بين الاقوامي ترقياتي ائسوسئيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بين الاقوامي ترقياتي ادارو يا انٽرنيشنل ڊوليپمنٽ ايسوسئيشن (International Development Association IDA) عالمي بئنڪ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪو ترقي ڪندڙ ملڪن کي سڌيون امدادون ڏيڻ بدران، وڏي مُدي تائين جاري رهندڙ رٿائن 35 کان 40 سال لاءِ بنا وياج قرض مهيا ڪندو آهي، تہ جيئن اُهي پنهنجي سماجي ۽ معاشي ڍانچي جي مضبوط اوسر ڪري سگهن. هي ادارو عام طرح پرائمري تعليم، بنيادي صحت جي سهوليتن، صاف پاڻيءَ جي فراهمي، ماحولياتي بهتري ۽ ٻين اداراتي حوالن سان ملڪن کي قرض مهيا ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پوئتي پيل مُلڪ پنهنجا بُنيادي مسئلا حل ڪندي، ترقيءَ لاءِ حالتون سازگار ڪن ٿا. هيءُ ادارو عالمي بئنڪ وانگر پنهنجا فنڊ رکڻ بدران، مڪمل طور ميمبر امير مُلڪن جي طرفان ملندڙ رقم تي مدار رکي ٿو. هيءُ ادارو 24 سيپٽمبر 1960ع ۾ قائم ٿيو ۽ سندس مرڪزي دفتر واشنگٽن ڊي-سي ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-03-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.