ايس. آر. رائو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شڪاريپورا رنگناٿ رائو
فائل:ShikaripuraRanganathaRaoPic.jpg
پيدائش شڪاريپورا رنگناٿ رائو
01 جُولاءِ 1922(1922-07-01)
آنندپورم، ساگر تلڪ، شموگا ضلعو، اڳوڻي ميسور رياست (ڪرناٽڪا)
وفات 3 جنوري 2013 (عمر 90 سال)
قوميت انڊين
پيشو ماھر آثار قديم

ايس-. -آر-. راءُ، ڀارت جو جديد -آثار قديمه- جو ماهر ۽ وڏو محنتي شخص هو. هن سڄي عمر قديم آثارن جي کوجنا ۽ کوٽائي ڪئي. هن لوٿل ۾ سنڌو سڀيتا بابت هڪ ڪتاب تيار ڪيو. -ان- کان سواءِ هن ڪرناٽڪ جي قديم مصوريءَ تي به معياري -تحقيق- ڪئي. هن هندستان جي سامونڊي ڪنارن وارن قديم آثارن تي به کوجنا ڪري هڪ بهترين ڪتاب تيار ڪيو. سندس هڪ ڪتاب Decipherment of Indus Script وڏي اهميت رکي ٿو. هن رکل داس کان پوءِ موهن جي دڙي تي ڪم ڪيو. -ايس-. -آر- راءُ جي اها دعويٰ آهي ته هو موهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي لکيل اکر پڙهي سگهيو آهي. هن جو خيال آهي ته سنڌي -ٻولي- آرين جي ٻوليءَ کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ سنڌي -ٻولي- دراوڙي ٻوليءَ سان بلڪل واسطو نٿي رکي. هن جو هڪ ضخيم ڪتاب “Dawn and Devolutions of the Indus Civilization”1991ع ۾ دهليءَ مان شايع ٿيو. اُن ڪتاب جي هڪ باب جو ترجمو محترم عطا محمد ڀنڀري ”سنڌو لکت ۽ -ٻولي-“ جي عنوان سان ڪيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جي راءِ آهي ته سنڌو لکت، براهمي ۽ سامي لکت کان آڳاٽي آهي. هن اهو به چيو آهي ته براهمي لکت سنڌي تصويري آئيويٽا -تان- ورتل آهي. هن کوجنا ڪري ٻڌايو آهي ته 17 نشآنيون اهڙيون آهن، جيڪي سامي ۽ سنڌو لکت ۾ ساڳيون آهن ۽ 16 نشانيون اهڙيون آهن، جيڪي سنڌو ۽ -برهمي- لکت سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]