بخت نصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بخت نصر قديم زماني جي هڪ سرڪش حڪمران جو نالو، جيڪو بابل جو بادشاھ هو ۽ جنھن يروشلم کي ٻہ دفعا تباھ ڪيو هو. هن کي ”نبوڪد نصر“ بہ چوندا آهن. هن عيسويءَ سال کان 562 سال اڳ وفات ڪئي. پنھنجي عھد حڪومت ۾ مصري فوج کي، جيڪا فرعون جي ڪمان هيٺ هئي، شڪست ڏنائين. 597 ق. م ۾ هن يھوديہ جي بغاوت کي ختم ڪري، ’صدقياه‘ کي تخت تي ويھاريو. بخت نصر جي دور ۾ بابل کي عروج حاصل ٿيو، جنھن جا هن وقت محل، مندر ۽ کوهن وغيره جا آثار کوٽائي ڪري نروار ڪيا ويا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]