڌرم عام طرح ”ويدڪ ڌرم“ سڏجي ٿو. ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي (Existing in all eternity).[2]

حوالا

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1}سانچو:Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.}