سنڌ يونيورسٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م clean up using AWB
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 60: سِٽَ 60:


[[عڪس:سنڌ_يونيورسٽي_لوگو.png |thumb|left|{{مبسس4}}سنڌ يونيورسٽي]]
[[عڪس:سنڌ_يونيورسٽي_لوگو.png |thumb|left|{{مبسس4}}سنڌ يونيورسٽي]]
'''سنڌ يونيورسٽي''' (English: [http://en.wikipedia.org/wiki/University_of_Sindh University of Sindh]) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.
'''سنڌ يونيورسٽي''' (English: [http://en.wikipedia.org/wiki/University_of_Sindh University of Sindh]) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.<br>


== تاريخ ==
== تاريخ ==

ورجاءُ بمطابق 16:43, 29 اپريل 2018ع

سنڌ يونيورسٽي
UOS logo.png
قسم Public
سرگرم 1947 (1947)
چانسلر سنڌ گورنمنيٽ
وائيس چانسلر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي
پتو ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان
ڪيمپس علامه آءِ آءِ قاضي
رنگ سُرمئي سائو, ڪارو            
ويب سائيٽ www.usindh.edu.pk
هي صفحو تازو ڪريو
هي صفحو تازو ڪريو

هي صفحو
تازو ڪريو

فائل:سنڌ يونيورسٽي لوگو.png
سنڌ يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي (English: University of Sindh) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.

تاريخ

University of Sindh Gate

پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ممبئي“ هُئي جيڪا آزاديءَ کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ اداري جي ضرورت پئي ۽ قانوني شق نمبر XVII تحت ”يونيورسٽي آف سنڌ“ جي نالي سان هڪ بِل قانونساز اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو جيڪو سنڌ کي پڻ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت هو.

ورهاڱي کان پوءِ 1947 کان 1955 تائين حيدرآباد کي سنڌ جِي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي کي پڻ 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هِن تعليمي اداري کي فعال بڻايو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ پهريون شعبو ”ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن“ (تعليمي شعبو) قائم ڪيو ويو جنهنکي پوءِ ”فيڪلٽي آف ايجوڪيشن“ جو نالو ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به شعبا شامل ڪيا ويا ته يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ماحول سرگرم ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هڪ ٻيو ڪيمپس کولڻ جِي ضرورت محسوس ٿِي، جيڪو حيدرآباد شهر کان 15 ڪلوميٽر اولهه_اُتر طرف ڄامشورو ۾ ”علامه امداد علي امام علي قاضي“ جي نالي سان ٺهيو.

ادارو

سنڌ يونيورسٽي جو انتظام ڄامشورو ڪيمپس ۾ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ وٽ آهي، هِن اداري جي انتظام هيٺ 4 ”لاء ڪاليج“ ۽ 74 ”ڊگري ۽ پوسٽ گريجوئيٽ“ ڪاليج پڻ آهن. تعليم جِي پکيڙ جي حوالي سان سنڌيونيورسٽي جا 9 ٻيا به ڪيمپس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آهن.

ڪيمپَس

سنڌ يونيورسٽي جا ٻه مُکيه ڪيمپس (1 ۽ 2) آهن ۽ سَتَ (7) وڌيڪ ڪيمپس (3 کان 9) پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

  1. علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس، ڄامشورو، سنڌيونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس.چانسلر جي نالي سان لاڳاپيل آهي
  2. ايلسا قاضي ڪيمپس، حيدرآباد، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس.چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي جَرمَن گھرواريءَ جي نالي سان لاڳاپيل آهي.
  3. سنڌيونيورسٽي لاڙ ڪيمپس، بدين
  4. سنڌيونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس
  5. سنڌيونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس
  6. محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيمپس، دادُو
  7. سنڌيونيورسٽي نوشهرو فيروز ڪيمپس
  8. يونيورسٽي آف صوفي_ازم اينڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ ڪيمپس
  9. سنڌيونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس

انتظاميه

سنڌيونيورسٽيءَ جو مکيه انتظام ڄامشورو ۾ وائيس.چانسلر جي هٿ هيٺ هوندو آهي. ڪيمپس ۾ سَتَ شعبه، فارميسي، ايجوڪيشن، اسلامڪ اسٽڊي، سوشل سائنس، نيچرل سائنس، آرٽ، ڪامرس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هر شعبو هڪ ”ڊِين“ جي انتظام هيٺ هوندو آهي، ”ڊين“ کي وائيس.چانسلر مُنتخب ڪندو آهي. هر شعبي جي الڳ عمارت آهي.

تعليم ۽ ڊگري

يونيورسٽيءَ ۾ انڊرگريجوئيٽ بيچلر، بيچلرس آنرس ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ماسٽر ڊگري ۽ ايم.فِل توڙي پِي.ايڇ.ڊي پروگرام لاءِ رهنمائي پڻ ڪئي وڃي ٿِي.